مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
هميشه ڪوشش هوندي آهي ته اوهان جهڙن پيارن دوستن لاءِ ڪا سٺي ڳالهه شيئر ڪجي، جيڪا اوهان جي فائدي ۾ هجي..
بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي ته ويڌن اوهان ۽ اسان سڀني سان آهي ( جيڪي ملڪ پاڪ ستان ۾ رهن ٿا)، انهي لوڊ شيڊنگ يا اوچتي جهٽڪن جي ڪري اسان جو ڪمپيوٽر سسٽم جنهن ۾ اڳئي پائريسي واري ونڊو ٿيل هوندي آهي، اهو احتجاج ڪندي ونڊو کي ڪرپٽ ڪري ويهندو آهي.
هاڻي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ جو حل ڪهڙو هوندو.. ؟
گهڻا دوست انهيءَ حالت ۾ پيا ڪمپيٽر کي هلائيندا تان جو هڪ ڏينهن ڪمپيوٽر ويچارو وڏو ڪو نقصان ڏئي وجهي، يعني مائي ريم يا ڪاڪي هارڊ ڊسڪ ٻنهيءَ مان ڪا هڪ شئي ڪرپٽ ڪري وجهي..
يا وري توهان منجهان گهڻا ماهر (ايڪسپرٽ) حضرات ته دير ئي نه ڪندا، ونڊوز جي سي ڊي (جيڪا 25 يا 30 رپين تائين مارڪيٽ ۾ ملي ٿي) ان سان ڪمپيوٽر کي وري نئين زندگي ڏيڻ يعني ٻيهر ونڊوز ڪرڻ شروع ڪندا. بلڪل ڇو ته مان به پهرين ايئن ئي ڪندو هئس.. ادا اها وڏي نقصان جي شئي آهي ڇو ته ڪمپيوٽر ۾ روز روز ونڊوز ڪرڻ سان ان جي هارڊ ڊسڪ جي پرفارمنس ڏينهون ڏينهن خراب ٿي ٿئي۔۔.
پر هاڻي ايئن هر گز نه ڪبو، ڇو ته توهان جو ڪمپيوٽر ويچارو آهي ته ڏاڍو هوشيار پر کيس يادگيري ڏيارڻي آهي ته تون ۾ هي خرابي آهي ان کي درست ڪر.
اچو ٻڌايان ته اهو ڪيئن ٿيندو
پهرين ونڊوز جي هڪ سي ڊي کڻو ان کي سي ڊي روم ۾ انسرٽ ڪري بسم الله پڙهي ... اسٽارٽ مينيو جي اندر رن RUN ۾ وڃي هيٺين ڪمانڊ لکو...
Sfc /scannow
دير ئي نه ٿيندي...
هن تصوير وانگر اوهان جي ڪمپيوٽر تي اسڪرين اچي ويندي ۽ اوهان جو ڪمپيوٽر، هن ڪمانڊ جي مدد سان ونڊوز جي ڪرپٽ فائلن کي سي ڊي ۾ موجود فائلز سان تبديل ڪري ريڪور ڪندو.
مست جي هن ننڍي ٽپ تي ڪمينٽس ضرور ڏيندا...