• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مزاحيه نظم خدا بچائي : جمن ڊي بلوچ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
مزاحيه نظم جمن ڊي بلوچ

خدابچائي

هر بيوفا يار کان
اڱاري جي واپار کان
قلم جي ته مار کان
خدا بچائي

2
وڏي ماکي جي ڏنگ کان
بوبڪن جي ڀنگ کان
طالبان واري جنگ کان
خدا بچائي

3
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کان
هر حڪيم نيم کان
نشي آفيم کان
خدا بچائي

4
پٺاڻ جي قرض کان
ڪوڙھ جي مرض کان
دوست لاغرض کان
خدا بچائي

5
ڇنل کٽ کان
پوليس جي وٽ کان
فقير ڀٽ کان
خدا بچائي

6
عورت جي مڪر کان
سهڻن جي چڪر کان
اجائي فڪر کان
خدا بچائي

7
عمران جي ڌرڻي کان
پيري جي پرڻي کان
اوچتي مرڻي کان
خدا بچائي

8
پوڇڙي جي زمينداري کان
سرڙئي هاري کان
باگڙي واپاري کان
خدا بچائي
 
Back
Top