جياريس سنڀـارَ، ڪـــهه ڪـــرينديس گڏجـــي، ويـــــر وتــــار وجـــــود ۾، پـــــرين جـــــي پــچار، سي سڄڻ هئن نه ڌار، جي هينئين ۾ حل ٿيا. شاه عبدالطيف ڀٽائي
جواب: شاہ عبدالطیف بھٹائی(شاعري) سُر سهڻي داستان پهريون 1 وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛ جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛ وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو. 2 واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو؛ گَھرِ ويٺيون گَھڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان؛ صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏٺِي آن؛ هُوندَ نه پَليو مان، گِھڙو سڀ گَھڙا کـڻِي. 3 ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ؛ ڪنِين سانگو ساهَ جو، ڪي ”گھورِيِسَ“ ڪيو گِھڙَنِ؛ ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي. 4 وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري؛ گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، سُڻِي سانجِھيءَ ٻانگَ؛ سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين. 5 گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛ سر در يار فِدا شُد چه بَجا شُد، وَصۡلَ اِهوئِي وَنگُ؛ رات جنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين. 6 گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛ وَ اَمَّامَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ، اِيُ لَنگِھيائِين لُنگُھ؛ سِڪَندِيَنِ کي، سَيَّدُ چَئي، ڪِينَ جَھلِيندو جَھنگُ؛ راتِ جِنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين. 7 گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُهارَ! ڄَنگَھ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي سيسارَ؛ چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ؛ لَکين چُهٽيسِ لوهِڻـيُون، ٿيلهيُون ٿَـرَنِئُون ڌارَ؛ مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُھڻِي. 8 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو؛ طالِبُ الۡمولىٰ مُذَڪَّرٌ، اِيُ ٻُڏَندَنُ ٻُوڙو؛ ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ مَنَ ۾. 9 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، پاڻان هو حِجابُ؛ واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ؛ ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آءٌ گھڻو ئِي گھورِيان. 10 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، تان ڪِي تَرُ، هِنيان! اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيهاڻِي ڏِيان؛ ميهارَنِ مِيان، سَئون سُونهايَم پيچِرو. 11 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، آسَرَ مَ لاهيجِ؛ لَا تَقۡنَطُو ا مِنۡ رَّحۡمَةِ اللهِ، تُرهي اِنَ تَريجِ؛ حَبِيباڻِي هيجِ، پَسِين مُنهُن ميهارَ جو. 12 گَھڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا؛ تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻِيءَ سَڏَ ميهارَ جا. 13 پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ؛ لُڙُ لنگھائي، سُهڻِي! پِرتِ وِجھنديءِ پارِ؛ سي تُرتُ لنگِھينديُون تارِ، اُڪَنڍَ آڳَہُ جن سين. 14 پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، رِءِ وَسِيلي وانءُ؛ مَٿان سائِرَ، سُهڻِي! پِرتِ وٺجي پانءُ؛ نينهن ڳِنهندي نانءُ، ونءُ پِريان جي پارَ ڏي. 15 ڪونهي آڳَہُ اَهِڙو، جهڙِي مُحبتَ مَنِ؛ اُڀيُون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ؛ نَدِي تِن نيڙُ ٿِئي، جي رِيءَ تُرهي تَرَنِ؛ سِڪَ رَساڻي، سُهڻِي! اَصۡلِ عاشِقَنِ؛ سي جَھليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي. 16 پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارَ؛ تُرَهو تِنِين بارُ، عِشقُ جنِين کي آڪِرو. 17 ساهَڙُ، سا سُهڻِي، سائِرُ پڻ سو ئِي؛ اهي نِجو ئِي، ڳُجُھ: ڳُجھاندَرَ ڳالھڙِي.
جواب: شاہ عبدالطیف بھٹائی(شاعري) وائي ڪهڙي مَنجھ حِساب؟ هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا! گولِي! ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونهي سُولُ ثَوابَ؛ نڪِي تَقاوَتَ ۾، نڪِي مَنجِھ رَبابَ؛ خُدِيائِي خُوبُ ٿِئين، لائِين جي لُعابَ؛ پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِـئي، جُنبِيو مَنجِھ جِنابَ؛ سو نه ڪَنهن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِھ تُرابَ؛ هُوءِ جي جَرڪِيا جَرَ تي، سي تان سَڀ حُبابَ؛ هادِيءَ سين هُنَ پاَر ڏي، رِڙهِين ساڻُ رِڪابَ؛ چَنبو وِجِھي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ، عُقابَ! دِيدُ وِڃاءِ مَ دوسَتَ جو هَلِي مَنجِھ حِجابَ؛ ڪَسرَتَ آهي قُربَ ۾، اِدۡغامَ ۾ اِعۡرابَ؛ فَنا وجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَبابَ؛ ڏي طَهُورا تن کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ؛ مُٺِيءَ ڪيا مرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ.
جواب: شاہ عبدالطیف بھٹائی(شاعري) داستان ٻيو 1 ڪَرَڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گھڻا، جِتِ جَرَ واڳُو جِئائِين؛ پاڻُ اُڇلِي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين؛ لَهريُون لَنگھيائِين، لُطف ساڻ لَطِيفُ چئِي. 2 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ؛ بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ؛ سارِيان ڪانَ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ؛ ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگھو رَسجِ سِيرَ ۾. 3 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري؛ توڏي تاڪُن وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وَري؛ آءُ، ساهَڙَ! مُنهِنجا سُپِرِين! پِرِتان پيرَ ڀَري؛ هادِيءَ، هَٿ ڌَري، اونهي مان اُڪارِئين. 4 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙڪو؛ آهيم اُنَهِين پارَ جو، دِلِ اندرِ دَڙڪو؛ ڀَڃي سِڪ، سَيَّدَ چَئي، سِيرَ سَندو سَڙڪو؛ والِي! ڪَج وَڙُ ڪو، ته ٻارِ لَنگھيان ٻاجھ سين. 5 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ جايوُن جانارَنِ؛ نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ؛ دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ؛ سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَليا هيٺ وَڃَنِ؛ پُرزو پئدا نه ٿِـئي، تَختو مَنجھان تَنِ؛ ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ، ويا ڪِينَ وَرَنِ؛ اُتي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگھاءِ تُون. 6 دَرَهَڙَ ڌَنۡسَ دَرياهَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا؛ سَئين اَچي سمُونڊَ ۾، ٿِيا سِيڻايا سوڙا؛ جي تارُو هُئا توڙا، تن هَرٻو ڀانيو هيڪڙو.
جواب: شاہ عبدالطیف بھٹائی(شاعري) داستان ٽيون 1 تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گِھڙڻَ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ؛ ڏَهَ ڏَهَ ڀيرا ڏِينهَن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ؛ عَقُل، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينهَن نِهوڙِيا. 2 گھيڙان ڪَري نه گُھورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي؛ جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ؛ ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي وَهلُورَ؛ جَنهِنکي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنهِنکي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾. 3 جِئان گِھڙي تِئان گھيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون؛ ڏَمَ سين جُسو ظاهِرا، مَنَ ميهارَ سين ميڙُ؛ سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي. 4 جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪوڙيُون؛ جن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گھيڙَ نه پُڇَنِ گھاٽَ؛ جن کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانـئِينِ وِکَڙِي. 5 ڪنهن جنهن گھيڙَ گِھڙِي، جئن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ؛ سالمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪَيوسِ؛ اُهِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ؛ حَقَّان حَقُّ ٿِيوسِ، هُئِي طالِبِ حَقُّ جِي. 6 هُئِي طالِبَ حَقُّ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ؛ نه مَلاحُ نه مَڪُڙِي، نڪِي ٻَڌي نوڙَ؛ پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾. 