شيرين سومرو ڪيس جون ڪجهہ حقيقتون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نياز الاهي طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2016۔

  1. نياز الاهي

    نياز الاهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    دادو
    * شيرين سومرو جا وڏا اصل ۾ ڪڇ جا ويٺل هئا ٖسندس پڙ ڏاڏو يوسف اچي گرهوڙ ۽ ڦلهڏيون ڀرسان ڳوٺ احمد خان سومرو جوڙيو جنهن کي ڳوٺ ڪرنل بچل سومرو بہ چوندا آھن.جيڪو هاڻي ميرپور خاص ضلع جي حد ۾ اچي ٿو ٖکين اتي ويهارڻ وارو سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلئ مظفر شاه جو والد غلام حيدر شاه هو ٖ جڏھن تہ ميجر ڪفايت وارا اصل جٽ ۽ ڊسڪا ضلع ساهيوال جا هئا پر 1971ع کان کپرو سنجهورو روڊ تي اچي ڳوٺ “ ساهي “ آباد ڪري ويٺا جيڪو سانگهڙ ضلعي جي حد ۾ آھي ٖ شيرين سومرو جي پيءٗ ڪرنل بچل سومرو ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد فوج جي ميڊيڪل ڪور ۾ ڪميشن ڪئي ۽ ڪرنل رينڪ تي پهتو ۽ ميجر ڪفايت وارن سان فوج ۾ هئڻ ۽ ڳوٺ ھڪ ايريا ۾ ھئڻ سبب اٿڻ ويهڻ ھو ٖ جن ڏينهن ۾ شيرين سومرو پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه ۾ چوٿين سال ايم بي بي ايس جي شاگرياڻي هئي انهن ئي ڏينهن ۾ ميجر ڪفايت جي پوسٽنگ آرمي ايويئيشن نوابشاه بيس تي هئي ٖ اتي ننڍن جهازن جي سکيا جو ايئرو ڪلب قائم ٿيل آھي جتي سرندي وارا هوابازي جي سکيا وٺندا هئا ٖ شيرين ان ايئرو ڪلب جي ميمبر پڻ هئي ٖ پهرين آڪٽوبر 1978ع تي ميجر ڪفايت ڪلب ۾ دعوت رٿي هئي جنهن ۾ شيرين سومرو بہ مدعو هئي ٖ ان واقعي بعد وقت گذرڻ سان گڏ ٻہ نقطہ نظر سامهون آيا هڪ اهو تہ نوابشاه ميڊيڪل ڪاليج جو هڪ پروفيسر شيرين سومرو سان شادي جو خواهشمند هو لفٽ نہ ملڻ بعد ان پروفيسر ڪاليج جي هڪ ڊرائيور کي لالچ ڏئي اها افواهہ پي ايم سي نوابشاه ۾ هلائي جيڪا سنڌ يونيورسٽي سميت سڄي سنڌ ۾ جهنگ جي باه جيان پکڙجي وئي ٖ ٻيو نقطہ نظر اهو بہ آھي تہ 19 مارچ 1978ع تي لاهور ها۽ ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي سزا۽ موت ٻڌائي چڪي هئي ضياء ڏسڻ پئي چاهيو تہ ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ ڪيترو رد عمل ڪري سگهي ٿي سو ان واقعي پويان ڳجها هٿ هئا سو جڏھن شيرين سومرو سان نوابشاه ۾ ميجر ڪفايت پاران مبينہ ڏاڍائي واري خبر سنڌ يونيورسٽي پهتي تہ ماحول جذباتي ٿي ويو ڄامشوري جا سڀ تعليمي ادارا سراپا احتجاج بڻجي نڪري پيا سڀ شاگرد جلوس جي صورت ۾ ڄامشورو ڦاٽڪ ٽپي حيدرآباد وڃي رهيا هئا اچانڪ پيٽارو کان حيدرآباد طرف ويندڙ فوجي ٽرڪون اچي گذريون مڇريل شاگردن ڄامشورو ڪالوني وٽ فوجي گاڏين تي پٿرن ۽ ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ مبينہ طور ھڪ فوجي سپاهي مارجي ويو ۽ ڪجهہ سپاهي زخمي ٿي پيا ان واقعي بعد جنرل ضياء جي مارشل لا سرڪار صفا ڏمرجي پئي ٖ علي حيدر شاه ٖ قادر بخش جتوئي ٖ ابوبڪر زرداري ٖ متارو ڏاهري ٖ رحمت الله هيسباڻي ٖ عنايت الله هيسباڻي ٖ سميع مڱريو ٖ اقبال نظاماڻي ٖ غازي صلاح الدين ٖ دودو مهيري ٖ شفيع ڪرناڻيٖ صمد ڪانڌڙو ٖ اختر ڪاڪيپوٽو ٖ بشير شاهاڻي ٖ شبير شاهاڻي ٖ امداد راٺوڙ ٖ رسول بخش ٿيٻو ٖ مير ٿيٻو ٖ حبيب الله ڪابورو ٖ غلام رسول خشڪ ٖ غلام نبي خشڪ ٖ نظر جوڻيجو ٖ معصوم سانگهڙائي ٖ خادم لاکير ٖ اشرف کهاوڙ ٖ اياز سومرو ٖ احمد علي سومرو ٖ ڊاڪٽر عبدالرحمان سومرو ٖ ڊاڪٽر ظفر قادري سميت سموري سنڌ مان سوين شاگرد گرفتار ٿيا ٖمان پاڻ قمبر ۾ گرفتار ٿي آزاد ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي مان ٻيهر گرفتار ٿيس گرفتار شاگردن مان ٽيٽيهہ شاگردن کي مختلف ملٽري ڪورٽن سزاؤن ٻڌايون ٖ مٿان سون تي سهاڳو اهو ٿيو جو شيرين سومرو بيان ڏنو تہ سندس سان اهڙو ڪو واقعو پيش نہ آيو آھي ميجر ڪفايت وارن سان سندس والد ڪرنل بچل سومرو جو گهرو تعلق آھي شيرين سومرو پاڻ ڇڏائي سموري فلم سنڌي شاگردن جي ڳچي ۾ وجهي ڇڏي بعد ۾ جسٽس فخرالدين جي ابراهيم واري عدالتي ڪميشن جڙي ٖ علي حيدر شاه وارن جو وڪيل رسول بخش پليجو هو ٖ اڪثر گرفتار شاگرد آزاد ڪيا ويا ٖرسول بخش پليجو کي هلندڙ ڪيس دوران گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ٖ شيرين سومرو ڪيس جسٽس فخرالدين جي ابراهيم ٽريبونل مان اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ منتقل ڪيو ويو ٖ اسپيشل ملٽري ڪورٽ شيرين سومرو ڪيس ۾ فوجي مارڻ واري ڏوهہ ۾ علي حيدر شاه ۽ قادر بخش جتوئي جي لا۽ سزا۽ موت جي سفارش ڪئي ذوالفقار علي ڀٽي جي تازي ڦاهي ۽ سنڌ جي احتجاج ۽ ڪروڌ کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي گورنر ۽ ڪور ڪمانڊر ليفٽننٽ جنرل ايس ايم عباسي سندن موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ٖ هلندڙ ڪيس دوران جنرل ضياء جو وزير چوڌري ظھور الاهي حيدرآباد آيو جتي شھاب الدين شاه جي بنگلي تي ڪجهہ ماڻھن ساڻس ملاقات ڪئي ان ملاقات بعد تنظيمي بيان جاري ڪري علي حيدر شاه ۽ قادر بخش جتوئي سان لاتعلقي جو اظھار ڪندي چيو ويو تہ جيئي سنڌ عدم تشدد واري پاليسي تي يقين رکي ٿي ان لا۽ ٻنهي باندي اڳواڻن جي ان فعل سان تنظيم جو ڪو تعلق ڪونهي ٖ ملٽري ڪورٽ ٻنهي اڳواڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جيل روانو ڪري ڇڏيو -
    علي حيدر شاه جو تعلق منهنجي اباڻي شھر قمبر ڀرسان واقع گهاڙ واه لڳ ڳوٺ سيد بالڻ شاه سان هو ٖ سندس والد بالڻ شاه پرائمري استاد هو ٖ علي حيدر شاه جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي باني اڳواڻن مان هو ٖ ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ صوبائي وزير بديع الحسن زيدي جي اغوا واري ڪيس ۾ نالو اچڻ بعد اڪثر روپوش يا جيلن ۾ رهيو -
    قادر بخش جتوئي لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي جي هڪ ڳوٺ جو ويٺل هوٖ 1976ع ۾ جساف جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هو -
    علي حيدر شآھہ ۽ قادر بخش جتوئي جو جيل مان جلاوطن ٿيڻ -
    2 مارچ 1981ع تي هڪ واقعو پيش آيو ٖ ٿيو هيئن جو پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن پي آ۽ اي جو بوئنگ جهاز پي ڪي 326 ڪراچي کان پشاور 145 مسافر کڻي وڃي رهيو هو تہ جهاز اڃان ڊيره اسمائيل خان مٿان فضا ۾ هيو تہ هائي جيڪ ڪيو ويو ٖ هائي جيڪرن هٿيارن جي زور تي پائليٽ کي پشاور بجا۽ افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل طرف هلڻ جو حڪم ڏنو ٖ پائلٽ ھائي جيڪرن جي چوڻ تي جهاز کي ڪابل ايئر پورٽ تي وڃي لاٿو ٖ جهاز کي افغان سيڪيورٽي فورسز گهيري ۾ آڻي ڇڏيو افغان اٿارٽين ڪنٽرول ٽاور ذريعي هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو ٖ هائي جيڪرن جي اڳواڻ سلام الله ٽيپو ٻڌايو تہ سندن ٽوٽل تعداد ٽي آھي جنهن ۾ سندس ٻہ ٻيا ساٿي جمال ناصر ۽ ارشد علي شامل آھن سندن وٽ جديد هٿيار موجود آھن ڪنهن بہ قسم جي ڪاروائي جي نتيجي ۾ جهاز کي مسافرن سميت اڏائي ڇڏيندا ٖ سندن تعلق “ الذوالفقار “ نالي تنظيم سان آھي ٖ سندن اڳواڻ مير مرتضئ ڀٽو آھي ٖ هو ان کان سواڪنهن جو بہ حڪم نہ مڃيندا ٖ سندن مطالبو آھي تہ جنرل ضياء فوري طور اقتدار کان الڳ ٿي وڃي ٖ عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن افغان سرڪار کين ڳالهين جي آڇ ڪئي پر هائي جيڪرن مير مرتضئ ڀٽو کان سوا۽ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پاڪستان سرڪار سندن پيءٗ ماءٗ کي زور تي ڪراچي کان ڪابل روانو تہ هو وڃي کين سمجهائن پر ٽنهي هائي جيڪرن ڪابل ايئر تي موجود پنهنجي والدين سان اهو چئي ملڻ کان انڪار ڪيو تہ سندن پيءٗ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ماءٗ بيگم نصرت ڀٽو آھي انهن ڏينهن ۾ مير مرتضئ ڀٽو افغانستان ۾ ترسيل هو افغان سرڪار جي درخواست بعد مير مرتضئ ڀٽو هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو ۽ کين ڪنهن بہ تڪڙي قدم کان روڪيو ٖمير مرتضئ ڀٽو اڳتي هلي هائجيڪنگ واقعي بعد صرف ايترو چيو تہ ان هائيجيڪنگ سان اسان جو تعلق نہ هو ليڪن اسان انساني جانين کي بچائڻ لا۽ ان معاملي ۾ پيا سين ٖ باقي الذوالفقار تنظيم هڪ حقيقت آھي ٖجنهن جو مقصد ظالم ضياء خلاف جدوجهد آھي ٖ انهن ڏينهن ۾ افغانستان اندر روس نواز سرڪار برسراقتدار هئي سو افغان سرڪار هائي جيڪرن جا اهڙا مطالبا پاڪستان سرڪار کي پهچايا ٖجنرل ضياء هنگامي طور فوجي ڪاؤنسل جو اجلاس طلب ڪيو اجلاس بعد پاڪستان سرڪار هائي جيڪرن جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اڳتي هلي هائي جيڪر ٻين مطالبن تان دستبردار ٿي صرف هڪ مطالبي تي اچي بيٺا تہ پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد 92 سياسي ڪارڪنن جن تي جنرل ضياء سرڪار طرفان سنگين الزام مڙھيل هئا اهي آزاد ڪري کين فورن ڪابل پهچايو وڃي هائي جيڪرن اهڙي قيدين جي فهرست افغان سرڪار معرفت پاڪستان سرڪار کي موڪلي مان انهن ڏينهن ۾ مان لاڙڪاڻي جيل ۾ باندي هئس اسان لڪي ڇپي هڪ ننڍڙي ريڊيو تي بي بي سي معرفت ان هائي جيڪنگ ڊرامي جون خبرون پئي ٻڌيون هڪ رات اوچتو جيل جي کولي مان ڪڍي جيل سپرنڊنٽ جي آفيس آندو ويو ڪجهہ ٻڌائن بہ نہ پيا تہ ماجرا ڇا آھي بس مون کان ڪجهہ ساده لباس ۾ ماڻھن پڇيو مرتضئ ڀٽو سان تنهنجو ڪهڙو تعلق آھي مون کين صاف ٻڌايو تہ مون آخري دفعو 14 آگسٽ 1977ع تي المرتضئ هاؤس ۾ سپاف جي هڪ ميٽنگ ۾ مير مرتضئ ڀٽو کي ڏٺو هو ان کان پو۽ نہ مان کيس ڏٺو آھي نہ ئي ڪو رابطو آھي بحرحال جيل سپرنڊنٽ جي آفيس ۾ عادي ڏوهارين جيان ڳچي ۾ سليٽ وجهي ان تي نالو ولديت رهائش جو پتو لکي ڪجهہ فوٽو ڪڍي ٻيهر کوليء ۾ موڪيائون مون تہ دل ۾ ڪلمو بہ پڙھي ڇڏيو تہ اڄ صفا فل فرا۽ ٿيندس ٖ بحرحال ڪابل ايئر پورٽ تي جهاز اندر هائي جيڪرن کي خبر پئي تہ جنهن رات جنرل ضياء ڀٽو صاحب جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو ڀٽو صاحب جو ملٽري اي ڊي سي رهندڙ ڪيپٽن طارق رحيم جنرل ضياء جو مخبر بڻيل هو ٖ هائي جيڪرن ڪيپٽن طارق رحيم کي سيٽ تان اٿاري کيس گولي هڻي قتل ڪري سندس لاش جهاز مان رن وي تي ڦٽو ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني تہ پاڪستاني جيلن ۾ قيد فهرست ۾ ڏنل قيدي آزاد نہ ڪيا ويا تہ وڌيڪ مسافرن کي قتل ڪيو ويندو ان سان گڏ هائي جيڪرن پهرين ڏنل 92 قيدين واري فهرست کي مختصر ڪري 54 قيدين جي لسٽ ڏنيٖ ڪيپٽن طارق رحيم جي قتل بعد افغان سرڪار تي عالمي دٻاء وڌي ويو ۽ افغان سرڪار هائي جيڪرن کي فوري ڪابل ايئر پورٽ ڇڏي وڃڻ جو