السلام عليڪم سنڌسلامت دوستو! اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هوندا.. ڪافي ڏينهن کان پو هڪ وڊيو ٽٽوريل توهان جي آڏو آڻيان پيو، ڏسڻ نه وساريندا. (هن وڊيو ۾ ::: ڪمپيوٽر ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ، فونٽ انسٽال ڪرڻ ۽ مائڪرو سافٽ آفيس ۾ سنڌي لکڻ، فونٽ مٽائڻ شامل آهي)
ادا تمام سٺو پر اوهان کان بنا پُڇي مان هي ويڊيو پنهنجي بلاگ ۾ امبيڊ ڪري ڇڏيو آهي ناراض نه ٿيجو هتي ڪلڪ ڪريو
بهترين ادا. مهرباني ڪري هاڻي مونکي ٻڌايو ته اسان مائڪرو سافٽ ورڊ ڊائونلوڊ ۽ انسٽال ڪيئن ڪري سگهون ٿا. ڳن لاءِ به هڪ ويڊيو رڱو.
ادا عبيد اوھان جا لک قرب. اوھان جي موڪليل لنڪ تفصيل سان پڙھيم. ونڊو 7 يا 8 ۾ ڪمپيڪٽ سي ڊي کان سوا سنڌي آساني سان انسٽال ٿيو وڃي. پر ونڊو ايڪس پي ۾ ڪمپيڪٽ سي ڊي جو ھجڻ ضروري آھي. مون وٽ جيڪو ليپ ٽاپ آھي ان ۾ ونڊو ايڪس پي 2006 انسٽال آھي. پر ھن ليپ ٽاپ ۾ سي ڊي روم آھي ئي ڪونه. اھڙو ڪو طريقو ٻڌايو جو ڪمپيڪٽ سي ڊي کان سوا ونڊو ايڪس پي ۾ سنڌي انسٽال ٿي سگهي.
ممڪن آهي، مون انسٽال به ڪئي آهي سي.ڊي کان سوا. ان لا مونکي ونڊوز ايڪس پِي کولڻي پوندي.. اصل ۾ مون اهو طريقو 2014 ۾ استعمال ڪيو هو، هاڻ ته وسري ويو آهي پر هڪ ڀيرو ريجنل اينڊ لئنگيجز جو آپشن سامهون اچي ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو