جامي چانڊيو گورنر راڄ سان سنڌ جي خراب حڪمرانيءَ جو انت اچي سگهندو؟

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    گورنر راڄ سان سنڌ جي خراب حڪمرانيءَ جو انت اچي سگهندو؟


    جامي چانڊيو

    سنڌ جي عجيب بدقسمتي آهي، جو جنهن سنڌ هن ملڪ کي جمهوريت ۽ حقيقي وفاقيت جي دڳ تي آڻڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، جدوجهدن جي مهنداري ڪئي، ان جي نالي ۾ جڏهن سويلين راڄ جي شروعات ٿئي ٿي ته ان جو کٽيو هن صوبي جو عوام نه، پر اهي عوام دشمن طبقا کائين ٿا، جن جو عوام جي بنيادي مفادن سان ڪو به تعلق نه آهي. بدقسمتي ته اها به آهي، جو جنهن پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، ويندي سندن ٻئي عالمي سطح جا اڳواڻ يعني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جان به اسٽيبلشمينٽ سان ان تضاد ۾ وئي، جڏهن کين 2008ع ۾ ملڪ ۽ سنڌ ۾ اقتدار جون واڳون مليون ته سنڌ جي عوام کي جمهوريت لاءِ ان جدوجهد جي، جيڪا سزا سنڌ ۾ بدترين حڪمرانيءَ، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ادارن جي تباهيءَ جي صورت ۾ ملي آهي، ان چڱن ڀلن ماڻهن جو جمهوريت تان ئي ارواح کڻائي ڇڏيو آهي. جيڪو ظاهر آهي ته هڪ عارضي جذباتي ردعمل آهي، جنهن کي جائز قرار ڏئي نه ٿو سگهجي، جو اهو ڏوهه جمهوريت جي نظام جو نه، پر ان پيٽ پرست ۽ ڪوتاهه نظر طبقي جو آهي، جنهن پنهنجي مفادپرستيءَ سبب عوام جي هڪ حصي کي نفسياتي ۽ سياسي مونجهارن جي اهڙي پدَ تي پُڄايو آهي. سنڌ جي بدقسمتي ته اها به آهي، جو سنڌ جي قومي سياست پنهنجي ڪارڪنن جي ڏهاڪن جي پورهئي، سندن جدوجهد ۽ انيڪ تحريڪن ۽ عوام جي موٽ ملڻ باوجود سنڌ ۾ وڏيرڪي سياست کي اهو ڪاپاري ڌڪ نه هڻي سگهي، جنهن ڪردار جي تاريخ کانئس گُهر ڪري رهي هئي. اُهي اڄ به جيڪڏهن پنهنجي مجموعي ڪردار ۽ ڪارڪردگيءَ جو حقيقت پسنديءَ سان جائزو وٺي ۽ ان مان ڪي ٺوس نتيجا ڪڍي پاڻ کي وقت ۽ حالتن جي معروضي محرڪن سان هم آهنگ ڪن ته هو ڏاڪي به ڏاڪي ڪاميابين ڏانهن وڏيون ٻرانگهون ڀري سگهن ٿا، پر في الحال اهو پنڌ پري ٿو ڏسجي.

    سنڌ جي وڌيڪ بدقسمتي اها چئبي، جو موجوده حالتن ۾ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف جيڪو متبادل اتحاد جُڙيو آهي، ان ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جن سنڌ ۾ سدائين اسٽيبلشمينٽ جي ڪُلهن تي چڙهي سياست ڪئي آهي ۽ هميشه اقتدار ۾ پير نه رڳو چور دروازي کان پاتو آهي، پر سندن پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ جو حال پيپلز پارٽيءَ جي دور کان به بدترين هو. مظفر شاهه، لياقت جتوئي ۽ ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ اقتدار جي مسند تي ڪيئن ويٺا هئا ۽ سندن دور ۾ سنڌ ۾ اصل حڪومت جون واڳون يا ته ايم ڪيو ايم وٽ هيون يا اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ وٽ. اهو سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بدترين حڪمرانيءَ جو مٿن ٿورو آهي، جو اڄ هو وري نئون چوغو پائي عوام آڏو اچي پاڻ کي پيش ڪرڻ جي قابل ٿيا آهن، نه ته سندن دورن ۾ سنڌ، ان جي وسيلن ۽ خودمختياريءَ جي ڪهڙي ڀيل ٿي، اهو هڪ کُليل راز آهي ۽ ايتري پراڻي ڳالهه به ناهي، جو ماڻهن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويو هجي.

    تازو عمرڪوٽ ۾ هڪ جلسي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڪجهه اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته هڪ جهڙي تهڙي ئي سهي، پر جمهوري سيٽ اپ ۾، جنهن ۾ چونڊيل اسيمبليون، حڪومتون موجود آهن، اُتي هڪ صوبي ۾ گورنر راڄ جو مطالبو ڇا جمهوري مطالبو آهي؟ جي نه ته پوءِ الائنس کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي نالي ۾ ”ڊيموڪريٽڪ“ لفظ وجهڻ جو تڪلف نه ڪرڻ گهرجي. اهو مطالبو ان ڳالهه جي ثابتي ڏئي ٿو ته الائنس جا اڪثر اڳواڻ ۽ گروهه جيئن ته ماضيءَ ۾ جياپو حاصل ڪندا ئي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان آهن، سو هن ڀيري به کين سنڌ جي بدترين حڪمرانيءَ جو حل وري به ڏانهن واجهائڻ ۾ ئي نظر آيو. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ بدترين حڪمراني ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ هٽي نه ته جمهوريت جي مفاد ۾ آهي، نه سنڌ ۽ ان جي عوام جي مفاد ۾، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن جمهوري نظام ۾ صحتمند چٽا ڀيٽي عملي طور بند ٿي وڃي ۽ سماج تي ڪن مخصوص پارٽين جي ڊگھي مدي واري هڪ هٽي قائم ٿي وڃي ته پوءِ ان جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪرندو آهي، جيڪو اسان سنڌ ۾ بدترين ۽ ڪرپٽ حڪمرانيءَ جي صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون. ان هڪ هٽِي قائم ٿيڻ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڪو ڪمال ڪونهي، پر ٻين روشن خيال ڌرين جي ناڪامي ۽ اهي مجموعي رياستي ۽ سماجي حالتون آهن، جيڪي هن اسٽيٽسڪو کي قائم رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهو صحيح آهي ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گورننس نهايت خراب آهي. اها به حقيقت آهي ته سنڌ ۾ کانئس ڪنهن بهتر متبادل جو به في الحال ڪو امڪان اُڀرندي نظر نه ٿو اچي، پر ڇا ان جو حل اسٽيبلشمينٽ ڏانهن واجهائڻ، مرڪز کي مداخلت جون اپيلون ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ جا غير جمهوري مطالبا ڪرڻ ۾ آهي؟ مان سمجهان ٿو ته هيٺين ٽن سببن جي ڪري اهڙو مطالبو يا رويو ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو نه آهي.

