جڏهن انگريز جو دور هيو تـ ڪنهن کي مجال ڪون هئي تـ ڪنهنجو حق کائي يا ڪنهنجي زيادتي ڪري! هر هڪ ساهـ وارو پنهنجي مستيءَ ۾ مگن سک جو ساهـ کڻدو هو ، عزت وارو پنهنجي جاءِ تي پنهنجي عزتِ نفس سان بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي زندگي گذاريندو هو ، مجال آ جو ڪو ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو ڪري يا ڪنهن سان ڪو ڏاڍائي ڪري ! جي ڪندو هو تـ ان کي جوڳي سزا ملندي هئي جنهن کي ڏسي عام عوام بـ سبق وٺندو هو ،غريب سڪون سان پنهنجي غريبي ۾ خوش هو، امير پنهنجي اميريءَ ۽ شان کي بلندي رکندي غريبن سان شفقت سان پيش ايندو هو ، هر عملدار پنهنجا فرائض خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو هو، اهو ڪونهي تـ انگريز کان اڳ سنڌ انڌيرن ۾ غرق هئي، يا سنڌ ۾ ناانصافي واڪا ڪندي هئي جنهن کي انگريز سرڪار اچي ٻنجو ڏنو، پر اهو ضرور هوندو آ تـ جتي حاڪم جي اقرباپروري هوندي آ اتي مڙئي ڇڏ ڇڏاءُ بـ هوندو آ ، ان ڪري جڏهن ڪو ڌاريو حاڪم هوندو تـ ان لاءِ سڀ برابر هوندا، ۽ فيصلا بـ برابريءَ جي بنياد تي ٿيندا، هُن لاءِ رشتيداريءَ جيڪا معنيٰ ڪون هوندي، ۽ انصاف جي راهـ ۾ ڪائي رڪاوٽ ڪون ٿيندي . اهو بـ سچ آ تـ انگريز برِصغير تي پنهنجي لالچ جي بنياد تي آيو هو ، برِ صغِير لاءِ يا دنيا جي ڪنهن بـ خطي لاءِ جتي جتي هنن قبصو ڪيو اتان جي ماڻهن لاءِ هنن جو هيانءُ ڪون پيو ڦاٽي، هُو تـ فقت ڦرلٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ايا هئا، ۽ ان لاءِ انهن کي جيڪو ڪرڻو پيو هو ڪري گذريا ، ڪنهن سان بـ ذري برابر رعايت ڪون ڪئي ، سواءِ انهن جي جيڪي انهن جا مدد گار بڻيا،پر انهن سان به سرِ عام اهو سلوق ڪندا هئا جيڪو عام ماڻهو تي انگريز سرڪار جي انصاف جو وڏو گهرو اثرپوندو هو، جڏهن هنن پنهنجا پيرسنڌ ۽ هند تي ڄمائي ورتا پوءِ انهن کي ٺاهڻ شروع ڪيو ان لاءِ جو هاڻ هو انهن خطن جا مالڪ بڻجي چڪا هئا ،پوءِ انگريزن آمدرفت، زرعي، عدالتي، آبپاشي، صيحت، بنيادي صحولتون، انصاف، وغيره عوام تائين سوليون پهچايون، توڙي جي هُوانهن خطن کي اوڏهي وانگي کائي رهيا هئا پر پوءِ بـ عوام انهن مان خوش هو، ڇو ته عوام کي هو تڪليف ڪون پيا ڏين ۽ عوام جي سهولتن جو خاص خيال رکندا هئا ، چوندا آهن تـ مرڻ واري جي پويان جي ماڻهو گھڻو روئيندا آهن تـ انهن کي مرڻ وارو ڪون روئاريندو آ، روئارينديون آهن ان جون اهي خاصيتون جن سان هُو روئڻ وارن جا درد دور ڪندو هو. انگريز اج سنڌ کي ان ڪري ياد ٿو اچي تـ هُنن سنڌين ۽ سنڌ کي لٽيو پر سنڌين کي زليل ڪري نـ، سنڌين کي هر بنيادي سهوليت ڏيئي جيڪو اڄ سنڌين کي روئاري ٿو. اڄ سنڌ ۾ سنڌين جي عزت، مال، بنيادي حق مهفوظ ڪون آهن ۽ حڪومت بـ سنڌين جي آهي !! پوءِ اهي ڪهڙا سنڌي چئبا، جيڪي پنهنجي ئي گهر کي کاٽُ پيا هڻن!! پنهنجن کي پيا ڦرن!!