لاڙ جي ڀلوڙ شاعر مجذوب لاشاري تي لکيل ” نيزا چٽين ٿو نينهن جا“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    لاڙ جي ڀلوڙ شاعر مجذوب لاشاري تي لکيل
    ” نيزا چٽين ٿو نينهن جا“


    غلام شبير لغاري

    دولت۽ عشق جي جنگ ۾ عشق جي عظمت کي سڃاڻي جاگيرن جي جهان کي لت هڻي محبت زنده باد جو نعرو لڳائي نينهن جي تاريخ کي نئون اتساه بخشيندڙ مير باگي خان جنهن سنڌ راڻي ” مريم “ جي مرڪن مٿان سموري جاگير ڇڏي عشق جي عصمت جو ڀرم رکيو ان جي نانءَ پويان جڙيل ٽنڊي باگي شهر جي ويجھو هڪ ڪوئل ڪوڪ جهڙي سريلي ڳوٺ حاجي ٻڍو خان جمالي ۾ خاڪ کي سون بنائڻ واري ڪرت هارپو ڪندڙ هڪ مسڪين ماڻهو محمود خان لاشاري جي ڪکائين جھوپڙي نما گھر ۾ 1932ع ۾ جنم وٺندڙ محمد صديق جي باري ۾ ڪنهن کي ڪل ڪانه هئي ته اڳيان هلي هي محمد صديق ”مجذوب“ ٿي ويندو.۽ ادب جي دنيا ۾ پير پائي شاعري جا واڄٽ وڄائيندو ۽ درد مند دلين جو ترجمان بڻجندو، جڏهن ٻالڪپڻ ۾ ڏکن جا ڏينهن واسينگن جيان ورائي ويندا آهن ته انهن زخمن جا عڪس اهڙا چٽجي ويندا آهن جو پوري زندگي انسان جي اندر ۾ اڻ مٽ ٿي پوندا آهن . محمد صديق کي جڏهن ڇهن سالن جي ڪچڙي ڄمار ۾ پيءُ جي وڇوڙي جو ڪان اندر ۾ کپي ويو ۽ کيس يتيمي جي ڌڪ گھائي وڌو ، هن وقت جي هر وار کي سيني تي سهي ستن سالن جي وحيءِ ۾ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو ، ۽ پندرنهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي اعلي ذهانت سان ٻهراڙي جي اسڪول مان سنڌي جا ست درجا پڙهي پورا ڪيا ،پنهنجي محنت سان 1950ع ۾ پرائمري استاد ٿي علم جي لاٽ جلائڻ ۾ جنبي ويو ،هن جي اندر ۾ ادبي اڃ هئي، کيس ٻالڪپڻ جي ڪچڙي وهيءِ کان ادب ۽ شاعري سان لڳاءُ هو ، پر جڏهن کيس ٻاراڻي ادب جي وڏي شاعر ۽ قابل استاد محمد صديق مسافر ،غلام محمد گرامي،ابراهيم خليل،شيخ عبدالله ”عبد“سميت مور ماڻهن جي صحبت ۽ ساٿ نصيب ٿيس ته هن جي اندر جو ڪويءِ جاڳي پيو ۽ باقاعدي پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ امنگن کي نظم ۽ نثر جي سڳي ۾ پوئي شاهڪار تخليقون سرجڻ شروع ڪيون .۽ 1960 ع کان سندس تخليقي پورهيو عام ٿيڻ لڳو مختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن تي ” مجذوب لاشاري “ جو نالو نمايان ٿيڻ لڳو. ”نئين زندگي “ ”مهراڻ“ ”اخبار تعليم“ سميت اخبارن ” عبرت“ ۽ ”الوحيد“ ۽ ” آزاد“ ٻين ۾ سندس تخليقون ڇپجڻ لڳيون،هن حمد ۽ نعتون پڻ لکيون پر هن جيڪو به لکيو واه جو لکيو پوءِ اهو نثر ۾ هجي يا نظم ۾ هجي ان ۾ پاڻ ملهايو

    الف ڌاران آئون ارب ٿو گھران
    وري کي بنا پڻ کرب ٿو گھران
    نه ئي جوڙ،ڪٽ،ونڊ سان واسطو
    سوا ضاد جي نت ضرب ٿو گھران

    هن جي سٽ سٽ ۾ سڳند ۽ سرهاڻ سمايل هئي ، سندس خوشبو جهڙا خيال نت نئين طرز سان سامهون اچن ٿا ته بي اختيار کيس داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگھجي، هن جي شاعري ۾ عشق ،سونهن ،وڇوڙي،انقلاب ، ۽ رومانس جا رنگ آهن ته قوم جي درد جا دونهان دکندي ڏسجن ٿا ته محبوب جي زلفن جو موه به ملي ٿو

    ور وجھي واسينگ وارا ،وار وانگوڙا ڪري
    سي وڻن ٿا واه مون جي ور ڏيو وارين ٿو

    ڏات اها شيءِ آهي جيڪا ڪنهن تي ڪيتري مهربان بڻجي ٿي ان تي ڪنهنجو به اختيار ناهي ، ”مجذوب “ تي ڏات جي ديوي اهڙي مهربان ٿي جو هن سنڌي الف ب جي ٻاونجاه حرفن سميت پڻ چار اضافي اُچارن تي غزليه ديوان لکي پورو ڪيو جيڪو اڃان تائين ڇپجي نه سگھيو آهي، هو غزل جي شاعر حافظ شيرازي کان گھڻو متاثر هو ، پر هن نظم، وائي، ڪافي، ۽ بيتن سميت مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، وقت جي ستم ظريفين تي ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو جو سنڌي ٻولي جي اهڙي محبوب شاعر جو ڪڏهن به قدر نه ڪيو ويو، سندس شاعري جي خيالن جي اڏام آڪاش جي وسعتن کي ڇهي ٿي ، سندس هي شاعري جون هي سٽون به من پاتال ۾ لهي وڃن ٿيون

    سينڌ سُرمي ري صنم تون صاف سنرو سون کان
    هوت هينئڙي هار توکي هار جو ڪهڙو ضرور
    ماهرُو محبوب موهي مُرڪ سان مارين مٺا
    جي حُسن حملو ڪري هٿيار جو ڪهڙو ضرور
    نت نهارڻ سان نوان نيزا چٽين ٿو نينهن جا
    هاج هئي هڪڙي وار جي ٻي وار جو ڪهڙو ضرور

    هن روايتي شاعري کان هٽي ڪري نت نئين انداز ۾ نئين شبيهون ڪتب آنديون ، تجنيس حرفي ۾ مولوي احمد ملاح وانگي هن به پاڻ ملهايو آهي ، سندس سٽ سٽ روح جي گھراين ۾ لهيو وڃي

    ” جام هٿ ۾ ”جام“ لب تي”جام“ پيتو ”جام“ کان
    ميڪدي ۾ ميڪشن جا ” جام“ ٽڪريا”جام“ اڄ

    ائين ئي هو هڪڙي غزل ۾ ڪيڏي خوبصورت انداز سان چوي ٿو

    مريضن ڪيترن کي ڏي دوا دلبر،
    دوا ڏيئي نه گھرندو آ دوا جو ملهه
    ساڳي غزل جي ٻي بند ۾ هيئن چوي ٿو
    ميانجي کائي پهرين پوءِ دعا گھرندو
    دعا کان اڳ وٺي پنهنجي دعا جو ملهه

    اسان وٽ اهو وڏو الميو رهيو آهي ته اهڙن ڀلوڙ شاعرن ،ليکڪن يا وري فنڪارن جي مالڪي نٿي ٿئي جيڪي معاشي طرح ڪمزور هوندا آهن، ”مجذوب“ جي قلمي پورهئي جو قدر نه ڪيو ويو ، ڇو ته هن ارڏي شاعر پنهنجي ڏات جي جبين کي ڪنهن وڏيري يا خان صاحب اڳيان نه جهڪائي.قلم جي عظمت جو تقدس رکيو ، درباري نه ٿيڻ جي قيمت به مجذوب کي ادا ڪرڻي پئي پر هو پهاڙن سان ٽڪرائڻ جهڙا حوصلا رکندڙ هو ، اهوئي سبب هو جو هن جي ڏات انهن حسابن جو ڇيد شاعري ۾ هيئن ڪيو ته

    چاپلوسي ۽ خوشامد ڪين ڄاڻان ٿو تڏهن
    خودپرستن کي هميشه آهيان اک ۾ ڪٽر

    پنهنجي غربت تي پيشمان نه ٿيو، پنهنجي اڏول جذبن سان وقت کي هيٺين بند ۾ تاريخ جي ستي هيئن پياري امرتا بخشيائين ته

    مسند نشين اوهان کي هجي مسند مبارڪ
    منهنجو ڇنل کٽولو مون لاءِ تخت آهي

    هن جي شاعري ۾ غريبن جي درد جو اولڙو پسي سگھجي ٿو ،هن نرالي انداز سان پنهنجي شاعري جي ڪينواس تي درد جا عڪس چٽيا آهن،سندس شاعري جا بند ظلمتن ذلالتن ۽ مسڪينن جي سڏڪن جا پڙاڏا لڳن ٿا، هو پنهنجي شاعري ۾ چوي ٿو

    چيو ڪنهن ته مسڪين ڇا حال آهي.؟
    چيائين ته دُک ، درد چارڻ ۽ وارڻ

    هن دقيانوسي نظام خلاف پنهنجي شاعري ذريعي آواز بلند ڪيو ، مسڪين ۽ محڪوم اٻوجھ ماروئڙن جي التجائن ۽ پڪارن کي شاعري جو لباس پارائي لوڪ اڳيان نروار ڪيو ، سماجي اڻبرابري ۽ حقن خاطر هن جو قلم ماٺ ۾ نه رهيو ، هن بي اختيار هي سٽون سرجيون ته

    هجي پيٽ ۾ بُک اگھاڙو بدن
    هي تقريرون تن لاءِ بڪواس آ

    پنهنجي وطن سان محبت ته شاعر جي نس نس ۾ سمايل هوندي آهي، ”مجذوب“ پڻ سنڌ جي عشق ۾ پي شعر لکيا، محبت ۽ عقيدت جا گل نڇاور پي ڪيا، پنهنجي شاعري ۾ ڪيڏي نه سهڻي انداز سان انهي کي اظهاري ٿو

    مست من مخمور دلڙي موج نت مهراڻ جي
    پير پاڻي ۾ وجھي ويٺو ڪپر تي لوڏيان
    هڪ ڦڙو سنڌو جو پاڻي موتين جي مٺُ تي
    مان نه ڏيندس! مان نه ڏيندس! ڇو ڏيان

    ” مجذوب“ ادبي ميڙاڪن ۾ حصو وٺندو رهندو هو ،سندس مٺي لهجي سبب ” شيرين زبان“ شاعر پڻ هو، سندس دوستن جو وڏو حلقو هو، جنهن ۾ ڪافي ادبي دنيا سان پڻ لاڳاپيل هئا، هن جي هينڊ رائيٽنگ پڻ تمام خوبصورت هئي ،مجذوب تي 1989ع ڌاري فالج جي بيماري حملو ڪيو. پر سندس حوصلا ڪڏهن به پست نه ٿيا، 8 جنوري 2003ع تي هن زمين ۽ آسمان ڏانهن نهار وڌي سندس چپن تي الوداعي مرڪ اٽڪي پئي ۽ هن جي روح جو پکيئڙو هي حد ڇڏي هن حد ڏانهن اڏامي ويو،هڪڙي اوڇنگار منڊل کي اداس ڪري ڇڏيو، جڏهن سندس مڙهه عالي شاه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو پي ويو ته ڪيترن وات اها وائي هئي ته مرد وڃي تنهنجي باقي وڃي ڪا ڳالهه رهندي، هن جي شاعري جو ڪتاب ڇپرائڻ واري خواهش به پوري نه ٿي سگھي ، هن بي قدري سماج جي ماڻهن ته سندس قدر ڪونه ڪيو ،هن ڪڏهن ڪنهن کي ڪا ميار به ڪونه ڏني ، اڄ تائين ڪنهن به ادبي اداري سندس ڪاوشن کي ڪا موٽ ڪونه ڏني نه وري سندس شاعري جو ڪتاب ڇپايو، مجذوب پنهنجي دوُر جو بهترين نثرنگار، شاه سائين کان وٺي قديم ۽ جديد شاعري جو ڄاڻو ،سٺو مقرر ۽ مهان استاد هو،هن جھڙا ماڻهو قوم جو ناز هوندا آهن، جڏهن به ادب ،شاعري ۽ استادي جو ذڪر ٿيندو ته” مجذوب“ کي علم ۽ ادب جي تاريخ نظرانداز ڪري نه سگھندي ،وري به شابس هجي هن جي استاد پٽ مراد ”مجذوب کي“ ( جيڪو پڻ شاعر آهي) تنهن پنهنجي والد ”مجذوب“ جو شاعري جو مجموعو ” هر دم آلا نيڻ “ پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپايو آهي، پر سندس مواد جو گھڻو حصو اڃان به ڪنهن جي انتظار ۾ آهي ته من ڪو صدين پڄاڻان قدر دان جاڳي پوي ۽ هن جي ڪاوش ۽ قلمي پورهيو علم جي اڃارن مسافرن جي اڃ اجھائڻ لاءِ هن جي شاعري جيان اندر جا ڏيئا روشن ڪري سگھي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو