• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 07 اپريل 2015

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* شوڪت خانم جي چندي کي، پراپرٽيءَ تي لڳايو ويو آهي: وزير پرويز رشيد (خبر)
* * جيئن نواز شريف سرڪار اوهان کي چمچاگيري ۽ بدتميزيءَ تي لڳايو آهي (تبصرو)

* ايان عليءَ جي پرڏيهه وڃڻ سان ڪهڙي قيامت ايندي؟ جسٽس اعجاز افضل (خبر)
* * غدارمشرف ته پرڏيهه ۾ پيو جاوا ڪري، ايان عليءَ تي ڪهڙي ميار؟ (تبصرو)

* سکر۾ پڦيءَ، ڀائيٽيءَ کي ڏيڍ لک روپين ۾ وڪڻي ڇڏيو (خبر)
* * لڳي ٿو اسان جي ماڻهن جو به دين ايمان، ڏوڪڙ ٿي ويو آهي (تبصرو)

* بلاول کان ننڍي اڳواڻ سان نه ملندس: جميل الزمان (خبر)
* * ڀلي ڪيڏا به احتجاج ڪريو پر آصف زرداريءَ کي عقل ڪونه ايندو(تبصرو)

* دهشتگردن “ڏکڻ پنجاب” ۾ پناهه ورتي آهي: فوجي ترجمان (خبر)
* * مطلب ته دهشتگردن “پنجاب” ۾ پناهه ورتي آهي (تبصرو)

* پارلياماني مورچو بند ڪري، قانونسازادارن کي سنڌ دشمنن حوالي ڪيو ويو آهي: قادرمگسي (خبر)
* * اجھو ٿا سنڌي قومپرست، روايتي گارين جو وسڪارو لائي ڏين (تبصرو)

* سنڌ ۾ 90 سيڪڙو زمينن جو روينيو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو(خبر)
* * خير سان، سنڌ سرڪار هڪ ته چڱـائيءَ جو ڪم ڪيو (تبصرو)
 
Back
Top