• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي قومپرست، ڪتابڙو لکي شهيد ڀٽي طرفان سنڌين کي نوڪريون ۽ داخلائون ڏيڻ تي سخت ارها هئا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مون کي انهيءَ وقت سخت صدمو رسيو جڏهن هڪ سنڌي قومپرست تنظيم (سنڌ دوست رابطا ڪائونسل، سنڌو واس پبليڪيشن) هڪ ڪتابڙو “پيپلز پارٽي ۽ سنڌ” (سال 2013) ڪڍيو جنهن ۾ لکيائون: ڀٽي صاحب سنڌين کي نوڪريون ۽ سنڌين کي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏئي ميرٽ جي منهن تي دانگي ملي ڇڏي هئي ـ سچ پڇو ته مان ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڪيتري دير تائين سوچيندو رهيس ڇاڪاڻ ته سندن رمارڪ مان اهو پتو پوي پيو ته:
01ـ شهيد ڀٽي کان اڳ، نوڪريون ۽ داخلائون صرف ميرٽ تي ملنديون رهنديون هيون ـ
02 ـ سنڌين کي جيڪڏهن اڳ نوڪريون ۽ داخلائون نه مليون ته انهن ۾ اهليت ئي ڪونه ڪئي ـ

حقيقت اها هئي ته ون يونٽ يا جنرل ايوب خان جي دور ۾ ڪيترن ورهين تائين سنڌ (ڪراچي الڳ هئي) جي ڏهن ضلعن ۾ هڪ به سنڌي ڊپٽي ڪمشنر يا وري ڊويزنل ڪمشنر ڪونه هوندو هو، البت هڪ وقت ۾ عيساڻي صاحب حيدراباد جو ڊپٽي ڪمشنر ضرور ٿيو هو ـ
مان انهيءَ دوست جو نالو سوڀ مخزن ۾ کيس ڏنل تفصيلي جواب ۾ لکي چڪو آهيان، هاڻ وري لکڻ جو ارادو ڪونه اٿم، متان اهو تاثر نه اڀري ته منهنجي هن سان ڪا ذاتي دشمني آهي جڏهن ته مان ساري زندگي ساڻس مليو ڪونه آهيان ـ

جيڪڏهن شهيد ڀٽي سنڌين کي نوڪريون ڏنيون ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏنيون ۽ انهيءَ ڪارڻ کيس ميرٽ جي اصول تان ٿورو هٽڻو پيو ته انهيءَ ۾ حرج ڪونه هو، آخر سنڌي قومپرستن کي ڇو مرچون لڳيون؟ ڇا لياقت علي خان، جنرل ايوب خان وغيره سنڌين کي نوڪريون نه ڏئي ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه ڏئي بهتر ڪيو هو ڇاڪاڻ ته سنڌين ۾ اهليت ڪونه هئي؟ افسوس سنڌي قومپرستن جي ذهنيت تي آهي جيڪي سنڌين کي نوڪريون ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائون ملڻ تي سخت ارها هئا ـ
 
Back
Top