غريبن جي ملڪيتن تي قبضا پيا ڪن!! انهن جا حق غذب پيا ڪن!! بک!! بدحالي!! امن !!تعليم تباهـ!! سنڌي جانورن واري زندگي پيا گذارن!! جيڪي سنڌ جا وارث آهن!! سنڌ جا حق ڪنهن وڪيا؟؟ سنڌ کي بنجر ڪنهن بڻايو؟؟ سنڌ جي زمين ڪنهن ڌارين کي وڪي؟؟ سنڌ کي ڪير پيو لٽي؟؟ سنڌ جاحاڪم ڪير آهن؟؟؟ ڌارين کي سنڌ جا ڊوميسائل ڪير ٿو ٺاهي ڏي؟؟ سنڌ ۾ ڌارين کي نوڪريون ڪير پيو ڏي؟؟سنڌ ۾ ڌارين کي سنڌن مٿان نگهبان ڪير پيو بڻائي؟؟سنڌ کي تباهي طرف ڪير پيو ڌڪي؟؟ ان کان وڌيڪ ڪي ٻيا سوال آهن، اڄ اهي ڌاڙيل ڪٿان پئدا ٿيا آهن جيڪي سنڌ جي هڪ هڪ ذري کي وڪڻي رهيا آهن ، جيڪي سنڌ جي مٽيءَ کي سون وانگي جرڪائيندا آهن، سنڌ جو هر دشمن سنڌ جو عاشق بڻجي پيو ۽ سنڌ سان پيار ڪرڻ لڳو!! ايتري قدر جو پاڻ کي سنڌ جي مٽيءَ ۾ گم ڪري ڇڏيو!! اهلِ علم جي سنڌ جي تاريخ جيڪا سنڌ جي دشمنن جي لکيل آهي پڙهنداتـ خبر پوندي ته ـسنڌ سان دشمنن ڪيڏو پيار ڪيو آهي ، جيڪي ننگين تلوارن ، دهشتناڪ چهرن، خوف ناڪ اکين، هيانءُ ڦاڙيندڙ آوازن سان اچي سنڌ ۾ ڪڙڪيا، پر جڏهن سنڌ جي مٽيءَ جي سڳنڌ انهن جي ذهنن ۾ گھر ڪيو ۽ سنڌوءَ جي آبِ حيات انهن جي رڳن ۾ رت سان گڏ ڊوڙڻ لڳو ته اهي دهشتناڪ، ڀوائتا دشمن سنڌ جا سڄڻ بڻجي پيا ۽ سنڌ لاءِ پنهنجو جانيون قربان ڪري ڇڏيون، پر سنڌ کي لهر اچڻ نـ ڏني! اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي وڏا سوال آهن ، آخر ائين ڇو؟ جيڪي دشمن بڻجي آيا سنڌ کي نست ونعبود ڪرڻ لاءِ اهي سنڌ تي عاشق ڇو ٿي پيا ؟؟۽ جيڪي سنڌ ڄايا ! اهي سنڌ جا دشمن ٿي بيٽا!! هاڻ ڏسون ته اهي ڪير آهن جيڪي سنڌين جي روپ ۾ سنڌ کي ڦري لٽي رهيا آهن؟؟ انهن سڀني سوالن جو جوابدار ڪير آ؟؟ اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو آ؟؟ اهي رڙين ڪرڻ وارا ڪير آهن ؟ جيڪي ايتري واويلا ڪري رهيا آهن، سنڌي ڪهڙي حال ۾ آهي؟هي واويلا ڪرڻ وارا ڪير آهن ڪٿي اهي پاڻ ئي ته چور نه آهن ، جو کائن به ٿا ۽ واويلا بـ ڪن ٿا!انهن کي ڪنهن اهو پاور ڏنو آ؟ اهي ڪنهن جي ڪُلهي تي ٿا ڪُڏن؟ اهي جيڪي سنڌين جي روپ ۾ سنڌ کي ڦري ، وڪڻي کائي رهيا آهن، انهن جو اقل نسل ڇا آهي؟ ڪٿي اهي خود سنڌ ۽ سنڌين دشمن ته نه آهن ؟ جي ائين آهي تـ پوءِ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ سنڌيءَ جي طاقت ڪهڙي آ، هُو ڪهڙي محاظ تي پنهنجي حقن لاءِ وڙهي سگھي ٿو؟ اهو سڀ سوچڻ جي اڄ سنڌيءَ کي ضرورته آ،