ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (تو بن جاني! هيءَ جهان) ”شايد مون ۾ ناهين تون، يا تو ۾ نه آهيان مان“ صديون اڳ لطيف سائين دشمن ۽ مخالف کي ڪارائتي صلاح ڏني ته ”مون کي نه مار، ڇو ته مون ۾ تون ئي آهين ۽ متان تنهنجو وار، جيڪو مون مٿان ڪري رهيو آهين، اهو توکي نه لڳي“. سيد جي صلاح انهيءَ منطق تي ٻڌل هئي ته انسان ڌرتي ۽ نظرين جي اٽوٽ رشتن ۾ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. انهن سان ئي قومي ۽ نظرياتي وجود جنم وٺندا آهن. ڪنهن به وجود يا جسم جي ڪنهن به هڪ عضووي کي تڪليف ٿيندي ته سمورو جسم دکي ٿيندو ۽ انسان پريشان ٿي ويندو. اهڙيءَ ريت قوم جي ڪنهن هڪ فرد کي تڪليف ٿئي ٿي ته اهو نه فقط پاڻ پريشان ٿيندو، پر پاڻ سان گڏ ٻين کي به پريشان ڪندو. ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي ٻين کي پريشان ڪن ٿا، سي دراصل پاڻ کي ئي پريشان ڪن ٿا. هاڻي هڪ ڳالهه جيڪا اسان کي سوچڻي آهي اها آهي ته لاکيڻي لطيف لڳ ڀڳ اڍائي سو سال اڳ واري سنڌ جي معاشري جي صورتحال بيان ڪئي آهي. انهيءَ صورتحال ۾ رتيءَ جو به فرق ڪو نه آيو آهي. پر جيئن ”ٿڌ تيئن وڌ“ جي مصداق انهيءَ صورتحال ۾ اڃا به وڌيڪ ابتري آئي آهي. چوندا آهن ته قيامت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجيءَ نفانفسيءَ ۾ هوندو. اتي ڪوئي ڪنهن جو مٽ مائٽ نه هوندو، ڪو يار دوست نه هوندو. هر ڪنهن کي پنهنجي لڳي پئي هوندي. لڳي ٿو ته اسان جو سنڌي معاشرو جهڙوڪ قيامت وارين انهن ۽ اهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي. ان ڪري ڪنهن جو ڪنهن کي خيال ڪونهي ۽ اونو ڪونهي. سنڌي سنڌيءَ جا ائين پير ڪڍي ٿو ۽ اهڙي دشمني ڪري ٿو، جهڙوڪ اسان هڪ ڌرتيءَ جا ڄاوا ناهيون. آمريڪا مان ڪي آدمي اچي اسان سان ظلم ۽ زيادتيون نه ٿا ڪن. اسرائيل ڪو ڌاڙيل ۽ چورن کي ڪو نه ٿو موڪلي، ڪنهن ٻئي ملڪ جا عملدار اسان وٽ رعيت آزار بڻجي ڪو نه آيا آهن. ڪٿان ڪي بي رحم ڊاڪٽر اچي هن ملڪ جي اسپتالن ۾ مقرر ڪو نه ٿيا آهن. پير به هتان جا ۽ وڏيرا به هتان جا. ظالم به هتان جا ته مظلوم به هتان جا. تير به پنهنجا ۽ سينا به پنهنجا. هٿوڙا به پنهنجا ته مٿا به پنهنجا. ٻين کي ڪهڙيون ميارون ڏيون ۽ ڌارين تي ڪهڙيون ميارون رکون. ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪرڻ ۽ وڻن تان جهيڙا لاهڻ ڪو اسان کان سکي. ڪنهن معمولي غلطي ڪئي ته اسان جي دينداريءَ ۽ تقويٰ کي تاءُ اچي ويندو. ڀل ۾ ڪيل غلطيءَ وارو ڀلي مري وڃي ۽ سندس هڏا به ڳري وڃن، ليڪن اسان جون نفرتون هن جو پيڇو ڪو نه ڇڏينديون. اسان هر ڳالهه جا ويسارا. قومي محبت وسري ويندي، ڪيترين حالتن ۾ ماڻهپو ياد نه رهندو، پر دشمني ۽ وير ڪڏهن به ڪو نه وسارينداسين. ڪاريهر نانگ پنهنجو وير وساري سگهي ٿو، ليڪن اسان کان نفرتون ۽ انتقام ۽ ٻين جون معمولي غلطيون ڪو نه وسرنديون، وياج ويندو وڌندو ۽ چڙهندو، تان جو ڪنهن ٻئي جو تختو ئي ڪڍي ڇڏينداسين. سنڌ ۾ سماجي نفسيات جي ماهرن کي مٿو ٽيڪي، گوڏا ڀڃي، گهڻي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي. اسان جا عالم ۽ دانشور، اسان جا سماجي ڪارڪن ۽ سياسي مدبر ڀلي ماڻهن لاءِ سونا محل نه اڏائين، پر فقط ماڻهن جي دلين مان نفرتون دور ڪن ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ سيکارين. اسان کي انساني احترم ڪرڻ سيکارين. سنڌ ۾ شل ڪو اهڙو پير ۽ بزرگ پيدا ٿئي جيڪو جنهن جي دعا يا بددعا سان اسان کي اهڙي ويسر جي بيماري لڳي جو اسان بدلا، انتقام ۽ وير وساري ويهون. هن دور ۾ جڏهن سنڌ خارجي خطرن جي ور چڙهيل آهي، اتي داخلي طور تي ڌرتيءَ-ڄاوا جيڪڏهن هڪ ٻئي جا ويري بڻيا رهيا ته پوءِ اهڙا وريام ڪٿان پيدا ٿيندا، جيڪي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي دردن جي دوا ڪن. اسان جا ڏاها ۽ سياڻا ٻيو ڪجهه به نه ڪن پر ويڄ طبيب بڻجي، اهڙي ستي پيارن جو ان نشي ۽ اثر هيٺ اسان هڪ ٻئي کي معاف ڪيون، هڪ ٻئي جي عيبن تي پردو رکون ۽ هڪ ٻئي کي آزارڻ کان پاسو ڪيون. في الحال ته حالتون اهو ٿيون ٻڌائين ته جهڙوڪ اسان هڪ ٻئي ۾ ناهيون ۽هڪ ٻئي لاءِ ناهيون.