نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا دوستو، مٿي لکيل لفظن ۾ موجب مون وٽ ڪا ڇرڪائيندڙ خبر ڪانهي، پر هڪ ادبي خبر ضرور آهي، هر روز ڇرڪائيندڙ خبرون ٻُڌي ٻُڌي، ڇرڪَ اسان کان ڇرڪي ٻاهر ڀڄي ويا آهن. مُنهنجي خبر اها آهي ته ڪالهه سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي عهديدارن جو هنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مختلف ايجنڊائن تي غور ڪيو ويو. پهرين ايجنڊا هي هُئي ته شاخ کي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت فعال ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ س ا س شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر نثاراحمد ناز چيو ته سنڌ سموري هيرن جي کاڻ آهي، سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڪهاڻيڪار موجود آهي، شاعر موجود آهي، اديب موجود آهي، ۽ ادب دوست موجود آهي، بس ڳالهه رڳو انهن سان رابطو ڪرڻ جي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ ڳالهائيندي پروفيسر قادربخش ”حاتم“ مگسي چيو ته، محبتن جو سڏ ڏيو، شهر جي اديبن کي قائل ڪيو وڃي ته سنڌي ادبي سنگت جو پليٽ فارم ئي واحد سنڌ جو پليٽ فارم آهي جتي باقائده علم ۽ ادب جا ڪلاس هلايا ويندا آهن، ڏات ۽ ڏانءُ ٻنهي تي باقاعده بحث ڪيو ويندو آهي. صالح امير چيو ته هڪڙي ڪاميٽي ٺاهي وڃي جيڪا شهر جي ڏات ڌڻين سان ملي کين قائل ڪري ته سنڌي ادبي سنگت ئي سنڌ جو واحد ادارو آهي، جنهن مان ڪيئي ناميارا اديب پنهنجي پنهنجي ادبي اُڃ اُجهائي وڃي پار پيا آهن، سائين تاج ٽکڙائي انهي خيال جي تائيد ڪندي چيو ته بيشڪ اسان کي سنڌي اديبن سان رابطو وڌائڻ گهرجي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جي نئين چونڊيل سيڪريٽري، سيد سارنگ شاهه چيو ته سنگت ئي واحد ادارو آهي، جنهن مان سکڻ ۽ سيکارڻ جون ڪئين لاٽون نڪرن ٿيون، انهيءَ ايجنڊا تي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ڀلوڙ شاعر سائين مشڪور ڦلڪاري، هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. هن اجلاس جي ٻي اهم ترين ايجنڊا اها هُئي ته ايندڙ گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ ڪهڙي ريت سنڌي قوم کي سُجاڳ ڪيو وڃي ، جيئن سنڌي قوم پنهنجا مڪمل انگ اکر ڏيئي سگهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سنڌ جا اصلي وارث اڻ ڄاڻائي، ۽ هن اهم ترين ڪم کي غير اهم سمجهي دلچسپي نه وٺن ۽ پنهنجي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري نه ويهن. ان سلسي ۾ يڪراءِ طور اهو طئه ڪيو ويو ته ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پنهنجو سنڌ دوستيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي هڪ اي پي سي ڪوٺائيندي جنهن ۾ سنڌ جي هر پارٽي، سنڌ جو درد رکڻ واري هر سُڄاڻ گروپ کي دعوت ڏيئي ان سلسلي ۾ کين سجاڳ ڪندي. ان سلسلي ۾ هڪ ڪاميٽي جنهن ۾ سيد سارنگ شاهه، نثاراحمد ناز، مشڪور ڦلڪارو ۽ صالح امير هوندا جيڪي اي پي سي ڪوٺائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سُڄاڻ ڌُرين کي قائل ڪندا اهڙي ريت اها عهديدارن جي گڏجاڻي رات جو پُراڻي ٻارهين وڳي ختم ٿي.