• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم هي نظر جو دوکو آ ......

نظم
____
هي نظر جو دوکو آ يا حسين ڏاڍي آ
____________________
هي نظر جو دوکو آ يا حسين ڏاڍي آ هو
جنهن کي ڏسي ڏند آڱرين جو اچي ٿي روبرو
جوت هن جي ۽ جمال ،آهي قدرت جو ڪمال
ڏند موتين جهڙا جنهن جا ڪهڪشان ۾ ڪو بڪو
حورون پيون شرمائجن ،شرم ٻوٽي جيئن هجي
هو حسين ايڏو حسن ۾ نينهن ۾ صرف ونحو
چنڊ مڌم ،سج تابش ،ڪين ڪي ڏسجي سگهي
هي نسورو نور نرمل آ نظارو هو بهو
دل جو دروازو آ جنهن لئه کيل خوشين ۾ کليل
سا اچي ويٺي آ تنهن ۾ جنهن جي آهي جستجو

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top