محمد خان سيال
سينيئر رڪن
20 ڊسمبر 1971 تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ٿيو ته ڪجھه وقت کانپوءِ، جي ايم سيد ساڻس ملڻ ايوان صدر ويو هو ـ شهيد ڀٽو ، جي ايم سيد جي وڏي عزت ڪندو هو ـ ٻولي ءَ جي زبردست هنگامن کانپوءِ شهيد ڀٽي جي ايم سيد سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ کيس اسلام آباد ۾ انهيءَ موضوع تي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت به ڏنائين پر جي ايم سيد معذرت ڪئي ۽ قاصي فيض محمد، انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو ـ
بهرحال، جيڪو وضاحتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو، جيئن نالي مان ظاهر آهي، تنهن موجب سنڌي ٻولي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي برقرار رکي وئي ۽ سنڌ کي ڪنهن به اسٽيج تي ٻه لساني صوبو قرار ڪونه ڏنو ويو هو ـ مون پاڻ آرڊيننس پڙهيو هو ۽ اهو منهنجو کليو کلايو چيلينج آهي ـ.
جي ايم سيد لاءِ شهيد ڀٽي جي محبت جو ڪاٿو ان کان لڳائي سگھجي ٿو ته کيس آڇ ڪيائين ته هو دادوءَ مان پير علي محمد راشديءَ جي صوبائي اسيمبلي جي اميدوار طور حمايت تان هٿ کڻي ته هو سندس (جي ايم سيد) جي مقابلي ۾ پ پ پ اميدوار (ملڪ سڪندر) کان هٿ کڻائيندو پر جي ايم سيد پير علي محمد راشديءَ جي حمايت ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ـ ياد رهي ته بدنام ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ ايوب کهڙي سان گڏ پير علي محمد راشديءَ جو به هٿ هو ۽ سنڌي، ٻنهي کي غدارسنڌ سڏيندا هئا ـ