“پناما پيپرز” هنن حڪمرانن جو ڇا بگاڙيندا؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    “پناما پيپرز” هنن حڪمرانن جو ڇا بگاڙيندا؟

    شفيق شاڪر

    ڪو همراه مٺائيء جي دوڪان تي ويو۽لڏن جي ڪلو جو اگھ پڇيو.جواب مليو ته لڏن جو ڪلو 200 روپيا آهي.همراه لڏن جو ڪلو تورائي لڏون کڻي بنان پئسا ڏيڻ جي هلڻ لڳو ته دوڪاندار رڙ ڪئي، “ لڏن جا پئسا ته ڏيئي وڃ!”همراه پنهن جي کوپريء هٿ هڻندي مفڪراڻي انداز ۾ چيو،“ ڀلا هي جليبيون ڪيتري ڪلو آهن؟” دوڪاندار سمجھيو ته شايد هن غريب کان ڪا ڀل ٿي آهي.بهرحال هن همراه کي جواب ڏنو،“ جناب! جليبيون به ساڳيو اگھ آهن يعني 200 روپيا ڪلو.” همراه چيو، “ تڪليف معاف! هي لڏون واپس وٺ،مون کي جليبين جو ڪلو ڏيئي ڇڏ.” دوڪاندار لڏون واپس وٺندي همراه جي هٿن ۾ جليبين جو ڪلو ڏيئي ڇڏيو.همراه ساڳيء طرح پئسا ڏيڻ سواء ئي پنهن جو رستو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.دوڪاندار رڙ ڪئي،“ ميان! پئسا ته ڏي.” همراه دوڪان واري ڏانهن نهايت ئي ڪاوڙ واري انداز مان پڇيو،“ ڇا جا پئسا؟” ...“ جليبين جا ٻيو وري ڇا جا!” دوڪان واري حيرت مان چيو.“ جليبيون ته مون لڏن جي بدلي ورتيون آهن.“ همراه وراڻيو.“ سائين پر توهان لڏنن جا پئسا به ته مون کي ناهن ڏنا.” دوڪاندار معصوميت سان چيو.همراه جواب ڏنو،“ اڙي نادان! جڏهن مون لڏون توکي واپس ڪري ڇڏيا ته پوء لڏن جا پئسا ڇا جا!” ان لطيفي ۾ سمجھڻ لاء سڀڪجھ آهي. پنهن جي ملڪ ۾ قوم جو پئسو ڳڙڪائيندڙ طاقتور راڪاسن وٽ نه رڳو طاقت آهي پر مٿئين لطيفي جيان اهڙيون ته مڪاراڻيون منطقون ۽ دانائيء ڀريا دليل آهن جو قانون انهن جو ڪجھ به بگاڙي نٿو سگھي . وڪي ليڪس،ميموگيٽ،بي بي سي رپورٽس کان ويندي سري محل ۽ مني لانڊرنگ جي داستانن اڄ تائين انهن جو ڇا بگاڙيو آهي جو هاڻي پناما پيپر انهن کي پريشان ڪندا!اجايو ميڊيا ۽ ٻيون عوامي ڌريون انهن نان اشوز تي پنهن جو پئٽرول ساڙي رهيون آهن.جڏهن با بار اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هي ملڪ هڪ خاص قسم جي آسماني اشرافيا جي ذاتي جاگير آهي جن کي سزا ڏيڻ جو سوچڻ ته گناه پر صرف اهي ڪارناما جيڪي سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿا ،پاڪستان ۾ رڳو انهن کي دهرائڻ به ناقابل مغافي ڏوه آهي.اهي اهڙا ته عزتدار آهن جو جڏهن ڪو عالمي ادارو يا عالمي ميڊيا جو ڪو ذريعو سندن پرڪار پڌرا ڪري ٿو ته انهن جي خلاف هتڪ عزت جي ڪا دعوﻰ داخل ڪرڻ اڄ تائين ڪنهن عدالت ۾ وڃڻ جي جرئت نه ڪري سگھيا آهن پر پنهن جن ماڻهن ۽ پنهن جي ميڊيا تي ايترو شير بڻيل آهن جو صرف سندن نالو کڻڻ تي گلو دٻائڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا.اها ڪهڙي نئين يا حيرتناڪ خبر آهي جيڪا پناما پيپرز مان ٻاهر آئي آهي!هنن جي خلاف ته اڳيئي اهڙين ڪڌين حرڪتن جي فائيلن جون الماريون ڀريون پييون آهن.روڊن رستن، اورينج ٽرينن،ميٽرو بسن،سستي روٽي منصوبن،دانش اسڪولن کان ويندي غريب مريضن جون دوائون وڪڻي کائي ويا.امدادي ڪڻڪ هضم ڪري ويا،انڌن، ٻوڙن ۽ معذورن لاء بنيل بيت المال ۽ زڪوات فنڊن کي ڳڙڪائي ويا.ايستائين جو اسڪولن ۽ پوليس جون بجيٽون چٻاڙي ويا،عوامي خزاني جي اها ڪهڙي پيتي آهي جيڪا هنن خالي نه ڪئي هجي! وري سندن چهرا اهڙا معصوم جو معصوميت کي مٿانئن رحم اچي وڃي.پارسائيء جون دعوائون ايڏيون وڏيون جو پارسائي مٿانئن ناز ڪري.پناما کان وٺي پاڪستان تائين، سوئزر لينڊ کان ويندي سعودي تائين،قطر کان ويندي قراقرم تائين جتي به سندن شان ۾ ڪو گيت گونجي ٿو ته اهو سڀ سندن خلاف سازش کان سواء ٻيو ڪجھ به نه آهي!ملڪ جو نيڪ نمازي وزيراعظم قوم کي خطاب ڪرڻ لاء نمودار ٿئي ٿو ته انهن سنگين الزامن جو ڪو تسلي بخش جواب ڏيڻ بدران هتان هتان جا پراڻا قصا ٻڌائي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.پنهن جي سچاين،صداقتن۽ديانت جا داستان ٻڌائي ٿو.پنهن جي مظلوميت جا افسانا بيان ڪري ٿوانهيء ڳالھ کي نظرانداز ڪندي ته سندس خاندان جا فرد ان اسڪينڊل جو نه رڳو حصو آهن پر اهي اهڙو اعتراف به ڪري چڪا آهن ته انهن جون اهڙيون آف شور ڪمپنيون واقعي موجود آهن.جيڪر موجود آهن ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته انهن کي اهڙي آف شور ڪمپني جوڙڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ انهي ڪمپنيء ۾ لڳايل سرمايو ڪٿان آيو؟ پنهن جي مٽيء سان لازوال محبت جون دعوائون ڪندڙن کي قوم کي اهو به ٻڌائڻ گھربو هو ته آف شور ڪمپني ڇا ٿيندي آهي؟ ڪهڙيء طرح ملڪي ٽيڪس چورايو ويندو آهي. ان سڄي تقرير جو مقصد ڪهڙو هو اهو اسان جي سمجھ کان ٻاهر آهي.ملڪ سان محبت به آهي پر پئسو ملڪ کان ٻاهر لڳائينداسين.ايماندار به آهيون پر ٽيڪس چوري ڪرڻ لاء آف شور ڪمپنيون جوڙڻ واريو چالاڪيون به ڪنداسين.هن سڄي معاملي جي جاچ جي لاء عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو جيڪو اعلان ڪيو ويو اهو به محض غلط بياني ۽ دوکي تي مبني آهي. جوڊيشل ڪميشن بنائڻ لاء سپريم ڪورٽ يا هائي ڪورٽ جي ڪنهن حاضر سروس جج جو هئڻ لازمي هوندو آهي،نه ته اهڙي ڪمييشن کي توهان ڀلي ڪهڙو به نالو ڏ.يو پر اها جوڊيشل ڪميشن هرگز نٿي ٿي سگھي.اهڙيون انڪوائري ڪميٽيون اڳ ۾ به ڪيترن ئي معاملن تي ٺهنديون رهيون آهن پر نتيجو ڪهڙو نڪتو؟.هيڏي اهم معاملي کي جهڙيء طرح پاڪستان ۾ نظرانداز ڪيو پيووڃي ان جو مثال ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نظر نه ايندو. نيب،ايف آئي اي ۽ ايف بي آر اڃا تائين ڇو خاموش آهن؟ اڳ ۾ جيڪي ڪيس نيب وٽ زير سماعت آهن انهن ۾ نيب اڄ تائين ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن؟ چوڌري نثار صاحب جيڪو سنڌ ۾نيب ۽ ايف آئي جي ڪاروائين تي قانون جي برتريء جا راڳ ڳائيندي نٿي ٿڪو سو اڄ ڇو خاموش آهي؟ مقتدر ادارا ڇو بي حرڪت بڻيل آهن؟ هڪ سٽنگ وزيراعظم خلاف ڪا لولي لنگڙي جاچ ڪميشن جيڪا جاچ ڪندي سا سڀني کي ساري پيئي آهي.انهيء ڪري اسان چئون ٿا ته وڪي ليڪس، ميموگيٽ، بي بي سي رپورٽس کان ويندي سري محل ۽ مني لانڊرنگ جي داستانن اڄ تائين انهن جو ڇا بگاڙيو آهي جو هاڻي پناما پيپر انهن کي پريشان ڪندا! وڌيڪ اهو ته اليڪشن جي نالي ۾ نام نهاد “عوامي احتساب” جو نظام انهن جا سمورا پراڻا پاپ ڌوئي کين واپس ساڳين ئي ڪرسين تي پهچائيندو جن ڪرسين تي ويهي اهي وري عوام جي بربادين جي نئين تقدير لکڻ شروع ڪندا اندازو لڳايو ته آئيس لينڊ ۾ سندن وزيراعظم تي آيل ساڳئي قسم جي الزام تي انهن جي احتسابي ادارن کان پهرين اتان جو عوام روڊن تي نڪتو آهي.پر اسان وٽ حال اهو آهي جو.جن جي پئسي جي ستيا اهي حڪمران ناس ڪن ٿا اهو عوام ئي انهن کي ڪو سبق سيکارڻ بدران پنهن جن ڪلهن تي چاڙهي واپس انهيء ڪم سان لڳائي ٿو. پوء ان ملڪ ۾ اهو ئي ٿيڻ گھرجي جيڪو ٿي رهيو آهي!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو