وسري ويل نج سنڌي ڪيڏاري جو خالق خليفو نبي بخش لغاري تحرير: غلام شبير لغاري لاڙ پٽ جي محبوب خطي جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رهي آهي، لاڙ ڀاڳوڀان جي رزميه ڳاهن کان وٺي سنڌي ٻولي جي پهرين عورت شاعره مرکان شيخڻ جي لاڏن تائين ۽ قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ”نورالقرآن“ لکندڙ مولوي حاجي احمد ملاح کان وٺي ناليواري شاعر آڪاش انصاري تائين، سنڌي ٻولي جي ناٽڪ نويس حفيظ ڪنڀر جي لفظن ۾ ” لاڙ آرٽ جو زون آهي“ لاڙ جي لازوال شاعري ۾ هڪڙو اهڙو نالو جنهن نج سنڌي ڪيڏارو لکي هڪ تاريخ رقم ڪئي، خليفي نبي بخش قاسم اهو ڪيڏارو ٽالپرن جي حڪمراني واري دور ۾ 1834ع ڌاري سکر ڀرسان کرڙيءِ جي ميدان ۾ افغاني پٺاڻ شاهه شجاع جي خونخار ڪاهه تي ساڻس ٿيل جنگ جي پس منظر ۾ سرجيو، جيڪو سنڌي ٻولي جي مزاحمتي شاعري ۾ تاريخي جڳهه والاري ٿو، کرڙي کائي رت، ڀت نه وجھي وات ۾ پڙ ۾ پهلوانن جي ويٺي پرکي پت جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين سر ڪيڏارو جي بيتن ۾ مزاحمت، للڪار، بهادري، ۽ حب الوطني جا جذبا ملن ٿا، سنڌي سرويچن جي بهادري ۽ سورهيائي کي انوکي انداز سان سر ڪيڏارو ۾ ڳايو آهي؛ سوڀون سر گھرن، سر ري سوڀ نه سپجي سوڀ برابر سسيون، توريان تان نه ترن جي هينئڙي منجهه هرن، سي ملهه مهانگا سپرين بالاچ علي خان جي گھر 1776ع ڌاري بدين ضلع جي مٺي ٿري ۾ جنم وٺندڙ نبي بخش عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي، سندس ڏاڏو مرزا علي خان ڪلهوڙن ۽ پيءُ بالاچ خان ٽالپرن جي حڪومت ۾ خاص اهميت رکندا هيا. پيءُ جي وفات بعد نبي بخش کي مير ٺاري خان پنهنجو سئو سواري جو پروانو ڏيئي، سردار مقرر ڪيو، پر مجاز جي موهه، عشق جي چڻنگ دل ۾ دکندي ئي مير ٺاري جي دربار مان غير حاضر رهڻ لڳو، جڏهن مير ٺاري کيس گھرائي سبب پڇيو ته کيس جواب ڏنائين ”عقل گدڙ وانگر پنهنجي ڏر تي محڪم ويٺو هو پر عشق جي شينهن اچي گجگوڙ ڪئي تڏهن ويچارو گدڙ ڀڄي ويو“ اها محبت حاصل ڪري ساڻس پرڻو ڪيائين، پر جڏهن ته نفرت ۽ دشمني جي باهه جا الا ڀڙڪندي ڏٺائين ته اباڻا ڪک ڇڏي، ميرباگي جي جاگير بڊام جي پٽن تي اچي رهيو، پر اوچتو خوشين جا گل مرجهائجي ويا، ۽ هن کان سندس من جي مومل هميشه لاءِ وڇڙي وئي، سندس گھرواري جي موت کيس جھوري وڌو ۽ هي غم جي ٻاٽ اونڌاهين ۾ غرق ٿي ويو، کيس ماسات قاسم پير محمد راشد روضي ڌڻي جي درگاهه تي وٺي ويو، ته جئين سندس دل جو غبار هلڪو ٿئي، روضي ڌڻي رح کيس پنهنجو مريد سان گڏ خليفو مقرر ڪيو. خليفي نبي بخش قاسم شاعري ۾ شاهه لطيف کان پوءِ وڏي شاعر طور اڀري اچي ٿو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لطيف کي سنڌي شاعري جو سج ۽ خليفي کي چوڏهين جو چنڊ سڏيو آهي، خليفو کرڙي جي جنگي پس منظر بيان ڪندي جانثار سپوت پٽن جي سورهيائي جا گڻ ڳاتا آهن؛ ڪٽاري ۽ ڪات، من مرادون پنيون رت ڀريائون وات، مانجھين هڏ مڇائيا. ته جنگ جي ميدان مان ڀڄي جان بچائڻ وارن جوانن لاءِ چوي ٿو؛ جي تون ڀڄي آئين ڀڄڻا، ته آئون تنهنجي ڀيڻ نٿ تنهنجي نڪ ۾، وجھان ڏيئي ويڻ توڏي کڻان نيڻ، ته ڪر پسان پٽ کي. سنڌي، هندي، سرائڪي ۽ اردو ۾ شاعري ڪيائين، سندس شاعري ۾ جماليات جا جلوه آهن، عبدالواحد آريسر هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته ” آئون جڏهن خليفي جي شاعري پڙهندو آهيان ته هن جي شاعري منهنجي لاءِ ريشمي اڏام کٽولي بڻجي ويندي آهي، جنهن ۾ ويهي آءُ ڪڏهن چنڊ جي چهري کي چمندو آهيان ته ڪڏهن ستارن جي روشني ڦري، پنهنجي محبوبه جي وارن ۾ افشان وانگر ڇٽيندو آهيان، ۽ ڪڏهن آڪاش وانگر جھڪي پنهنجي ماتر ڀومي کي چمندو آهيان“ آريسر صاحب خليفي لاءِ چوي ٿو ته ” هو ڪٿي ڪٿي لطيف جو رستو به اورانگهي ويو آهي.“ ته مها ڪوي شيخ اياز جي لفظن ۾ ” جي لطيف نه هجي ها ته خليفو سنڌ جو لطيف هجي ها “ خليفي نبي بخش جي شاعري جو ڪلام سندس وفات جي 100 سالن کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪاوشن سان ڇپيو، انهي عرصي دوران سندس ڪلام جو گھڻو حصو لکت ۾ نه هئڻ سبب ختم ٿي ويو، سندس همعصر دوستن کي جيڪا شاعري ياد هئي، اهي به وفات ڪري ويا، ان جو اندازو سندس رسالي ۾ ڏنل سُر ليلان چنيسر ۾ هڪ بيت ۽ وائي مان لڳائي سگھجي ٿو. پر رهيل مواد سهيڙي 1966ع ۾ ”خليفي صاحب جو رسالو“ مارڪيٽ ۾ آندو ويو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن صحافي عثمان راهوڪڙو جي رپورٽن لکڻ کان پوءِ 40 سالن جي طويل عرصي بعد 2005 ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. جيڪو پڻ اڻلڀ آهي، اهو ئي سبب آهي جو خليفي جي شاعري عام پڙهندڙ تائين نه پهچي سگھي آهي. ”خليفو صاحب جو رسالو“ ۾ 29 سُر ڏنل آهن، جن ۾ ڪلياڻ، کنڀات، سر راڳ، سامونڊي، توڏي، سارنگ، ڪيڏارو، سسئي، سورٺ، بيراڳ هندي، جوڳ، جھنگلو، بروو سنڌي، راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، رپ، ليلان چنيسر، بلاول، ڏهر، ڪاپائتي، گھاتو، ڍولو مارو، مارئي، ڌناسري، پورب، آسا، ڪارايل، ڪاموڏ ۽ آخر ۾ متفرقه ڪلام ڏنل آهي، متفرقه ڪلام ۾ مداحون، نظم نڪتا تصوف جا، سي حرفي جنگ هير و مادر او، سي حرفي لولي، سرائڪي بيت محبت و مجاز، مولود ۽ ڪافيون، مناجات اردو، غزليات اردو هندي، وايون اردو، هندي، تپه، راسوڙا، سهرا، ڀڄن شامل آهن. سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ خليفو نبي بخش قاسم کي وڏو مقام حاصل آهي، سر سارنگ هن وائي سميت جماليات جي رنگن سان ٽمٽار آهي؛ مانگ ڀـڄايس مينهن، رات رمندي ڍول سين. مينهن ڀڄايس مانگڙي، نيڻ ٽمايس نينهن، سر چني، ڳل ڪنجرو، پُسيس پاندن سين، ڪانڌ نپوڙيس ڪپڙا، حاضر ويهي هينئن، قاسم ڪانڌ سهاڳڻيون، رمن راتو ڏينهن. نقادن سنڌي شاعرن جي ٽمورتي شاهه، سچل، سامي، ۾ به خليفي کي نظرانداز ڪيو، ڪنهن به خليفي جي شاعري ۽ زندگي جي پهلو تي تحقيق نه ڪئي، 2008ع ۾ ڊاڪٽر پروفيسر قادر بخش مگسي ”خليفي نبي بخش قاسمجي شاعري، کرڙي جي جنگ ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيل سر ڪيڏاري جو هڪ تحقيقاتي جائزو“ جي عنوان سان پي ايڇ ڊي ڪئي، هن ”ووڙيم سڀ وٿاڻ، ميهر جي ملڻ لئي“ وانگر ڪيترن درن تي ڀٽڪي، خليفي تي مواد ڪٺو ڪيو. خليفو نبي بخش جا ٻه پٽ هئا، سندس پوٽو خليفو غلام نبي پڻ وڏو شاعر هو، جنهن جو رسالو پڻ ڇپيل آهي، ۽ وري غلام نبي جو پوٽو خليفو احمد پڻ ڀلو شاعر ۽ سورهيه بادشاهه جي هلايل حر تحريڪ جو اهم ڪمانڊر هو، مونکي سنڌ ۾ خليفي جا ٻه سچا عاشق ڏسڻ ۾ آيا، هڪ پروفيسر قادر بخش مگسي ۽ ٻيو ناليوارو ليکڪ تاج جويو جنهن خليفي کي سمجھيو، ساڻس عشق ڪيو آهي، اهو خليفي جي هر سر جي بيتن ۾ سمجھي ۽ عشق جي اک سان ڏٺو آهي، هن خليفي جي شاعري جي رومانوي پهلوئن ۽ جماليات تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي، چوڏهين جي چنڊ شاعر جي سرجيل سٽ سٽ ۾ سونهن جي سڳند سمايل آهي، خليفي جو سر ڍولو مارو جو به جواب ناهي مارو هاٿي ميندڙي، ڍولي هاٿ ترار ڍولو ماري ايڪ دو، مارو لاک هزار سر ڍولو مارو جي ٻي بيت ۾ چوي ٿو؛ ڪونجان رات ڪُراريو، ٽولي ٽولي بيس ستي ڍول سنڀارئو، ماري اُرلي ڀاڳي ايس خليفي جي شاعري جو ڳچ حصو نه ملڻ سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو وڏو نقصان آهي، اهيا ميار ڪنهن کي ڏجي.؟ جو هيستائين ڪنهن به يونيورسٽي ۾ خليفو نبي بخش قاسم چيئر قائم نه ٿي آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي رکيل ”خليفو جو رسالو“ جو اپ لوڊ ته ٿيل آهي پر فونٽ جي غلطي سبب پڙهي نٿو سگھجي، پر اها درستگي عرصو گذري وڃڻ باوجود درست ناهي ڪئي وئي. حيرت جي ڳالهه آهي ته 152 سالن کان پوءِ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ خليفو عبدالخالق لغاري جي ڪوششن سان خليفي جي ورسي ملهائي وئي، هن سال به سندن ڪوششن سان 28 فيبروري تي 153 هين ورسي ملهائجي رهي آهي، ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو جڏهن ديوين ۽ ڄارين جي ويڙهه ۾ ورن وڪڙن واري رستي تان سفر ڪري ڳوٺ خليفو محمد هاشم لغاري ۾ خليفي نبي بخش جي مزار جي حالت ڏسي ڏک ٿئي ٿو، سندس مزار کي ڪلر کائي ويو آهي، پر وس وارن جي اکين تي اهڙا کوپا چڙهيل آهن جيڪي نه ڏسي سگھن ٿا ۽ نه وري خليفي جو ڪلام سمجهي سگھن ٿا.