    (1) دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ۽ خاص طور ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جمهوري نظام ۾ حڪمرانيءَ جو انداز خراب ۽ ڪرپٽ آهي ۽ هوندو آهي، جنهن جي يقيني طور مذمت ۽ مزاحمت ڪرڻ گهرجي، پر ان جو حل ان نظام جي تڏا ويڙهه، اسيمبلين جي وجود کي تسليم نه ڪرڻ يا گورنر راڄ جا مطالبا ڪرڻ ۾ ناهي هوندو. سڄيءَ دنيا ۾ جمهوريت جو اهو مڃيل اصول آهي ته ان ۾ ادارن جي صلاحيت ۽ فعاليت، حڪومتن جي ڪارڪردگيءَ ۾ مثبت تبديلي ۽ مجموعي طور بهتر حڪمرانيءَ جي ضمانت جمهوريت جي تڏا ويڙهه ۾ نه، پر عوام جو وڌيڪ باشعور هجڻ، حقيقت ۽ ساک واري مخالف ڌر، آزاد ۽ ذميوار ميڊيا، متحرڪ سول سوسائٽي ۽ حڪومتن جي جمهوري احتساب ذريعي هوندي آهي، جيڪي سمورا سفر هتي کُٽل يا ڪمزور آهن، پر ان جي باوجود جمهوريت جي معيار جي بهتر ٿيڻ جي ضمانت ان جي نفيءَ ۾ نه، پر ان جي تسلسل ۾ هوندي آهي. انهيءَ ڪري جمهوريت جو مثال نلڪي سان ڏنو ويندو آهي، جيڪو هڻبو آهي ته شروع ۾ گپ ايندي آهي، پوءِ ميرو پاڻي ۽ پوءِ جيڪڏهن اهو نلڪو استعمال ٿيندو آهي ته نيٺ صاف پاڻي ايندو آهي. دنيا ۾ جتي به اڄ جمهوريت عوام ڏانهن ذميوار نظر اچي ٿي، اها رات وچ ۾ ڪو نه ٿي آهي، پر ان جي بهتر حڪمراني ان جي تسلسل جو نتيجو ۽ ان لاءِ لازمي عنصرن جي متحرڪ ۽ ذميوار ڪردار جي ڪري حاصل ٿيندي آهي. جنهن ملڪ ۾ 70 سالن منجهان 43 سال آئين نه رهيو هجي ۽ باقي دورن ۾ به اصل حڪمراني چونڊيل ايوانن بجاءِ ڪنهن ٻي جاءِ تان ٿيندي هجي، اُتي تڪڙي تبديليءَ جي اميد جمهوري نظام مان نه ٿي ڪري سگهجي. ٻيو ڪو گس هن ملڪ لاءِ موزون نٿو ٿي سگهي، جو هي هڪ مڪمل طور ورهايل سماج ئي نه، پر انتهاپسند لاڙن جي ور به چڙهي چڪو آهي. سُست رفتار ئي سهي، پر هتي پُرامن جمهوري واري واٽ ئي سڀ کان موزون ۽ گهٽ نقصانڪار حل آهي.

    (2) جيتوڻيڪ هيستائين چونڊيل جمهوري حڪومتن به سنڌ جي وسيلن، ادارن ۽ اختيار جي ڀيل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، پر جي ڀيٽ ڪجي ته آمريتي درون ۾ به، جن ۾ سنڌ کي سڌيءَ ريت اسلام آباد يا راولپنڊيءَ مان هلايو ويندو آهي، سنڌ کي وڌيڪ ڪاپاري ڌڪ لڳا. ايوب خان، ضياءُالحق، پرويز مشرف جا 33 سال ان جا شاهد آهن، ان ڪري جيڪڏهن سنڌ ۾ حڪمراني خراب يا ڪرپٽ آهي ته ان جو ڪو حل هتي صوبي اندر سياسي جدوجهد ۽ عوام ڏانهن موٽ ۽ کين متحرڪ ڪرڻ بجاءِ گورنر راڄ يا جمهوري نظام جي نفيءَ يا سنڌ جون واڳون وري اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ کي ڏيڻ ۾ ڇو ڳولجي؟ ٽن آمرن جي 33 سالن ۽ ان کانپوءِ ڄام صادق، مظفر شاهه، لياقت جتوئيءَ ۽ ارباب غلام رحيم جي دورن ۾ سنڌ ۾ ڇا ٿيو، ڇا سنڌ کي وري ان دور ڏانهن ڌڪجي؟

