خبرون تي تبصرو / محمد خان سيال / اربع 13 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نواز شريف، آصف زرداريءَ جي حاضري ڀريندو: اعتزاز احسن (خبر)
* * ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو مشن هڪڙو آهي: ڪرپشن، ڪرپشن، ڪرپشن! (تبصرو)

* ادب جو چمڪندڙستاروآغا سليم لاڏاڻو ڪري ويو(خبر)
* * سنڌي ادب کي وڏونقصان، شل رب کيس جنت ۾ جايون ڏئي(تبصرو)

* پي ٽي آءِ کيس ملندڙ پرڏيهي امداد جي آڊٽ ڪڏهن ڪرائيندي؟: پرويز رشيد (خبر)
* *... جڏهن پرويز رشيد چرين جي اسپتال مان پنهنجو معائنو ڪرائيندو(تبصرو)

* دنيا جو ٻيو نمبر پراڻو وڻ ايران ۾ آهي (خبر)
* * دنيا جو پهريون نمبر ”پراڻو وڻ“ قائم علي شاهه ته سنڌ ۾ آهي (تبصرو)

*ٿر ڪوئلي مان10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو(خبر)
** تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي پنجاب جي حامين کي شديد صدمو (تبصرو)

* نادر مگسي، ساجد جوکيو،ثانيا ناز، جاويد ناگوري کي ترقياتي فنڊ جاري نه ٿيا (خبر)
* * زرداريءَ جي سوکڙي، قائم علي شاهه جي سنڌ سرڪار يا ذاتي جاگير؟ (تبصرو)

* خورشيد شاهه جي ڪرپشن جا فائيل مون وٽ آهن: چوڌري نثار(خبر)
* * ..پوءِ فائلن تي چڙهيو ڇو ويٺو آهين...شايد بليڪ ميلنگ لاءِ؟ (تبصرو)

* آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ ۾ ڪامورا رڪاوٽ آھن: وزير ناصر شاهه (خبر)
* * ..اوهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو؟ ڪير نه ٿو ٻڌيوَ ته استعيفا ڏيو؟ (تبصرو)
 
Back
Top