ڪلو....

'مختلف موضوع' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪلو killo
    جڏهن کان ميٽرڪ سسٽم آيو“ سير“ ڦري ڪلو ٿي ويو.
    هر وات ۾ ڪلو ڏي ڪلو ڏي لڳي پئي آھي. سير اسان جو طاقت ور هئو “ڪلو “ پورا 66 گرام گهٽ آھي. پهاڪو مٽجي ويو سير کي سوا سير……… هاڻي ڪلو کي سوا ڪلو چوڻ ڪيڏو نه مضحڪه خيز لڳي ٿو. جيڪو پاء اٽي جو کائي ٿو سو سڀ سمجهي ٿو .سائين هاڻي ڪينئن چئون ته جيڪو اڍائي سو گرام اٽي جا کائئ ٿو ڪيڏي نه ڊيگه ٿي وئي.
    اسان جا سٻاجها مارو کير دهي گيه تيل وٺندي به ڪلو چون .چري هش ۾خوش. مورڳو لٽر ملي جيڪو وزن ۾ ڪلو کان به گهٽ.
    ڪلو هونئن ته سنڌيء ۾ مضبوطي جي علامت آهي، جيترو زمين اندر گَهِرو ٺوڪيل اوترو مضبوط .
    تڏهن ته اسان جي وڏڙن جي چوڻي هئي ته “وَڇِ ڪلي آھر ڪڏندي آھي“ يعني جيترو ڪلو مضبوط اوتري مستي. سائين اسان وٽ به بي ضمير، بد ديانت، بي حس ۽ بي شرم ڀوتارن جو ڪلو ڏاڍو ڪو مضبوط لڳل. ان وڇ وانگر پيا ڪڏن جنهن کي ڊگهي رسي مليل آهي.
    ڪِلو هن ملڪ ۾ عوام کي ڏيڻ لاء به ڪم ايندو آھي جنهن کي ڀوتار ڏنڊو ڏيڻ چوندا آھن.
    وپڊا وارا،ڪراچي اليڪٽرڪ وارا،گيس پيٽرول ڊيزل وارا هر ٻئي مهيني ڏنڊو ڏيندا آھن.
    دوائن وارا ڀوتار هر مهيني ڏنڊو(ڪلو) ڏيندا آھن.
    باقي حاڪمن حڪيمن جي ڳاله نه ٿو ڪيان انهن جو ڏندو سدا بهار تيل لڳل هر وقت تيار ماڻهوء جو موت ويندي جي ويرم.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو