سوچيو! ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    سوچيو! ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي.

    شفيق شاڪر

    سوچيو،ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي.ان کان اڳ جوقدرت طرفان ڪو يوم حساب اچي وڃي،ان کان اڳ جوعوام جو هر ويساه ختم ٿي وڃي،اميدن جا سڀ ڏيئا اجھامي وڃن،ان کان اڳ جو هر دل پٿر۽ هر زبان خنجر بڻجي وڃي.ان کان اڳ جو تاريخ پنهن جو پاڻ کي ورجائڻ شروع ڪري،ان کان اڳ جوصبر جا سڀ پيمانا لبريز ٿي وڃن.عطا ڪندڙ اسان کي ڪيڏو نه خوبصورت ديس عطا ڪيو آهي. سڄي دنيا گھمي ڏسو اهڙو عجيب ديس اوهان کي نظر نه ايندو.ڪنهن ملڪ ۾ ميدان هوندا آهن ته جبل نه هوندا آهن،ڪٿي دريا هوندا آهن ته وري سمنڊ نه هوندا آهن،پر هن ديس جو امتياز ڏسو، جنهن ۾ وسيع زرخيز ميدان به آهن ته خدا جي عظمت بيان ڪندڙ بلند جبل پڻ!قدرت جي حسن جو اظهار ڪندي عظيم وهڪرن سان وهندڙ درياء به آهن ته ڪائنات جي وسعت جو مظهر اڻ کٽ سمنڊ به ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو.زندگيء جي خواهش جي هم مثل پوٺوهار پٽ به ملندا ته رڃ جي دريا ۾ وهنجندڙ ريگستان پڻ!سمنڊ تي لٽڪيل ٻيٽ به آهن ته ڇانگا مانگا جا گھاٽا جھنگل پڻ! قدرت جي خزانن طرف ڏسوته سون کان وٺي لوڻ تائين،تيل کان وٺي گئس تائين،جپسم کا ن ويندي سنگ مرمر تائين،سمنڊ جي سپين کان ويندي صندل جي ڪاٺ تائين،آخر ڪهڙي سخا آهي جيڪا قدرت اوهان سان ناهي ڪئي.ڪهڙو خزانو آهي جيڪو اڻ گھريو قدرت اوهان جي جھوليء ۾ ناهي وڌو. موسمن ڏي اچو ته ڪيترائي ملڪ آهن جيڪي سج ڏسڻ لاء سڪن ٿا،ڪيترائي علائقا ٿڌي هوا جي لاء۽ ڪي وري گرمين لاء واجھائين ٿا پر موسم جو هررنگ موجود ملندو،معتدل ماحول،ڏينهن ۽ رات جي عمر ۾ گھڻو فرق نه هئڻ،طبيعت ۾ خمار پيدا ڪندڙ منفرسرد ساحلي هوائون ته ٻئي طرف تتل جابلو ڌرتيء جون لڱ ساڙيندڙ لڪون،مختلف شين جا حسين سنگم،مختلف رنگن جا ميلاپ ۽ جدا جدا گلن جا گلدستا.وري تهذيب ۽ ثقافت ڏي ڏسو ته بهارون لڳيون پييون آهن.سنڌي ٽوپي۽ اجرڪ کان ويندي خوبصورت پٺاڻڪي تُري تائين،منفرد بلوچي پٽڪي کان رنگين گلگتي واسڪوٽي تائين رنگن جي برکا لڳي پيئي آهي.هن ڌرتي جي رهاڪن ۾ قابليت،عقل ۽ صلاحتين جا موتي ورهائڻ ۾ به قدرت ڪمال ڪري ڇڏيو جو آسمانن جا لڪيل راز تلاش ڪرڻ کان سمنڊ جي اونهاين ۾ دفن خزانا معلوم ڪرڻ تائين سڄي دنيا ۾ اسان جا ئي قابل فخر فرزند دنيا جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالهائي رهيا آهن.اهو سڀ ڪجھ هئڻ باوجود به دنيا ۾ جيڪر ڪو تماشو بڻيل آهي ته اهي به اسين ئي آهيون. اسان جي ملڪ ۾ بک به آهي ۽ بدحالي پڻ. بيماريون به آهن ۽ بيزاريون به.بيروزگاري به آهي ۽ بي چيني پڻ.دهشت به آهي ۽ وحشت پڻ.محروميون به آهن ۽ مايوسيون به.اڄ به اڪثريت جا پيٽ بکيا،پٺا اگھاڙا ۽ پير ننگا آهن.اڄ به اڪثريت صحت جون سهوليتون نه هئڻ سبب بيوسيء کان کڙيون رڳڙي تڙپي تڙپي مري وڃي ٿي.اڄ به معصوم جي ڳلن تان گم ٿيل ماس

    ۽ سندن سڪل۽ ڪمزور ڏيل اهو فرياد ڪن ٿا ته هن ملڪ سان ڪا وڏي انهيان ٿي آهي،ڪن سنگدل لٽيرن هنن جي چپن تان مانيء جو گراه ۽ پٺيء جو اوڇڻ ڇني ورتو آهي.ايڏن وڏن خزانن جي وارثن سان ڪو ڏاڍ ۽ ظلم ٿيو آهي.انهن جي وسيلن تي ڪن رهزنن قبضو ڪري ورتو آهي.ڪن داداگيرن انهن کي پنهن جي درندگين جونشانو بنائي رکيوآهي.هن ڌرتيء جا ڌڻي پيرا کڻي انهن رهزنن، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن تائين پهچي چڪا آهن،انهن اهي ظالم هٿ سڃاڻي ڇڏيا آهن جيڪي ستر سالن کان سندن استحصال ڪندا رهيا آهن.اهو زمانو ويوجڏهن ٻهراڙي ۾ زندگيء جا عذاب ڀوڳيندڙ ماڻهو پنهن جي ان حال جي لاء پنهن جي قسمت کي پٽيندا هئا .هاڻي ٻهراڙيء جي ڪنهن اڻ پڙهيل بڍي يا ٻار کان پڇي ڏسو ته اوهان وٽ پيئڻ جي پاڻيء جي سهوليت ڇو ڪانهي ته ترت جواب ڏيندو ته اسان جي حصي جوخزانو اهي لٽيرا ۽ مڪار حڪمران کائي ويا.اسپتال ۾ دوائون ڇو ناهن ته عوام جواب ڏيندو ته اهي حڪمران کائي ويا.سوچيو ته قوم اوهان جي باري ۾ ڪيئن سوچي ٿي.اها سچ پڇ اوهان مان بلڪل بيزار ٿي چڪي آهي،ماڻهن ۾ اوهان جي خلاف سخت غصو ۽ تاء آهي، اندر ۾شديد احتجاج واري ڪيفيت آهي.پر ماڻهن کي رستو معلوم نٿو ٿئي ته ڪجي ڇا؟ لٽيرن ۽ رهزنن سان پنهن جن سورن جو حساب برابر ڪجي پر ڪيئن؟اڄ جيڪر عوام روڊن رستن تي اچي ڪو احتجاج نه پيو ڪري ته اوهان جي ڪارڪردگيء جي ڪري خاموش ناهي پر پنهن جي بيوسيء جي ڪري چپ آهي.جو ماضيء ۾ هلندڙ سمورين تحريڪن ۽ انهن ۾ ڏنل عوامي قربانين جي بدلي عوام هر بار ٺڳبو آيو آهي ۽ عوام جي خون جي قيمت تي هر بار ڪو دهشتگرد ۽ ڌاڙيل ٽولو وري عوام مٿان عذاب بڻبو رهيو آهي.

    ٿورو سوچيو اي وقت جا حڪمرانو! ڀلا ماضيء ۾ جيڪي ٿيو سو ٿيو.هاڻي ته پنهن جي سوچ ۽ رويا درست ڪريو.هاڻي ته ڪنهن نئين انصاف ڀرئي سماج طرف ڪو قدم وڌايو.هاڻي ته پنهن جي ڌرتيء جو ڪو ننگ سڃاڻو،هاڻي ته پنهن جي عوام سان سچي محبت جو ڪو رشتو قائم ڪريو. انهيء کان اڳ جو دير ٿي وڃي،ان کان اڳ جوقدرت طرفان ڪو يوم حساب اچي وڃي،ان کان اڳ جوعوام جو هر ويساه ختم ٿي وڃي،اميدن جا سڀ ڏيئا اجھامي وڃن،ان کان اڳ جو هر دل پٿر۽ هر زبان خنجر بڻجي وڃي.ان کان اڳ جو تاريخ پنهن جو پاڻ کي ورجائڻ شروع ڪري،ان کان اڳ جو صبر جا سڀ پيمانا لبريز ٿي وڃن!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو