• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڏھن جج پاڻ ناانصافي جو شڪار ٿين !

نياز الاهي

سينيئر رڪن
ڊسٽرڪٽ سيشن جج گهوٽڪي فرزانا شاهہ پوليس دٻاء ڪري دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي - ڇا چيف جسٽس ها۽ ڪورٽ سيد سجاد علي شاهہ ۽ آ۽ جي سنڌ اي ڊي خواجہ هن جي موت جو نوٽس وٺندا ؟
ذوالفقار قادري
ھن عدالتن ۾ جڏھن غريبن کي انصاف لا۽ ڌڪا ٿاٻا کائيندي ڏٺو تہ هن فيصلو ڪيو تہ هوء جج بڻجندي ٖ غريب ۽ بي پهچ ماڻھن جو آواز ٿيندي ٖ هو چاهي ها تہ ڪنهن ٻئي شعبي ۾ بہ وڃي سگهي پئي ٖ پر هن سنڌ جي عدالتي نظام جو حصو بنجڻ قبوليو ٖ سنڌ جي ويٽنام طور مشھوري ماڻيندڙ ضلعي دادو جي ميهڙ جي هڪ لکيل پڙھيل گهراڻي ۾ پهرين مارچ 1965ع تي جنم وٺندڙ فرزانہ انور شاهہ قانون جي ڊگري وٺڻ بعد ڪميشن امتحان نمايان نمبرن ۾ پاس ڪري 9 اپريل 1996ع تي سول جج طور سنڌ جي عدالتي نظام جو حصو بڻي ٖ فرزانہ شاهہ جو سمورو عدالتي ڪيريئر بي داغ رهيو ٖ هن جي مٿان ڪافي دٻاء بہ ايندا رهيا پر هن هميشہ انصاف پٽاندڙ فيصلا ڏنا ٖ هن پنهنجي وس آھر ڪيسن کي جلد اڪلايو ۽ بي پهچ ماڻھن لا۽ آٿت ٿي اڀري ٖ سنڌ جي عدالتي سرشتي هيٺ ڪم ڪندڙ 87 ڊسٽرڪٽ سيشن ججن واري سينارٽي لسٽ ۾ ھو هن وقت 14 نمبر تي هئي ٖ فرزانہ شاه کي ڪهڙي خبر هئي تہ روايتي سردارن ۽ خراب امن امان جي حوالي سان مشھوري ماڻيندڙ گهوٽڪي ضلعو سندس زندگي ۽ عدالتي ڪيريئر جي حوالي سان سندس آخري ضلعو ثابت ٿيندو ٖ ٿيو هيئن جو مارچ مهيني جي پهرين هفتي ۾ سول جج ميرپور ماٿيلو اعجاز علي شاهہ مختلف ڪيسن ۾ پوليس رڪارڊ پيش نہ ڪرڻ تي انسپيڪٽر رانا آصف کي پندرهن سو روپيہ ڏنڊ ۽ عدالت جي برخواست ٿيڻ تائين جي سزا ٻڌائي ٖ عدالتي ڪاروائي ختم ٿيڻ بعد انسپيڪٽر رانا آصف خير سان گهر روانو ٿي ويو ٖ پر ٻئي ڏينهن بلڊ پريشر وڌي وڃڻ سبب کيس دل جو دورو پيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو ٖ سندس پٽي ڀائين الزام مڙھيو تہ انسپيڪٽر راناآصف جو موت سول جج ميرپور ماٿيلو اعجاز شاه جي رويي سبب ٿيو آھي ٖ اهڙي صورتحال بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان سيشن ڪورٽ وڃي ڊسٽرڪٽ سيشن جج گهوٽڪي فرزانا شاه سان سندس چيمبر ۾ مليو ٖ فرزانا شاهہ سڄي ماجرا ٻڌڻ کان پو۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان کي چيو اوهان مون کي هن سڄي مامري جي رپورٽ لکت ۾ ڏيو اسين انڪواري ٿا ڪرايون چون ٿا جج فرزانا شاهہ جي اهڙي جواب بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان ساڻس انتهائي اڍنگو رويو اختيار ڪيو ٖ مٿان وري سون تي سهاڳي جيان رجسٽرار سنڌ ها۽ ڪورٽ جي صحيح سان 30 مارچ تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج گهوٽڪي فرزانا انور شاه کي فورن چارج ڇڏي سنڌ ها۽ ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو ويو ٖ سندس جا۽ تي امجد علي قاضي کي ڊسٽرڪٽ سيشن جج گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو ٖ اهڙي هتڪ آميز حڪم نامي ۽ رويي سبب فرزانا شاهہ کي صدمو رسيو ٖ ان صدمي ۾ سندس بلڊ پريشر شوٽ اپ ڪري ويو جيڪو سندس جي لا۽ دل جي دوري ۽ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ جو سبب بڻيو ٖکيس فورن سي ايم ايڇ پنو عاقل منتقل ڪيو ويو جتان کيس ايمرجينسي ۾ ڪراچي جي ساؤٿ سٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هوء پنهنجي زندگي ۽ انصاف جي آخري جنگ پهرين اپريل تي هارائي ويٺي ۽ لاڏاڻو ڪري وئي ٖعجيب اتفاق آھي فرزانہ شاهہ اپريل جي مهيني ۾ عدالتي نوڪري جوائن ڪئي ۽ اپريل ۾ ئي هن دنيا مان پنهنجو عدالتي ڪيريئر اڌ ۾ ڇڏي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي ٖ جن حالتن ۾ سندس موت واقع ٿيو آھي اهي ڪنهن کان ڳجهيون نہ آھن ٖ جڏھن سماج کي انصاف ڏيندڙ ماڻھو اهڙي دٻاء ٖ گهٽ ٻوسٽ ٖ ۽ ناانصافي وارن روين جو شڪار ٿين تہ پو۽ عام ماڻھو سان ڇا وهندو واپرندو هوندو ٖ سنڌ ها۽ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهہ ۽ سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل پوليس الهڏنو خواجہ لا۽ مشھور آھي تہ هو ڏاڍا انصاف پسند آھن ٖ ڇا هو نا انصافي جو شڪار ٿيل ڊسٽرڪٽ سيشن جج فرزانا شاهہ موت جي ڪارڻن ۽ فوت ٿي ويل پوليس انسپيڪٽر رانا آصف جي لاڏاڻي جي اصل سببن ڄاڻڻ لا۽ ڪا انڪوائري ڪميشن ويهاري سندس سان انصاف ڪري سگهندا ؟ - ناانصافي وگهي موت جو شڪار ٿيل هن خاتون جج سان انصاف نہ ٿيو تہ پو۽ سنڌ جي تمام ضلعن ۾ تعينات جج ۽ عدالتي اهلڪار پاڻ کي بيوس ٖ لاچار ۽ غير محفوظ تصور ڪندا- ٖ
 
Back
Top