    (3) سنڌ ۾ بدترين حڪمراني پنهنجي جاءِ تي، پر اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو آبادي غير سنڌين جي آهي ۽ وري به اها انڌي منڊي جمهوريت آهي، جنهن ۾ سنڌ جون واڳون اڪثريتي سنڌي ماڻهن جي هٿن ۾ اچن ٿيون ۽ متحده جهڙين قوتن کي سنڌ ۾ ايترو واڪ اوور نٿو ملي، جيترو ضياءُالحق، پرويز مشرف جي دورن ۾ مليو يا خود مظفر شاهه، لياقت جتوئي ۽ ارباب غلام رحيم جي دورن ۾ مليو. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي بدترين ۽ ڪرپٽ حڪمرانيءَ لاءِ هر سطح تي جمهوري طريقي سان سوڙهو ڪرڻ گهرجي، سندن لاءِ جمهوري طريقي سان ڌرتي تنگ ڪرڻ گهرجي ۽ کين مجبور ڪرڻ گهرجي ته سندن اهڙي حڪمراني سنڌ جو نصيب ناهي، پر سنڌ ۾ گورنر راڄ يا اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ ڏانهن واجهائڻ ۽ کين مداخلت جون دعوتون ڏيڻ جو مطلب سنڌ ۾ سياسي ۽ ايوانن جي جهڙي تهڙي حيثيت تان هٿ کڻڻ جي برابر هوندو. اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته هڪ ته سنڌ اسيمبليءَ مان ڪو سنڌ دشمن فيصلو ڪرائڻ ايترو سولو ناهي، جيترو اهو گورنر راڄ ۾ ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته گورنر ڪو عوام جو چونڊيل منصب ناهي ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ٻٽي مڪاني نظام وانگر سياسي حڪومت سنڌ جي مفادن خلاف فيصلو ڪندي ته به مٿس ايترو دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو، جو اها غلط فيصلا واپس وٺي، جيئن سنڌ جي باشعور عوام، اديبن، دانشورن ۽ قومپرست سياسي جماعتن توڙي باضمير صحافين ۽ ميڊيا ڪري ڏيکاريو. اهڙو امڪان وري به جمهوريت ۾ ئي ممڪن آهي. گورنر راڄ ۾ ڪهڙي ضمانت آهي ته اهڙا فيصلا نه ٿيندا ۽ ٿيندا ته عوام جي دٻاءَ تي واپس ٿيندا!؟

    (4) اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ هن ملڪ جي وفاق ۾ شامل هڪ وحدت آهي ۽ سنڌ جو وفاق سان تعلق هڪ آئين ۽ جمهوري پارلياماني نظام معرفت آهي، جنهن ۾ ڪنهن به صوبي جي صوبائي اسيمبلي کي وڏي بنيادي حيثيت حاصل هوندي آهي. جڏهن صوبي ۾ گورنر راڄ هوندو يا چونڊيل اسيمبلي جو وجود يا ڪردار نه هوندو ته پوءِ وفاق سان صوبن يا وحدتن جو سماجي معاهدو ختم ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪو به ڪنهن ڏانهن پابند نٿو رهي، ان ڪري موجوده حالتن ۾ وفاقي ۽ جمهوري نظام جي سوين خرابين باوجود سنڌ کي جيڪا ٽڪو پئسو وحدت ۽ محدود خودمختياريءَ جي ضمانت مليل آهي، اها آئين معرفت آهي. مثال طور وفاق صوبن جي ورهاڱي بابت ڪجهه به نٿو ڪري سگهي ۽ اهو استحقاق صوبن جو آهي. 18 هين آئيني ترميم ۾ قدرتي وسيلن ۾ اڌ صوبن جو آهي ۽ وفاق هاڻي صوبن جي مرضيءَ کانسواءِ ان ڏس ۾ به فيصلا نٿو ڪري سگهي، ان ڪري صوبي ۾ گورنر راڄ جو مطلب، صوبن جو وفاق سان عمراني معاهدو ختم ڪرڻ ۽ کين مڪمل طور وفاق جي رحم و ڪرم تي ڦٽي ڪرڻ جي مترادف آهي. اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته گورنر صوبي ۾ صوبي جي عوام جو نه، پر مرڪزي رياستي نمائندو هوندو آهي ۽ سنڌ هن ملڪ ۾ صوبائي خودمختياريءَ لاءِ سڀني کان وڌيڪ جدوجهد ڪئي آهي ۽ قربانيون ڏنيون آهن. پوءِ هاڻي جڏهن سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ خراب حڪمراني آهي ته ڇا ان لاءِ حڪومت تي گهربل دٻاءُ وجهجي يا مورڳو مطالبو ڪجي ته سنڌ کان اها انڌي منڊي خودمختياري به کسي، سنڌ کي مڪمل طور مرڪز ۽ رياست جي نمائندي گورنر جي رحم ڪرم تي لاوارث ڪري اُڇليو وڃي؟ خراب حڪمرانيءَ ۽ ڪرپٽ حڪومتن جو حل سندن احتساب ۾ هوندو آهي، نه ڪي نظام جي نفي ۽ صوبي جي چونڊيل ايوان کي رد ڪرڻ ۽ سنڌ کي رياست جي جهوليءَ ۾ اُڇلڻ ۾.

    مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي متبادل جو سوال اهم ئي نه، پر بي حد جائز به آهي، پر متبادل اُهي قوتون نه ٿيون ٿي سگهن، جيڪي پنهنجي سياسي ڪردار ۾ کائنس به بدترين هجن ۽ جن جو پنهنجو دامن هميشه داغدار رهيو هجي ۽ جن کي اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجي وفاداريءَ تي هميشه فخر رهيو هجي ۽ جي ايئن نه هجي ها ته ڇا سنڌ ۾ مظفر شاهه، لياقت جتوئي ۽ ارباب غلام رحيم به ڪڏهن وڏ وزارت جي منصب تي ويهي سگهن ها؟

    ان سموري پس منظر ۾ مان سمجهان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي به غور ڪرڻو پوندو ته اها سنڌ ۾ سندن بدترين حڪمراني ئي آهي، جنهن سدائين جمهوريت لاءِ وڙهندڙ سنڌ جي عوام جي هڪ حصي کي ايترو مايوس ڪيو آهي، جو ڏسڻا وائسڻا ماڻهو پڻ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مطالبي جي حمايت ڪري رهيا آهن يا اهو چون ٿا ته رستو ڪهڙو به اختيار ڪيو وڃي ۽ ڪير به اختيار ڪري، پر سنڌ جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بدترين حڪمرانيءَ مان جند آجي ڪرائي وڃي. ڇا اهو سندن لاءِ به آئينو ناهي، جڏهن سنڌ ۾ به اهڙا مطالبا ٿين ۽ ڪجهه ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به حمايتي طور اُٿي بيهن. کين ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي ماڻهن جي اها بيزاري جمهوريت کان ناهي، پر ان بدترين حڪمرانيءَ کان آهي، جنهن ۾ هڪ ڪرپٽ ۽ عوام جو رت پيئندڙ ٽولي سنڌ جي وسيلن، ادارن ۽ اختيارن جي ڀينگ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. پارٽيون اينديون وينديون، حڪومتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون، وزير ۽ وڏا وزير اڄ هڪڙا سڀاڻي ٻيا پر سنڌ کي سدائين هجڻو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ جمهوريت کان بيزاريءَ جو اهو رويو وڌيو ته اهو وڏو هاڃو هوندو، ڇاڪاڻ ته موجوده حالتن ۾ سنڌ کي ٽڪو پئسو بچاءَ جي ضمانت ۽ خودمختياري انهيءَ آئيني ۽ جمهوري راڄ ۾ آهي.

    مان سمجهان ٿو ته اهڙي مُنجهيل، مايوس ڪندڙ ۽ پيچيده صورتحال ۾ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جو ئي تاريخي فرض آهي ته اهي هڪ طرف موجوده ڪرپٽ، نااهل ۽ غير ذميوار حڪمرانن تي هر ممڪن دٻاءُ وجهن ته ٻئي طرف خراب حڪمرانيءَ جي بهاني جمهوريت، پارلياماني وفاقيت ۽ آئيني راڄ جي نفي ڪندڙ قوتن کي پڻ بي نقاب ڪن ۽ عوام کي چٽو ٻُڌائين ته سنڌ ۾ جيستائين سنڌي عوام پنهنجين سياسي وفادارين کي سٺي حڪمرانيءَ ۽ سنڌ جي وحدت جي ضمانت ۽ ترقيءَ جي ايجنڊا سان مشروط نه ڪندو، تيسين هڪ طرف لوڀي هوندا ته ٻيا وري انتظار ۾ ٺوڳي هوندا ۽ سنڌ جا نصيب ايئن ئي ڦٽل رهندا. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ کي بهتر حڪمراني، خودمختياري ڏکي سکي، دير سوير سست رفتاريءَ سان ئي سهي، پر وري به حقيقي وفاقي جمهوري ۽ پارلياماني نظام ۾ ئي ملي سگهي ٿي، غير جمهوري نظام ۾ هرگز نه.


    بشڪريه روزانه ڪاوش 5 اپريل 2016ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو