• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا قومپرست سنڌي 21 هين صديءَ ۾ به سنجيدي بحث جا اهل ناهن؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڊان نيوز طرفان هڪ بلوچ قومپرست ۽ انساني حقن واري تنظيم سان وابستا اختر بلوچ جي ڪيل پوسٽنگ، مون پنهنجي وال تي رکي آهي جنهن ۾ منهنجي طرفان ڪابه واڌ ڪيل ناهي ـ
مقصد رڳو اهو آهي ته پوسٽنگ تي سنجيده بحث ڪيو وڃي ته جيئن سچائي سامهون اچي ۽ ائين ساري دنيا ۾ ٿيندو آهي ـ پوسٽنگ جي ايم سيد ۽ جنرل ضياءَالحق جي ملاقاتن جي باري ۾ آهي پر ڪوڙا سنڌي قومپرست جن رڳو بدتميزي يا ڀتاخوريءَ کان علاوهه ڪجھه سکيو ڪونهي، سي وضاحت جي باوجود ته پوسٽنگ ڊان نيوز جي آهي، منهنجي ناهي، پوءِ به بدتميزي ڪري رهيا آهن جنهن ڪري مون ٻنهي قومپرستن کي بلاڪ ڪيو آهي ـ
مون جن به قومپرستن کي اڳ به بلاڪ ڪيو آهي، سي اختلاف راءِ سبب نه پر بدتميزيءَ ڪري بلاڪ ٿيا آهن جن ۾ ڪيناڊا جا سنڌي قومپرست خاص طور شامل آهن ـ ائين لڳي ٿو ته اهي ڪوڙا سنڌي قومپرست 21هين صديءَ ۾ رهندي به کوهه جي ڏيڏر واري حياتي گهاري رهيا آهن ـ
 
Back
Top