• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حاجي ساند جو پوڄارڻ

راجا ساند

سينيئر رڪن
چنڊ چيو هو روئي تو کي،
ياد پيو آ ڪوئي تو کي.

پاڻ تہ هون ئي اجڙيل آهيون،
درد ڇڏيو آ ڌوئي تو کي.

مون کان وڇڙي منهنجي جانان،
ڄڻ تہ پٽيو آ تو ئي تو کي.

جنهن کي ڀيلي ڀلجي ويئين،
ساري پيو ٿو سوئي تو کي.


محترم هرچند ساگر لکيو آهي.....
هي فقير شاعر جيڪو هاڻ هوريان هوريان پوڙهائپ جي سرحد ڏانهن موٽڻ جو سوچي ٿو, ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن هن جي وارن جي ٿوري ٿوري سفيدي هن جي جواني تي چڳلي هڻي ٿي.
حاجي ساند سنڌ جو اهو محبوب شاعر آهي,
جنهن کي صرف پنهنجي محبوب مٽي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ شاعري جي ديوي پرسنگ ٿي.
جنهن جو اظهار خود پنهنجي مشهور نظم
"اسان ائين شاعري ڪئي آ" ۾ ڪيو آهي.
استاد حليم باغي جو سئوٽ جيڪو هڪڙي چلهي تي ويهي کائڻ کان پوءِ به باغي کان بنهه الڳ ٿلڳ بيٺل نظر اچي ٿو.
روحل واءِ جيڪو شاعرن جو آکاڙو سڏجي ٿو. ان ڳوٺ ۾ الائجي ڪيترن سيکڙاٽ شاعرن جي رهنمائي پڻ ڪئي وئي, انهن نوجوان شاعرن کي جديد سنڌي شاعري سان روشناس پڻ ڪرايو ويو .
حاجي ساند جو شاعري جو هڪڙو مجموعو " پوڄارڻ" جيڪو مارڪيٽ ۾ موجود آهي.
اڄ مون کي حاجي ساند جي ڪتاب جي شدت سان کوٽ انهي لاءِ محسوس ٿي جو منهنجو يار جيڪو احمدآباد انڊيا ۾ آباد آهي. ان جي گهڻي اسرار کان پوءِ به آئون اماڻي نه سگهيس. جون مهيني ۾ ڀوري مالهي سان گڏ
ايمانداري سان ارادو ڪيو آهي.
حاجي منهنجي ديس جو محبوب شاعر آهي.

وڏا وڻ هوا ۾ ڪري پيا ته ڇا ٿيو,
پکين کي ٺڪاڻا مليا ئي مليا!!!!!!

راجا ساند عرض ڪري ٿو....

سلام دوستو!

جيڪي دوست چاهين ٿا ته
”حاجي ساند“ جو ”پوڄارڻ“ ڪتاب
. اينڊرائيڊ اپليڪيشن جي صورت ۾ اوهان جي موبائيلن ۽ ٽيبليٽس ۾ موجود هجي،
جنهن کي اوهان هر هنڌ پڙهي سگهو ۽ جنهن کي اوهان پنهنجي پيارن دوستن ڏانهن، جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا.

ته پوءِ اچو ته اسان جي طرفان پيش ڪيل گذريل اپليڪيشنز جيان
(لنڪ آهي https://play.google.com/store/apps/developer?id=Raja+Sand)
”حاجي ساند“ جي ”پوڄارڻ“ کي به اپليڪيشن ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺون.
اوهان کي گذارش ته اوهان حاجي جي شاعري کي ڪمپوز ڪري مون ڏي ميسيج جي صورت ۾ موڪليو ته جيئن جيترو جلد ڪتاب ڪمپوز ٿي ويندو ته اهو اپليڪيشن جي صورت ۾ اوترو جلد اوهان جي موبائيل فونن ۾ هوندو.

مهربانيون
راجا ساند

12974495_972090329535692_1050729953381973975_n.jpg
 
Back
Top