• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوپارين جو وڻ

اسد الله لغاري

سينيئر رڪن
اردو ۾ انھن کي ڇاليا، عربي ۾ فوفل، فارسي ۾ پوپل ۽ انگريزي ۾ بيٽل نٽ چون ٿا. ھي ھڪ وڻ جو ميوو آھي، ان جي مزاج ٿدو خشڪ آھي، ھندوستان جي ڪافي رياستن خصوصن ڏکڻ ھند ۽ مالا بار ۾ ان جا وڻ ڪثرت سان ٿين ٿا، جيڪڏھن ھنڍي ۾ گوشت نہ ٿو ڳري تہ ٿورڙيون سوپاريون وجھوس جلدي ڳري ويندو، ان طرح سوپاريون انسان جي اندر کي بہ ڳارين ٿيون سوپاريون ۾ چند فائدا آھن ۽ گھڻا نقصان ان جي فائدي کان تمام گھڻا پراڻا آھن، سوپاريون ڏندن ۽ مھارن کي تہ مضبوط ڪندڙ آھن ۽ ھاضمي جي نظام کي متاثر ڪن ٿيون. سوپارين جا ڪيترا ئي قسم آھن ڪي اعليٰ درجي جون سوپاريون آھن ڪي وري بلڪل ردي قسم جون آھن، اسان وٽ پان، گھٽڪي يا مين پڙي ۾ جيڪا سوپاري بازار ۾ استعمال ٿي رھي آھي، سا بلڪل ردي قسم جي آھي جيڪا صحت لاءِ تمام گھڻي ھاڃيڪار آھي، ڊاڪٽري تحقيق مطابق سوپارين جو اندريون سفيد حصو ڪينسر جي مرض جو سبب بڻجندو آھي، سوپارين جو گھڻو استعمال وات ۽ معدي جو سبب بڻجندو آھي. سوپايون جسم کي ڳارين ٿيون

ليکڪ: محمد ڪرم اللّٰه انصاري
 
سٺي معلومات


26293377642_a17884e79e_o.jpg
 
Back
Top