تاريخي تحقيق

'مختلف موضوع' فورم ۾ راجا ساند طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2016۔

  1. راجا ساند

    راجا ساند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    88
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    تاريخي تحقيق

    تاريخ:-

    ارنولڊ ٽوئن بي چوي ٿو ته
    ” تاريخ هڪ لاطيني لفظ آهي جنهن جي ادبي معنيٰ آهي مطالعو ڪرڻ“

    ڪئمبرج جي ڊڪشنري مطابق
    انهن گذريل واقعن جو مطالعو، جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل هجن ۽ خاص ڪري ڪنهن هڪ دور، ملڪ يا موضوع سان وابسته هجن“

    ميريم ويبسٽر ڊڪشنري مطابق
    ”گذريل واقعن جي تسلسل جو ريڪارڊ“

    آڪسفرڊ ڊڪشنري مطابق
    ”ڪنهن خاص يا عام واقعي يا ڪنهن مخصوص اداري يا رجحان بابت هڪ ترتيبوار، مخصوص سلسليوار ريڪارڊ“

    تحقيق:-

    نيل آرمسٽرانگ چوي ٿو
    تحقيق جو مقصد نئين ڄاڻ کي پيدا ڪرڻ آهي.

    البرٽ زينٽ گيورگي مطابق
    تحقيق مطلب اهو ڏسڻ جيڪو هر هڪ ڏسي ٿو ۽ اهو سوچڻ جيڪو ڪوبه نٿو سوچي.

    ڪئمبرج ڊڪشنري چوي ٿي
    ڪنهن به موضوع جو، نئين معلومات ڄاڻڻ يا نئين سر سمجهڻ خاطر هڪ وضاحتي مطالعو.

    ميريم ويبسٽر ڊڪشنري ۾ لکيل آهي ته
    ڪنهن به شيءِ مان نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر انتهائي خبرداري سان ڪيل مطالعو

    آڪسفرڊ ڊڪشنري ۾ لکيل آهي
    ڪنهن به مواد يا ذريعن مان نين حقيقتن ۽ نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ بااصول ڇنڊڇاڻ ڪرڻ


    تاريخي تحقيق:-

    پرل بڪ چوي ٿو ته
    جيڪڏهن اوهان کي اڄ (حال) جي باري ۾ ڄاڻڻو آهي ته ڪلھ (ماضي) کي ڳولهيو.

    سسيرو ان خيال جو آهي ته
    اوهان جو اوهان جي ڄمڻ کان اڳ وارن واقعن جي باري ۾ اڻڄاڻ رهڻ مطلب هميشه لاءِ ٻار رهڻ آهي.

    ڪنهن به مليل اعداد و شمار جي بااصول مجموعي ۽ تشخيص جي بيان، وضاحت ۽ انهن عملن يا واقعن کي سمجهڻ، جيڪي ماضي ۾ ٿيا هجن، کي تاريخي تحقيق چئبو آهي.


    تاريخي تحقيق جو مقصد

    عوام کي ان بابت ڄاڻ ڏيڻ ته ماضي ۾ ڇا ٿيو؟ ۽ ان مان گذريل ڪاميابين ۽ ناڪامين مان سکڻ
    انهن ڪاميابين ۽ ناڪامين کي موجوده دور جي مسئلن تي لاڳو ڪري انهن کي حل ڪرڻ
    بهتر مستقبل جي لاءِ اڳڪٿي ڪرڻ
    موضوعن يا واسطن جي باري ۾ پنهنجي ڪيل خيالي ڳالهين جو تجزيو ڪرڻ
    موجوده دور جي تعليمي عملن ۽ پاليسين کي چڱي ريت ڄاڻڻ


    تاريخي تحقيق جو طريقو

    تاريخي تحقيق لاءِ ڪو خاص طريقو نه آهي پر جيڪي طريقا ٻين تحقيقن ۾ استعمال ٿيند آهن انهن مطابق ئي هي تحقيق ڪئي ويندي آهي. انهن ۾ هيٺيان طريقا شامل آهن جيتوڻيڪ انهن جي ترتيب ۾ فرق اچي سگهي ٿو.

    1. تحقيق جي لاءِ ڪو موضوع چونڊڻ ۽ ان موضوع متعلق مسئلا يا سوالنامو ترتيب ڏيڻ
    2. انگ اکر گڏ ڪرڻ
    3. مليل مواد جي تشخيص ڪرڻ
    4. مواد کي ترتيب سان ملائڻ ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ

    هر هڪ طريقي کي وضاحت سان هيٺ بيان ڪجي ٿو.


    1. تحقيق جي لاءِ ڪو موضوع چونڊڻ ۽ ان موضوع متعلق مسئلا يا سوالنامو ترتيب ڏيڻ

    تاريخي تحقيق سان گڏوگڏ ڪنهن به تحقيق جي لاءِ هي پهريون قدم آهي.
    تاريخي تحقيق جو موضوع ڪٿان به کڻي سگهجي ٿو، ان جو ذريعو ڪجھ به ٿي سگهي ٿو. پوءِ اهو تعليم متعلق موجوده مسئلو هجي يا ڪنهن جي ڪاميابي هجي يا ڪا تعليمي پاليسي هجي يا ڪن واقعن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هجي.


    2. انگ اکر گڏ ڪرڻ

    هن مرحلي ۾ موضوع بابت معلومات جي سڃاڻپ ڪرڻ، انهي جي نشاندهي ڪرڻ ۽ اها معلومات گڏ ڪرڻ اچي وڃي ٿو.
    معلومات جو ذريعو اڪثر ڪري دستاويزات هجن ٿا جيئن ڊائري يا اخبارون، ريڪارڊ، تصويرون، کنڊرات يا انٽرويو، جن جو موضوع بابت ڪو ڳانڍاپو هجي يا وري ان بابت ڪا معلومات هجي..
    موضوع بابت ڄاڻ رکندڙ شخصيتن سان انٽرويو کي زباني تاريخ چيو ويندو آهي.
    دستاويزات، ريڪارڊ، کنڊرات، زباني تاريخون يا معلومات جو ٻيو ڪو ذريعو ابتدائي يا ثانوي ذريعو ٿي سگهن ٿا.

    ابتدائي ذريعي مان مراد اهو ذريعو جنهن جو سڌوسنئون واسطو موضوع سان هجي. جيئن ڪنهن جي لکيل ڊائري، اصلي نقشو، يا وري ڪنهن شخص سان انٽرويو جنهن ان واقعي جو پاڻ مشاهدو ڪيو هجي.

    ثانوي ذريعي مان مراد اهو ذريعو جيڪو بنيادي ذريعي مان اخذ ڪيو ويو هجي. جيئن ڪنهن واقعي متعلق لکيل ڪتاب مان مواد حاصل ڪرڻ. ثانوي ذريعي کان بنيادي ذريعو وڌيڪ ڪارائتو هوندو آهي ڪنهن به تحقيق کي مڪمل ڪرڻ ۾.


    3. مليل مواد / ذريعي جي تشخيص ڪرڻ

    هر معلوماتي ذريعي جي تشخيص ڪرڻ لازمي آهي انهي ذريعي جي صداقت ۽ درستگي جي لاءِ. ڇاڪاڻ جو ذريعن تي مختلف عنصرن جو اثر ٿي سگهي ٿو مثال اهي تعصبانه ٿي سگهن ٿا، انهي وقت جون معاشي حالتون انهن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون ۽ سياسي حالتن جو انهن تي اثر ٿي سگهي ٿو.
    هر ذريعي جي صداقت ۽ درستگي کي پرکڻ جي لاءِ ٻن قسمن جي تشخيص مان گذارڻو پوندو آهي.

    1. ٻاهرين تنقيد

    هن مطابق ذريعي جي درستگي، صداقت، سچائي کي ماپيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها ماپ تمام مشڪل ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها تمام آسان ٿي ويندي آهي.

    هن قسم مطابق هيٺين سوالن جا جواب ڳوليا ويندا آهن.

    ليکڪ ڪير آهي؟
    رپورٽر جون قابليتون ڪهڙيون آهن؟
    ليکڪ جون مواد متعلق خاص خصوصيتون ۽ خاميون ڪهڙيون آهن؟
    اهو ليک واقعي کان ڪيترو پوءِ لکيو ويو؟
    اها رپورٽ ڪيئن لکي ويئي؟ (ذريعا ڪهڙا استعمال ڪيا ويا؟)
    انهي رپورٽ جو ٻي رپورٽ سان ڳانڍاپو ڪيئن آهي؟

    2. اندروني تنقيد

    هن عمل مطابق ذريعي ۾ موجود ڄاڻ جي سچائي، درستگي کي ماپيو ويندو آهي. هن عمل کي هاڪاري ۽ ناڪاري تنقيد ذريعي مڪمل ڪيو ويندو آهي.

    هاڪاري تنقيد اسان کي يقين ڏياريندي آهي ته جيڪا معلومات مهيا ڪئي ويئي آهي يا ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اها معلومات سمجھ ۾ اچي ويئي آهي.هي طريقو اڪثر ڪري مشڪل هوندو آهي جو ٻڌايل معلومات ڪڏهن ڪڏهن اڻ چٽي هوندي آهي. لفظ يا محاورا جيڪي ذريعي ۾ شامل ڪيا ويندا آهن اهي ايڏا چٽا ناهن هوندا.
    ٻيو ته موضوع مطابق خيال جيڪو هن وقت موجود آهي ضروري آهي ته ماضي ۾ به اهو ئي موجود هجي.

