خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 06 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سپرماڊل گرل ايان علي کي سزا، 5 ڪروڙ روپيا ڏنڊ، 5 لک ڊالر ضبط (خبر)
* * عاشقن جو اصل امتحان ته هاڻ شروع ٿيوآهي، ڏسون! پيسا ير ٿو ڀري؟ (تبصرو)

* سرڪار قانون کي رانديڪو بڻائي ڇڏيو آهي: چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ (خبر)
* * نه ته اڳوڻو ڪٻاڙي نواز شريف، قانون کي ڪٻاڙخانو بڻائي ها (تبصرو)

* شريف ڪٽنب ساري دولت غريبن ۾ ورهائيَ سادي حياتي گھاري: تهمينا دراني(خبر)
* * چري...!! ڇو ٿي، وزيراعظم نواز شريف جي هارٽ فيل ڪرائين؟ (تبصرو)

* آئيس لينڊ جي وزيراعظم، ڀيڻ جو نالو پاناما ليڪس ۾ اچڻ تي استعيفا ڏئي ڇڏي (خبر)
* * هت هزارين ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مري ويا پرقائم علي شاهه پچر نٿو ڇڏي (تبصرو)

* لياري بينظير يونيورسٽيءَ جي وي سي اختر بلوچ 90 سيڪڙوغيرقانوني ڀرتيون ڪيون(خبر)
* * بابيَ جي جاگير سمجھي مائٽ ۽ دوست ڀرتي ڪيا هوندائين نه (تبصرو)
 
Back
Top