7 توڏِي توڙائِين، نِينهَن نوازِي سُهڻِي؛ ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين؛ سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسِرو. 8 توڏِي! تُهائِين جي، سي هِتي ڇَڏِ حِرصَ؛ ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي! کوٽِـيُون ڪَنِ کِرسَ؛ وَڏِي اِيَ وِرسَ، جِيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهَن گُذارِئين. 9 ساري سِکُ سَبَقُ، شرِيعَتَ سَندو، سُهڻِي! طرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ؛ مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلُ عاشِقنِ کي. 10 صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾؛ جي واصُل ٿِيا وِصال ۾، سي ذرو ظاهِرُ نه ڪَنِ؛ وِيبَتَ واهَرَ تَرَنِ، هِنئَڙا، جَنِ هَڄِي ويا. 11 سِياري سِہَ راتِ ۾، جا گِھڙي وَسندي مِينهَن؛ هَلو ته پُڇُون سُهڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن؛ جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئِي مَنَ ۾. 12 سانوَڻَ گِهڙي سَڀَڪا، هِيءُ سَرَهِي سِياري؛ تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري؛ مُحبَـتِي ماري، ڪونهي دادُ دَرياهَ ۾. 13 واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پِڻُ ليکو ڏيڻو؛ سدا سانوَڻَ ڏِينهَڙا، هِئن نه هُونداءِ؛ وهاڻي وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَهِي. 14 مُحَبَّـتِي ميهارَ جُون، دِلِ اَندرِ دُونهِيُون؛ آڻيو وِجھي آرَ ۾، لُهاڻو لُوهيُون؛ جي ساهڙ جُون سُونهيُون، سِير سِراڙو تن کي
جواب: شاہ عبدالطیف بھٹائی(شاعري) وائي مَدَتَ ٿِيُ، ميهارَ! يارَ! ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾. اُونها ڪُنَ، اَتانگَ تَڙَ، اولِي هَڻُ، آڌارَ! ڏِينهَن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهِيان اَوهان ڌارَ؛ ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ؛ تِتي گِھڙِي سُهڻِي، آڳَہَ رِءَ آڌارَ؛ ”ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو“، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ؛ سَنڀُوڙو سِيڻاهِ سين، سِگھو رَسُ، سَنگھارَ! اوراران آهُون ڪَرِيان، پَهچان شَلَ پرارَ؛ سُڻِيو جھانءِ جِھڄي هِنئون، سانڀارا سَنڀارَ؛ آيَـم ريلي ريءَ سين، اَللهَ تو آهارَ؛ تارِ تَرَندَيَسِ، لُڙَ لَنگِھينديَسِ، وِينديَسِ وَٽِ وَڇارَ؛ پُورِينديَسِ پارِ مَڻِي، سَهسَين جي سيسارَ؛ گولِي گھاگھائي گِھڙي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي (شاعري) تماممممم بهترين ادا توهان شاه صاحب جي شاعري سنگت سان ونڊ ڪري اصلي قرب ڪري ڇڏيا آهن ادا اهڙا قرب هيمشه ڪندا رهندا مهرباني ادا سائين
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي (شاعري) سائين مان يوٽيوب ۾ لاگ ان ٿي ويو آهيان۔ مونکي هي ٻڌايو ته مان يوٽيوب تي وڊيو ڪئين شيئر ڪريان۔ مونکي وڊيو سينڊ ڪرڻون آهي۔
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي (شاعري) جيڪر اَچي هاڻِ، ته ڪريان رُوحَ رُچَندِيُون؛ آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَرِ لڳِي ڳالھيون ڪَريان
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي (شاعري) مٺا سنتوش ڀلي ڪرين آئين۔۔۔۔ ير آهين ڪير۔۔۔ مطلب جي پنهنجو تعارف اسان جي اوطاق جي تعارف واري ڪمري ۾ڪرائين ته اصلي سڄي سنگت توهان کي ڄاڻي سڃاڻي وٺندي ۽اسان جو فقير جيڪو تازو ئي انٽرنيشنل فقير جي قبضي مان آزاد ٿي آيو آهي۔ اهو توهان جي لا گُلن جي مالا کڻي ايندو ۽ وري ادو وڏو سائين نثارابڙو به توهان کي ٻه چار سهڻا ٻول ٻڌائيندو ۽ ادو مست ته اصلي جهُمر وجهندو ڇو جو توهان سندس کي ڳوٺ جا آهيو۔۔۔ توهان جي تعارف جو انتظار رهندو
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي (شاعري) ادي سنتوش ڪمار کي ته اسين دل ۾ جايون ڏينداسون جو بيت ئي اهڙو ونڊ ڪيو اٿس، اها ڳالهه ته ڪو پرديسين کان پڇي ۔۔۔!!! جيڪــر اَچي هاڻِ، ته ڪـريان رُوحَ رُچَنـــــدِيُون؛ آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَرِ لڳِي ڳالھيون ڪَريان۔ پر رنجيت توکي رکي رام ۔۔۔ اوهانکي اها ڪيئن خبر پئي ته سنتوش مست جو ڳوٺائي آهي؟
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي (شاعري) ادا وڏا! سائين جن جي ماڳ واري خاني ۾ لکيل آهي ته سائين جن ڄامشوري جا آهن۔ بس مڙئي ڌُڪو لڳايو آهي۔ هاڻي ڏسون ڪٿي ٿا پهچون۔۔۔۔