    ناڪاري تنقيد ۾ اهو ڄاتو ويندو آهي ته ذريعن ۾ موجود مواد ڪيتري قدر حقيقت تي مبني آهي. هي طريقو ڪافي مشڪل هوندو آهي جو هن ۾ ذريعن ۾ موجود مواد جو حقيقت تي مبني هئڻ جي باري ۾ ڄاڻ جو هئڻ تمام ضروري آهي.

    ڪنهن واقعي جا شاهد يا انهي واقعي جو مشاهدو ڪندڙ وڌيڪ قابل اعتماد ۽ درست هوندا آهن.

    اندروني تنقيد مطابق هيٺين سوالن جا جواب ڳوليا ويندا آهن.

    ليکڪ ڇا ٿو چوڻ چاهي؟
    ليکڪ ڪهڙا خيال پهچائڻ چاهي ٿو؟
    انهن لفظن مان ڪهڙو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو؟

    تاريخدان اڪثر ڪري 3 انڪشافات ڪنهن به شاهدي کي پرکڻ جي لاءِ استعمال ڪندا آهن.

    1. توثيق، يا مواد کي ٻئي مواد سان ڀيٽڻ، جيڪڏهن ٻئي مواد ساڳئي موضوع جي ڄاڻ ڏين ٿا. هن مطابق ڄاڻ جي درستگي کي پرکيو ويندو آهي.
    2. ذريعا، يا ليکڪ جي سڃاڻپ، تاريخ يا ليک جي تخليق، يا جڳھ جتي اهو تخليق ڪيو ويو. هن طريقي مطابق پڻ ڄاڻ جي درستگي کي پرکيو ويندو آهي.
    3.. تعلق يا اهو ڄاڻڻ ته ڪٿي ۽ ڪڏهن اهو واقعو پيش آيو اهو به هڪ طريقو آهي ڄاڻ جي درستگي کي پرکڻ جو.

    4. مواد کي ترتيب سان ملائڻ ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ

    هن مطابق مليل مواد کي ترتيب سان ڳنڍڻ ۽ ان جي رپورٽ تيار ڪرڻ آهي.
    ترتيب سان ڳنڍڻ مطلب ان مواد جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ صرف لاڳاپيل مواد کي ۽ ان جي مرڪزي نقطن کي الڳ ڪرڻ آهي. ۽ ان کان پوءِ انهن نقطن کي هڪ طريقي سان اهڙي طرح پيش ڪرڻ جو اها هڪ مڪمل رپورٽ لڳي.
    ڪنهن به مليل مواد کي ترتيب ڏيڻ ۾ ۽ ان کي رپورٽ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ هيٺين چئن4 قسمن جي سوالن کي ضرور پرکڻ گهرجي.

    1. ڪوشش ڪئي وڃي ته ٻن لاڳاپيل واقعن جو الڳ نتيجو ڪڍيو وڃي. ان جو اهو هرگز مطلب ڪونهي ته جيڪڏهن ڪي ٻه واقعا گڏوگڏ ٿيا هجن انهن مان هڪ، ٻئي جي ٿيڻ جو سبب هجي.
    2. هڪ ٻيو مسئلو ته جيڪي به لفظ رپورٽ ۾ شامل ڪيا وڃن اهي واضع هجن ته جيئن مونجهاري کان بچجي ۽ اهو يقين ڏيارجي ته انهن جو مطلب ٺيڪ آهي.
    3. ٽيون مسئلو جيڪو غور طلب آهي اُهو اهو ڏٺو وڃي ته شاهديون انهي ڳالھ کي واضع ڪن ته ماڻهن ڪيئن انهي کي ڏسندا ۽ انهن ڪيئن ڏٺو ٿي؟
    4. چوٿون مسئلو ارادي ۽ نتيجي جي وچ ۾ فرق بڻائي رکڻ آهي. ٻين لفظن ۾، تعليمي تاريخدان انهي ڳالھ جي ضرور يقين دهاني ڪرائن ته جيڪي نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن اهي منصوبي تحت ڪيا ويا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو معلوماتي ليک ..... خوشي ٿي ته اوهان پنهنجون لکڻيون سنڌ سلامت تي شيئر پيا جيڪي هاڻ گوگل سرچ ذريعي سڀئي سنڌي پڙهي سگهندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    بهترين تمام سٺي ناليج ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا ، اوهانجي اهڙين تاريخي ۽ ادبي لکڻين لاءِ انتظار رهندو ، سدا سلامت هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو