• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

PHONTO - هر قسم جي سنڌي فونٽ ۾ ڊزائن لاءِ بهتر ايپ

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
اسلام عليڪم دوستو،
ڪلهه ايس ايم صارم جي Photex Pro جي باري ۾ پوسٽ نظر مان گزري. بيشڪ اها هڪ سٺي ايپليڪشن آهي پر مان چاهيان ٿو ته اوهان Phonto کي به آزمائي ڏسو. Phonto هڪ سادي پر طاقتور ايپليڪشن آهي. اوهان هن ۾ پنهنجي پسند جو ڪيبورڊ استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ اوهان جي ڊزائن ۾ هي ايپليڪشن پنهنجو لوگو به نه ڇاپيندي. وڊيو سکيا حاضر آهي، گڏ هن ايپليڪشن ته ڪيل ڪجهه نمونا به پيش آهين.

اپليڪشن جي لنڪ: https://play.google.com/store/apps/details?id=com.youthhr.phonto&hl=en

سنڌي فونٽس لاءِ: http://font.sindhsalamat.com/

نمونا:

12373335_1733577730199340_163854145157541650_n.jpg

5868_1739429422947504_549715009393860217_n.jpg

12391227_1733242633566183_2522115764728388269_n.jpg

828_1763691380521308_1093857533491321715_n.jpg

12717997_1772584009632045_7716397063272599158_n.jpg
 
تمام سهڻي ڪوشش ڪئي وئي آهي ، سهڻي سمجهاڻي سان گڏ ، رات جيئن ئي ٽائيم مليو ته آزمائي ٿا ڏسون ، لک قرب اوهانجا ، سدا سلامت هجو
 
سوچيم پئي ته صارم جي آندل موضوع جو هن ايپ سان ڀرپور جواب ڏبو... پر هائي ڙي قسمت... گوءِ وري به توهان ئي کڻي ويو.... مٿان وري موبائيل اسڪرين ريڪارڊنگ سان سمجهائي اصل ڪمال ڪري ڇڏيو... جيڪو استادن کي حيران ڪري ڇڏي... ان شاگرد کي به ڇا چئجي... :)
اصل واه واه ٿي وئي..
جيڪڏهن ساٿين سان ان موبائيل اسڪرين ريڪارڊنگ ايپ بابت به ڪو الڳ موضوع ونڊيو ته يقينن کوڙ مسئلا سلجهائيندڙ ملي پوندا... :)
خير ڪجهه به هجي هاڻي سليمان وساڻ کي احساس ٿيڻ گهرجي ته هر وقت ڊيزائين جوڙي فيس بوڪ تي موڪلي حيران ڪندڙ رڳو هوُ اڪيلو نه رهندو... :)
 
سجاد يار توهان ته ڪمال ڪري ڏيکاريو، مون وٽ به اها ايپ انسٽال ٿيل هُئي پر استعمال ڪونه ڪئي هئم ۽ اَن_انسٽال ڪري ڇڏي هئم، ڇو ته آئون اڊاب جو هيراڪ آهيان ۽ جنهن کي ايڊاب جو نشو لڳل هُجي ان کي ته ڪورل به مزو ڪانه ڏيندي آهي. :) :)
بحرحال هڪ صلاح پيو ڏيان، جيڪي نموني خاطر تصويرون رکيون اٿئي انهن کي ته ڪنهن ٻئي هنڌ اپلوڊ ڪر يا سنڌسلامت تصوير اپلوڊر ذريعي اپلوڊ ڪرينس، تاڪه فيسبوڪ جون لِنڪس ختم ٿين..
اصل ۾ فيسبوڪ پنهنجا سرور مٽائيندو رهي ٿو:eek: تنهنڪري اِهي تصويرون ڪُجهه ڏينهن کان پو غائب ٿي وينديون ۽ پو نمونا ظاهر نه ٿيندا.. ;)
 
سائين اوهان کي پوسٽ وڻي، منهنجي محنت سجائي ٿي. باقي استاد استاد هوندو آهي.
موبائل اسڪرين رڪارڊنگ باري ۾ جلد ئي موضوع شروع ڪريان ٿو سائين.
 
ڪوشش ڪريان ٿو....
 
سائين اوهان کي پوسٽ وڻي، منهنجي محنت سجائي ٿي. باقي استاد استاد هوندو آهي.
موبائل اسڪرين رڪارڊنگ باري ۾ جلد ئي موضوع شروع ڪريان ٿو سائين.
موبائل اسڪرين رڪارڊ جي باري ۾ ڪجهه جلدي ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي
 
ادا فوٽن جو ڪو مسئلو ناھي ڊائون لوڊ ڪري يا بليو ٽوٿ ڪري انسٽال ڪري سگھو ٿا.
 
موبائل اسڪرين رڪارڊ جي باري ۾ ڪجهه جلدي ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي
اطهر سائين، مون وٽ screen recorder pro آهي. پر ان جي استعمال لاءِ موبائل فون جو root هجڻ شرط آهي. تمام بهترين اپليڪيشن آهي.
 
ادا سٺي ڪوشش. پر ڀاءُ اسان جي به ڪجهه رهنمائي ڪريو ته اسان اينڊريوئڊ موبائل ۾ مختلف سنڌي فونٽ ڪيئن استعمال ڪريون. اميد ته سَولي سنڌي ۾ سُهڻي سمجهاڻي سان ساٿي رهنمائي ڪندا. لک لائق
 
ادا سٺي ڪوشش. پر ڀاءُ اسان جي به ڪجهه رهنمائي ڪريو ته اسان اينڊريوئڊ موبائل ۾ مختلف سنڌي فونٽ ڪيئن استعمال ڪريون. اميد ته سَولي سنڌي ۾ سُهڻي سمجهاڻي سان ساٿي رهنمائي ڪندا. لک لائق
مختلف سنڌي فونٽ استعمال ڪرڻ لا پهرين پنهنجي سيٽ کي روٽ ڪرڻو پوندو.
ان معتلق توهان جي رهنمائي اسان جو پيارو دوست فاروق سومرو ڪري سگهي ٿو.
 
Back
Top