• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي ايم سيد چيو: مان ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو: ڄام ساقي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڄام ساقيءَ جو انٽرويو ڪجھه سال اڳ، روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ سندس سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيو هو جنهن ۾ لکيائين ته مان ۽ جي ايم سيد جناح اسپتال، ڪراچيءَ ۾ داخل هئاسون ـ هڪ ڏينهن جي ايم سيد پنهنجي ڪمري ۾ مون کي چيو: در ۽ دريون چڱي ريت بند ڪر ۽ مون ائين ڪيو ـ جي ايم سيد چيو: مان ذوالفقارعلي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو پر سياسي مصلحتن سبب پبلڪ ۾ اهڙي ڳالهه ڪونه ٿو ڪري سگھان ـ
نوٽ: اهڙي انٽرويو جي تصديق روزاني عوامي آواز ۽ ڄام ساقيءَ کان ڪري سگھجي ٿي جڏهن ته مون پنهنجي طرفان ڪو به تبصرو ڪونه ڪيو آهي، سو قومپرست مون سان بدتميزي نه ڪن ته بهتر ـ
 
Back
Top