• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ترقي لينس

Shabir Ahmed Qureshi

سينيئر رڪن
ڪاله الابراهيم آئي هاسپيٽل جو چڪر لڳو . اتي ڇو ويس پوءٻڌايانو ٿو .جمعو اڌ ڏينهن هوندي به رش. مان حيران ته ميمڻ ڳوٺ جي الابراهيم اکين جي اسپتال ۾ اچانڪ رش ڇو وڌي وئي آهي. ان جي اصل سبب جي خبر تڏهن پئي جڏهن مون پوڙهن پڪن بزرگن جو انٽرويو ڪيو. هڪ سنجيده بزرگ وراڻيو ته سائين وڏي جو حڪم آھي ته سنڌ جي ترقي لاء اکين جو علاج ڪرايو سو اسين سڀ پري پري کان اچي سائين قائم علي شاه جو ايجاد ڪيل “ترقي لينس “ لڳرائڻ آيا آھيون .هتي لينس زڪوات فارم ڀرڻ تي به مليو وڃن، مون کي اخباري نمائندو سمجهي وڏي درد منجهان چيائون ته ابل اسان جي اڇي، ڪاري پاڻيء وارين اکڙين ته گذريل چاليه سالن ۾ سنڌ جي بربادي ڏٺي.. آس اٿئون ته من ڪا ترقي نظر اچي. سک سان ساه “نڪري“…………
هڪ آخري ڪم واري ڳاله ڪن هيڏي .مان به ترقي لينس لڳرائڻ آيو هئس.
توهان کي به صلاح آھي.
 
Back
Top