محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سال 1972 واري ٻولي ايڪٽ ۾ سنڌي ٻولي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي، هنگامن کانپوءِ رڳو وضاحتي آرڊيننس آيو پر سنڌي ٻوليءَ جي اها حيثيت پوءِ به برقرار رهي پر ڪوڙا سنڌي قومپرست، سنڌ کي ٽوڙڻ جي خواهشمند ايم ڪيو ايم جي ونگار وهي اڃا تائين ٻه لساني صوبي جي ڪوڙي پرچار ڪري رهيا آهن ـ
هنگامن دوران اردو پريس دٻاءُ وجھڻ لاءِ هندوستان جي ڊمي اخبارون ۾ ڪوڙا مضمون ڇپرائي يا انهن جي نالن ۾ پاڻ لکي، هتي شايع ڪرايا جن ۾ شهيد ڀٽي جي خاندان تي ڪريل ۽ ذاتي حملا ڪيا ويا هئا ـ اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو هو جو شهيد ڀٽي سنڌ کي ٻه لساني صوبو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوجنهن تي هو آخري دم تائين قائم رهيو ـ
انهيءَ سلسلي ۾ ماهوار لاهور جي اردو ڊائجسٽ (ايڊيٽر الطاف قريشي) ڀٽي صاحب جي خاندان تي ڪريل ۽ ذاتي حملا ڪري هندوستاني پريس جي حوالي سان مضمون ڇاپيو جنهن تي شهيد ڀٽي کيس وارننگ ڏيندي چيو ته: مان تو کان انهيءَ ڪريل حرڪت جو بدلو وٺندس، نه وٺي سگھيس ته منهنجو پٽ توکان بدلو وٺندو پر شهيد ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ کيس معاف ڪري ڇڏيو ـ
مون کي اچرج آهي ته ڪوڙا سنڌي قومپرست اهڙا مضمونن جا حوالا ڏين ٿا ۽ فيس بوڪ تي به ٻين جي نالن ۾ لکندا رهن ٿا جن ۾ پليجي گروپ جو آصف جھتيال به شامل آهي جڏهن ته سچائي اها آهي ته سارو گند اردو پريس سنڌ کي ٻه لساني صوبو نه ڊڪليئر ڪرڻ سبب بدنيتيءَ سان ڦهلايو هو ـ