چتاء ڏنو هائي جيڪرن ڪابل انتظاميہ کان جهاز ۾ تيل ڀرايو ۽ ليبيا جي گادي واري هنڌ ترپيولي روانا ٿي ويا پر ليبيا سرڪار جهاز کي تريپولي ايئرپورٽ تي لهڻ جي اجازت نہ ڏني جهاز جو تيل بہ ختم ٿيڻ تي هيو سو جهاز انساني جانين خاطر يونان جي گادي واري هنڌ اٿينس ايئر پورٽ لٿو تيل وٺڻ کان پو۽ جهاز شام جي گادي واري هنڌ دمشق وڃي لٿو دنيا جي هائي جيڪنگ واري تاريخ ۾ اها طويل ترين هائي جيڪنگ هئي جنهن کي ڏھن ڏينهن کان وڌيڪ ٿي چڪا هئا آخر پاڪستان سرڪار ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد 52 باندين کي آزاد ڪري دمشق پهچائڻ جو فيصلو ڪيو اهڙي طرح ملڪ جي مختلف جيلن مان جيڪي قيدي آزاد ڪري دمشق پهچايا ويا انهن ۾ شيرين سومرو ڪيس جا باندي قومپرست اڳواڻ علي حيدر شاه ٖ قادر بخش جتوئي ٖ شاه محمد شاه ٖ ڊاڪٽر غلام حسين ٖ جاويد حڪيم قريشي ٖ جاويد حسن شاه ٖ ڪرنل حبيب الله ٖ علي بابا ٖ سلطان علي فضل ٖ محمد افضل ٖ محمد حسين ٖ رشيد الربٖ طارق چيمہ ٖ اڪرم قائمخاني ٖ محمد رياض ٖ حنيف ميمڻ ٖ محمد اشرف ٖ سيف الله ٖ پرويز شنواري ٖ فريد انصاري ٖ نظر حسين ٖ محمد خالد شاد ٖ ارشد اعواڻ ٖ اعظم بٽ ٖ فيض بروهي ٖ سليم ميمڻ ٖ اشفاق بلوچ ٖ منظر عالم ٖ ڪامريڊ نيئر ٖ فضل رحيم راجہ ٖ مصباح الدين ٖ معين الله ٖ ڪامران حيدر ٖ ارشد بٽ ٖ خاقان مرزا ٖ جاويد اختر ٖ احسان الحق ٖ محسن ٖ بشير احمد ٖ منصوراحسان ٖ سميع منير ٖ ايس ايڇ احسن ٖ رحمت الله انجمٖ خليل قريشي ٖ جان عالم ٖ الياس صديقي ٖ مسرور احسن ٖ اي آر ناصر ٖ محمد الياس سربلند خان ٖ آصف بٽ ٖ الطاف عباسي ٖ مظھر علي ٖ مسز فرخنده بخاري ۽ منير وڙائچ شامل هئا ٖ شامي سرڪار جي ٽياڪڙي هيٺ آخر ڳالهيون ڪامياب ٿيون قيدين جي دمشق پهچڻ بعد هائي جيڪرن جهاز ۽ مسافر شامي انتظاميہ جي حوالي ڪيا ٖ مون کي ڪجهہ ڏينهن بعد جيل جي هڪ عملدار رازداري واري انداز ۾ ٻڌايو ڀاڳ ڀلا هيئي جو بچي وئين باقي ڳوٺ ڇڏائڻ جو پڪو پروگرام ٺھيل هيو اسان وارو ڀاڳ بہ سدائين ذري گهٽ گسيو آ انهن جلاوطن ٿيل سياسي ڪارڪنن مان ڪجهہ تہ واپس وطن موٽي آيا ڪافي اڄ بہ لنڊن ۽ يورپ ۾ پيا رهن ۽ اتي ئي سيٽ ٿي ويا آھن -
    علي حيدر شاه ۽ قادر بخش جتوئي جي وطن واپسي
    دمشق پهچڻ بعد مير مرتضئ ڀٽو جلاوطن ٿيل باندين کي چيو اوهان آزاد آھيو منهنجو ساٿ ڏئي الذوالفقار ۾ شموليت ڪيو يا جيڏانهن مرضي اٿو هليا وڃو ٖ شاه محمد شاه واپس وطن ورڻ جي خواهش ڏيکاري ان کي بلوچستان مير غوث بخش بزنجو جي ڳوٺ نال پهچايو ويو ٖ قادر بخش جتوئي ۽ ڪجهہ ٻين مشرقي يورپ وڃڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ٖ انهن کي اوڏانهن موڪليو ويو ٖ قادر بخش جتوئي سويڊن ۾ رهائش اختيار ڪري سال 2008ع ۾ قادربخش جتوئي پنهنجي وڪيل بيريسٽر ضمير گهمرو معرفت سنڌ ھا۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي تہ کيس مارشل لا دور ۾ انتقام جو نشانو بڻائي سزا ڏئي زوري جلاوطن ڪيو ويو کيس واپس وطن جي اجازت ڏني وڃي سنڌ ھا۽ ڪورٽ سندس پٽيشن تي سزا ختم ڪري کيس واپس ورڻ جي اجازت ڏني ۽ هو پاڪستان آيو ڪجهہ عرصو گذارڻ بعد واپس سويڊن هليو ويو ۽ هاڻ اتي رهي ٿو
    علي حيدر شاهہ جي وطن واپسي - دمشق پهچڻ بعد علي حيدر شاهہ مير مرتضئ ڀٽو سان گڏ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ ڪنهن مشن سانگي افغانستان مان سرحد ٽپي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا هيا تہ بلوچستان جي پنج پائي واري علائقي مان ساٿين سميت سيڪيورٽي فورسز هٿان گرفتار ٿي ويو سمورو عرصو پنجاب جي جيلن ۾ رهيو ٖ 1988ع ۾ راولپنڊي جي اديالا جيل ۾ باندي هو تہ بينظير ڀٽو صاحبہ وزيراعظم بڻي ٖ پو۽ علاج لا۽ درخواست ڏنائين تہ کيس راولپنڊي جي جنرل اسپتال منتقل ڪيو ويو ٖ اسپتال ۾ تيماداري تي متعين هڪ نرس کي دل ڏئي ويٺو آخر ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو ٖ علي حيدرشاه سرڪار کي شادي واسطي درخواست ڏني سرڪار کيس نہ شادي جي اجازت ڏني پر ٽن ڏينهن جي پيرول تي بہ کيس آزاد ڪيو ٖ علي حيدر شاه جي بارات جو جلوس بينظير سرڪار پاڻ منعقد ڪيو راولپنڊي جي ماڻھن کي اڄ بہ ان قيدي جي شادي جو جلوس ۽ سرڪس ياد آھي ٖ ڪجهہ عرصي کان پو۽ بينظير سرڪار جڏھن مارشل لا دور جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو تہ علي حيدر شاه بہ جيل مان آزاد ٿيو پو۽ اچي لاڙڪاڻي رهيو ٖ مير مرتضئ ڀٽو وطن وريو تہ ان سان گڏ ھو مير مرتضئ جي شھادت بعد گوشانشين ٿي ويو ٖ ويجهر ۾ علي حيدرشاه لاڏاڻو ڪري هي فاني جهان ڇڏي راه رباني وٺي ويو ٖ منهنجي سٺن دوستن مان هڪ دوست هو-جڏھن تہ شيرين سومرو جي شادي ڪراچي جي هڪ ڪروڙ پتي خاندان ۾ ٿي وئی پر ڪجهہ سال اڳ شيرين سومرو بہ انتقال ڪري وئي جڏھن تہ ٖ ميجر ڪفايت 10 آڪٽوبر 2010ع تي رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال ۾ جگر جي بيماري سبب 71 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو مائٽن سندس تدفين پنجاب جي شھر ڊسڪہ ۾ ڪئي ٖ
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    طويل ڪهاڻي پڙهي
    گهڻين ڳالهين کان واقف ٿياسين ۽ کوڙ سارين ڳالهين جي ٻيهر رويو ڪئيسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو