“ چئي ڏي! جو تنهن جا چپ آزاد آهن.” شفيق شاڪر ڇا هن ديس جي ڌرتي ۾ بيشمار شهيدن پنهن جو رت ان ڪري اوتيو ته هتي اشرافيا جي ويس ۾ هڪ ڪرپٽ ،بدعنوان ۽ بد ديانت حڪمران ٽولو ۽ سندن ڪارندا پوء اهي سياسي هجن يا غير سياسي، پنهن جن زندگين کي بادشاهاڻي طرز جي عشرتگاهن ۾ بدلائي ڇڏين،عوامي خزاني مان کنيل ڪروڙن جي قرضن کي پنهن جي قلم جي نوڪ سان ڪراس لڳائي ڇڏين،ملڪ ۽ عوام جي پئسي سان پنهن جون بدديانت جھوليون ڀري ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏين،جيڪي عوام کي مصيبت،غربت،بک،بدحالي ۽ بيمارين جي اوڙاه ۾ اڇلڻ ۽ ملڪي معيشت جو هر ڀيري جنازو ڪڍڻ کان پوء به پنهن جي خلاف ثبوت ۽ دليل گھرندا آهن.جيڪڏهن انهن مان ڪوبه پاپي ڪونهي ته پوء ملڪ ۽ عوام جي هيء حالت ڪنهن ڪئي؟ جيڪڏهن انهن مان هرڪنهن ديانت جائي گلاب پوکيا آهن ته پوء هيء بدديانتيء جي بدبوء ڪنهن پيدا ڪئي؟جي سڀ عوام جا سڄڻ آهن ته پوء عوام کي اڏوهي ٿي لڳل دشمن آخر ڪهڙو آهي؟ انهن مان هر ڪو چوي ٿو ته “منهن جا هٿ صاف آهن” ۽ صحيح ٿو چوي ته هو عوامي خزاني تي اتم نموني پنهن جا “هٿ صاف ڪري چڪو آهي”!هرالزام تي ثبوت جو سوال ڪندڙن ۽ عوام تي سمورين سندن ستم ظريفين جي جواب ۾ جمهوريت جي خلاف سازشن جا شوشا ڇڏيندڙن کان ڪو اهو ثبوت به ته گھري ته اوهان جي جمهوريت عام ماڻهوء کي اڄ تائين آخر ڇا ڏنو آهي؟ ڇا عوام جو مقدر بڻيل خزان جي موسم بهارن ۾ بدلجي ويئي آهي؟ ڇا مايوسين جي ميدانن ۾ اميدن جا هزارين رنگ برنگي گلاب ٽڙي پيا آهن؟ڇا عوام جي دلين ۾ اڀريل دردن جي درختن جون شاخون سکن جي ڦل سان ڀرجي زمين تي جھڪي پييون آهن؟ڇا جمهوريت جي چشمي مان نڪتل پاڻي امرت بڻجي قوم جي قسمت جون سڀ سياهيون ڌوئي ڇڏيون آهن؟ ڇا سنڌ جي ريگستانن مان عوام لاء چمڪندڙسون نڪري آيو آهي؟قبائلي علائقن مان دهشت جي ڪاري رات هٽي ويئي آهي؟ بلوچستان ۾ غريبن لاء خوشين جي برسات وسي رهي آهي؟ ڇا وزيرستان ۾ سوين يونيورسٽيون ۽ ڪاليج جڙي ويا آهن جن مان علم جي روشني ڦوهارا ڏيئي ٻاهر نڪري رهي آهي؟ڇا عوام جي خون پسيني جي ڪمائيء مان بندر بانٽ جو باب هميشه لاء بند ٿي چڪو آهي؟انهن دليل گھرندڙن جا پنهن جا دليل ٻڌو ته منهن مٿو پٽڻ تي دل چوي ٿي. چون ٿا ته سنڌ جي خوشحالي ڏسڻي آهي ته ڀارت مان بيهي کپرو جون چمڪندڙ بتيون ڏسو!ترقي معلوم ڪرڻي آهي ته واهڙ جي گھٽين ۾ ڦر ڦر ڪندڙ 25 موٽرسائيڪلون ڏسو،سستائي ڏسڻي آهي ته پنج روپيا ڪلو ٿيل پٽاٽن مان پرکيو!ملڪ جي يورپ سان ڀيٽ ڪرڻي آهي ته اورينج ٽرين ۽ ميٽرو بسون ڏسو!قومي ادارن جي ڪارڪردگيء ۽ ديانت جو اهو حال آهي جوڪجھ ڪيسن ۾ اليڪشن ٽربيونل اعلان ڪري ٿو ته اليڪشن جو عمل قانون مطابق ناهي ٿيو،عملي جي ڪارڪردگي ناقص هئي، لکين ووٽن جي تصديق نه ٿي سگھي جو آڱوٺن تي لڳندڙ مس خراب هئي،هزارن ڪائونٽر فوليوز تي درج شناختي ڪارڊ نمبر اهڙا هئا جيڪي نادرا جاري ئي نه ڪيا هئا،هزارن ووٽن جي فوليوز تي عملي جي ڪنهن ڪارڪن صحيح ڪرڻ جي به تڪليف نه ڪئي،ساڍن ست سو ووٽن تي پرزائيڊنگ آفيسر جي مهر ئي غائب هئي،اها ته صرف ٻن تڪن جي رپورٽ آهي،سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو اهو ئي ناٽڪ ٿيو هوندو.پوء چون ٿا ته عوام اسان کي انهن ڪرسين تي ويهاريو آهي. .هينئر رڙيون پييون ٿين تي ته لاهور پنڊي موٽر وي جي تعمير ۽ مرمت بين الاقوامي معيار کان گھڻو گھٽ آهي،سبب ڪهڙو؟ نااهلي ۽ بد ديانتي! لکين غير ملڪي ملڪ ۾ ڇاتيون کولي پيا هلن ڪو پڇڻ وارو ڪونهي.لکين ڪوڙا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ٿيا،سبب ڪهڙو؟ متعلقه ادارن جي نااهلي ۽ بدديانتي! پاڪستان جي سول سروس جو هڪ سينئر آفيسر، لڪي ڇپي اداري کان ڊگهي موڪل وٺي ڪينيڊا ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو.هڪ ڏينهن هو پنهن جي سيٽ تي ويهندي اخبار پڙهي رهيو هو،اڃا ٿوري دير ئي گذري هئي ته هن کي بالا عملدار طرفان سڏي کيس تنبيه ڪئي ويئي ته اخبار پڙهڻ ذاتي ڪم آهي، اهو ڊيوٽي دوران ڪري نٿو سگھجي.هن جواز ڄاڻايو ته هو ان وقت فارغ هو جنهن ڪري اخبار پڙهي رهيوهو.کيس ٻڌايو ويو ته اهو سندس ٻيو ڏوه آهي جو هو واندو ڇو ويٺو.هن کي پنهن جي لاء ڪو دفتري ڪم پاڻ ڳولهي ڪڍڻ گھربو هو.نيوزيلينڊ ۾ هڪ عملدار پنهن جي آفيس ۾ يو ٽيوب تي ڪجھ دير ڪا مووي ڏٺي ته کيس نوڪريء تان ٽپڙ گول ڪرڻا پيا.ٻئي طرف اسان پنهن جي معاشري تي نظر ڊوڙائينداسين ته نااهلي،بدديانتي ۽ ڪمچوري اسان کي ڇوليون هڻندي نظر ايندي. حڪومت جا وزير،مشير،عملدار توڙي انهن جو اسٽاف اڪثر صبح يارهين وڳين کان پوء ئي نمودار ٿيندو آهي.سرڪاري ادارن جون ڪيفي ٽيريا ۽ ڪينٽينون ڪم جي وقتن دوران به گراهڪن سان ٽمٽار نظر اينديون.وري جي آفيسن ۾ اچڻ جي تڪيف ڪيائون به سهي ته ڪڏهن ميٽنگ، ڪڏهن چانهن ڪڏهن ماني ۽ ڪڏهن نماز بهاني غائب ٿي ويا.ڪنهن به اداري کي ڏسو ته ان جا صاحب ورانڊن،پارڪن، ڪيفي ٽيريا يا لان ۾ گپون هڻندي،سياسي مباحثا ڪندي،پنهن جون ڪرامتون ۽ خواب ٻڌائيندي نظر ايندا پر ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي.واپڊا، سوئي گئس، روينيو،ٿاڻن، عدالتن،تعليمي ادارن توڙي اسپتالن جو اهو ئي حال آهي.نمازن،تسبيحن ۽ تبليغن تي زور،ٻين جون برايون بيان ڪرڻ،غيرمسلمن کان نفرت،ٻئي طرف پنهن جي ڪمائي حرام.پنهن جي ذميدارين ۾ بدديانتي ۽ پنهن جي ڪم کان ڪاهلي!اهو سڀ ڪجھ ڪيئن بدلبو؟ هن مڪاراڻي جمهوري عمل جي ذريعي يا احتساب جي آڙ ۾ آمراڻين حڪومتن جي ذريعي؟ جيڪر ان طريقي سان ڪا تبديلي اچي ها ته قومن جي تاريخ ۾ سٺ سالن جو عرصو ڪو معمولي عرصو نه هوندو آهي.جيستائين عوام جي سوچ تبديل نٿي ٿئي مڪڙيء جي ڪمزور گھرن ۾ رهندڙ اها اشرافيا عوام کي آزار ڏيندي رهندي،شايد پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو الميو ئي اهو آهي جو عوام هميشه ٻٻرن کان ٻير گھرندو رهيو آهي. عوام کي انهيء اشرافيا سان وڙهڻ جي لاء ڪنهن لٺ ڌڪي جي ڪا ضرورت نه آهي.صرف پنهن جن سبيل چپن کي کولڻ ۽ انهن کان ڪجھ سوال پڇڻ جي تڪليف ڪرڻي آهي.فيض احمد فيض جي لفظن ۾ “ چئي ڏي! جو تنهن جا چپ ته آزاد آهن ۽ تنهن جي زبان ته پنهن جي آهي.هي ڪمزور جسم ئي سهي پر آهي ته تنهن جو ۽ چئي ڏي جو اڃا جان تنهن جي آهي.ڏسين نٿو ته لوهار جي دوڪان ۾ شعلا ڀڙڪيل آهن ۽ لوھ تپي ڳاڙهو ٿي ويو آهي.قرفن جا ڪنارا کلڻ لڳا آهن ۽ هرزنجير جو دامن ڦهلجڻ لڳو آهي. چئي ڏي! جو اهو ٿورڙو وقت به گھڻو آهي،جسم ۽ زبان جي موت کان پهرين، چئي ڏي! جوسچ اڃا زنده آهي،چئي ڏي! جيڪي ڪجھ چوڻو آ چئي ڏي! ”