نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ شاگرد پنهنجي استاد کان پڇيو! پيار ڇا آهي؟
استاد وراڻيو” تنهنجي جواب ڏيڻ کان پهريان، تون ڪڻڪ جي ٻنيءَ ۾ وڃ ۽ ڪڻڪ جو سڀ کان وڏو سنگ پٽي کڻي اچ ...
پر هڪ ڳالهه جو خيال ڪجانءِ ته ان ٻنيءَ مان لگهندو وڃجانءِ ۽ جيڪو سنگ توکي وڏو نظر اچي ته پٽي وٺجانءِ پر واپس اچي ڪنهن سنگ کي ناهي پٽڻو.
شاگرد ٻنيءَ ڏانهن هليو ويو، ڪڻڪ جي فصل جي پهرين حصي ۾ هن کي هڪ وڏو سنگ نظر آيو، پر سوچيائين ته شايد اڃان کيس اڳتي وڏو سنگ ملي وڃي، اڳتي هليو ته کيس هڪ ٻيو وڏو سنگ نظر آيو پر وري به خيال آيس ته اڳتي ممڪن ان کان به وڏو هجي. آخرڪار جڏهن اڌ کان به وڌيڪ ٻنيءَ مان گذري چڪو ته کيس احساس ٿيو ته پهريان وارا سنگ وڌيڪ وڏا هئا ۽ هو وڏا سنگ پوئتي ڇڏي آيو آهي جنهن تي کيس تمام گهڻو افسوس ٿيو،
هو ٻنيءَ مان خالي هٿين نڪري ٻاهر آيو ۽ سڌو استاد ڏانهن هليو ويو.
استاد کيس ٻڌايو ته ان کي پيار چئبو آهي، ... ڇاڪاڻ ته ماڻهون خوب کان خوب جي ڳولها ۾ اڳتي نڪري ويندو آهي ۽ اڳتي هلي کيس احساس ٿيندو آهي ته هو حقيقي پيار پوئتي ڇڏي آيو آهي ....
استاد محترم ڀلا پوءِ شادي ڇا آهي؟
استاد چيو، ” تنهنجي جواب ڏيڻ کان اڳ، تون وڃ مڪئيءَ جي ٻنيءَ ۾ ۽ سڀ کان وڏو سنگ ڳولهي کڻي اچ، پر هڪ ڳالهه جو خيال ڪجانءِ ته ان ٻنيءَ مان لگهندو وڃجانءِ ۽ جيڪو سنگ توکي وڏو نظر اچي ته پٽي وٺجانءِ پر واپس اچي ڪنهن سنگ کي ناهي پٽڻو.
شاگرد مڪئيءَ جي ٻنيءَ ڏانهن هليو ويو، هن دفعي هن احتياط ڪيو ته جئين پهرين واري غلطي نه ڪري، ائين هو جڏهن وچ ٻنيءَ ۾ پهتو ۽ هڪ مڪئيءَ جو سنگ پٽيو جيڪو کيس وڻيو ۽ مناسب لڳو. ۽ استاد وٽ موٽي آيو.
استاد کيس ٻڌايو ته، ” هن دفعي تون سنگ ساڻ کڻي آيو آهين ... توکي جيڪو مناسب ۽ سهڻو لڳو تو پٽي ورتو، ۽ تنهنجو پڪو ايمان ۽ يقين ٿيو ته تو سڀ کان سهڻو ۽ سٺو سنگ پٽي ورتو آهي ... انکي شادي چوندا آهن ...