حضرت علي رضي اللّٰه عنه کان ڪنھن پڇيو تہ علم بھتر آھي يا دولت؟ فرمايائون تہ علم، دولت کان بھتير آھي، انھيءَ ڪري جو دولت قارون ۽ فرعون کي ملندي آھي ۽ علم پيغمبرن کي مليو آھي. انسان کي دولت جي حفاظت ڪرڻي پوندي آھ، مگر علم انسان جي حفاظت ڪندو آھي. دولت واري ماڻھو جا دشمن گھڻا ٿيندا آھن مگر علم واري ماڻھو جا دوست گھڻا ٿيندا آھن. دولت خرچ ڪرڻ سان گھٽبي آھي علم خرچ ڪرڻ سان وڌيندو آھي. دولت مند بخيل ٿيندو آھي ۽ علم وارو سخي ٿيندو آھي. دولت کي چور چورائي سگھندو آھي پر علم کي ڪير نٿو چورائي سگھي. دولت غرور سيکاريندي آھي مگر علم بردباري سيکاريندو آھي. دولت جي حد ھوندي آھي مگر علم جي ڪابہ حد ڪونھي.