• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ڀٽي جي ايمانداريءَ جي جماعت اسلامي به قائل هئي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ايمانداريءَ جي ٻيو ته ٺهيو پر جماعت اسلامي به قائل هئي جيتوڻيڪ اها ته شهيد ڀٽي جي سخت سياسي دشمن هئي ـ جماعت جي اڳواڻ پروفيسر غفور جو بيان ڪيترا ڀيرا قومي ميڊيا ۾ آيو ته ڀٽي صاحب سان ڪيترا به اختلاف ڇو نه هجن پر مٿس ڪرپشن جو الزام هرگز ڪونه هو ـ
هڪ ڀيري مان عوامي آواز جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان سندس آفيس ۾ عذرخواهي ڪرڻ ويس ته اتي پروفيسر غفور به انهيءَ مقصد سان الڳ آيو هو ـ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن منهنجي موجودگيءَ ۾ شهيد ڀٽي جي ايمانداريءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ چيائين ته مٿس ڪرپشن جو الزام هرگزڪونه هو ـ
 
Back
Top