• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مزيدار ٽوئٽس.

Shabir Ahmed Qureshi

سينيئر رڪن
مزيدار ٽوئٽس. سلام صبح بخير.
1.ملن کي ٻن ڏينهن ۾خبر پئجي وئي ته اسان جي ڌرڻي ۽عمران جي ڌرڻي ۾ فرق آھي.
اتي رنگ و نور جي بارش راڳ رنگ واري محفل هئي .اسان وٽ وڌيل پيٽ،موٽاگردن ، گاريون ۽ گرمي سو ٻن ڏينهن اندر واپس ٿيڻ ۾ عافيت سمجهيائون.
2.لاهورين جو چوڻ آھي جهڙي طرح پي ٽي وي تي ليگي وزير نواز شريف جي غربت جو بيان ڪن ٿا.اسان ارادو ڪيو آهي ته هن رمضان جي فطري جا پئسا نواز شريف کي ڏينداسين .
3.سني تحريڪ جو چوڻ آھي ته عمران خان هڪ سو 26ڏينهن جي ڌرڻي کان پوء جو ڪجه حاصل ڪيو اسان کي ٻن ڏينهن ۾ ملي وئي…يعني خواري.
4.مون کي مهرباني ڪري ان عامل بابا جو نمبر موڪليو جنهن جي دعويٰ آھي ته محبوب ٻن منٽن ۾ اوهان قدمن ۾ هوندو. محبوب پلمبر پيسا به وٺي ويو آهي نلڪو ساڳيو پيو وهي.
5 .مونکي دانشورن جي مجلس ۾نه وٺي هلو .بي ادب آھيان .کل اچي وئي ته پوءڇا ٿيندو.
 
2.لاهورين جو چوڻ آھي جهڙي طرح پي ٽي وي تي ليگي وزير نواز شريف جي غربت جو بيان ڪن ٿا.اسان ارادو ڪيو آهي ته هن رمضان جي فطري جا پئسا نواز شريف کي ڏينداسين .


هاهاهاها .... مونکي به ايئن ٿو لڳي
 
Back
Top