ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪيئن سُٺو ڳالهائي سگهجي ٿو؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    زندگيءَ ۾ ڪيئي دفعا اهڙا موقعا ايندا آهن جڏهن ننڍي يا وڏي ميڙ ۾ اسان کي پنهنجا ڪيل ڪم يا وري رِٿيل ڪم سر عام ٻُڌائڻا پوندا آهن. اهڙي موقعي تي ڪڏهن ته اسان ماڻهن جي ميڙ کي موهي وجهندا آهيون ڪڏهن وري اهڙو بيزار ڪندا آهيون جو هو ٻيهر اسان کي اسٽيج تي ڏسي پري ڀڄندا آهن. ايئن ئي وري مختلف نوڪرين جي حساب ساب سان به اهو ضروري سمجهيو وڃي ٿو ته اُميدوار کي گهڻن ماڻهن اڳيان اعتماد سان ڳالهائڻ ايندو هُجي. جيئن اڄ ڪلهه پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت واري امتحان کان پوءِ زباني امتحان واري مرحلي ۾ پريزنٽيشن جو پارٽ لازمي رکيو وڃي ٿو. پر اهو ڪم اسان کي ڪيترو ڏُکيو ٿو لڳي ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن پاران ڪيل هڪ سروي ۾ ان وقت حيرت ڄوڳا نتيجا سامهون آيا جڏهن خبر پئي ته ڪُجهه شين کان ڊپ بابت انگ اکر گڏ ڪيا ويا ته ماڻهن جي ميڙ ۾ ڳالهائڻ کان خوف پهرين نمبر تي آيو ۽ موت جو ڊپ ٻي نمبر تي هو. ساڳي جاءِ تي اها به حقيقت آهي ته اسان وٽ کي ميڙ ۾ ڳالهائڻ جي اهميت کان انڪار ڪرڻ جي گنجائش ناهي. ٿيڻ ته ايئن کپي جو اسان کي ننڍي هوندي کان اها ٽريننگ ملڻ کپي پرافسوس اهو آهي ته ترقي آفته ته ٺهيو پر ترقي پذير مُلڪن ۾ به هرو ڀرو عام جام اهڙو ڪو ڪورس ڪونهي جنهن سان ميڙ ۾ اسٽيج تي ڳالهائڻ جي ٽريننگ ڏني ويندي هُجي. اڪثر ڪري سُٺا ڳالهائيندڙ سُٺا لکندڙ نه هوندا آهن ۽ سُٺا لکندڙ وري ڳالهائي نه سگهندا آهن. پر ياد رهي ته جيئن هڪ عام ڳالهه به سُٺن لفظن ۾ پيش ڪجي ٿي ته اُها وڌيڪ پُر اثر ٿئي ٿي تيئن ئي وري هڪ سُٺـي ڳالهه بهتر اندازِ بيان سان به مشروط هوندي آهي. هونئن به هاڻ ڏينهون ڏينهن لکڻ کان وڌيڪ ڳالهائڻ ۽ وڊيو ذريعي پيغام رسائي جو دور پيو اچي. اڳي شين بابت معلومات ڏيڻ لاءِ لکي لکي پنا ڪارا ڪيا ويندا هُئا پر هاڻ وڏي کان وڏي ڪم لاءِ ڪُجهه منٽن جي وڊيو ڊاڪومينٽري ئي ڪافي هُجي ٿي. هاڻ وڊيو ٽيچنگ جو دؤر پيو اچي جنهن ۾ ڪامياب رُڳو اُهي هوندا جن کي ڳالهائڻ ايندو هُجي. انهي تناظر ۾ هر ڪنهن لاءِ پريشاني اها آهي ته هو اسٽيج تي هڪ سُٺو مُقرر ڪيئن ٿئي.

    عام طرح اهو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ايئن آهي به سهي ته لکڻ کان ڳالهائڻ ڏُکيو آهي. لکڻ مهل اوهان وٽ قلم پني تان هٽائي سوچڻ جو موقعو آهي. لکڻ مهل رف لکي فيئر ڪرڻ جو به موقعو آهي پر ڳالهائڻ وقت سَڄي چند راند لمحن جي هوندي آهي. مناسب لفظن جي چونڊ، ڍنگ سان ادائگي ۽ پنهنجي پيغام صحيح سان پُهچائڻ لاءِ موقعو بس چند لمحن جو هوندو آهي. تنهنڪري يقينن هي هڪ چئلنج آهي پر ايئن به ناهي ته اهو ڪو بنهه ڏکيو يا نا ممڪن آهي. جيئن مٿي لکيو ويو ته اڪثر مُلڪن ۾ ڪو ڪورس يا پروگرام ناهي جنهن ۾ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سکيا ڏِني وڃي تنهنڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڪڙا مُقرر اُهي سُٺا ٿين ٿا جن کي قدرتي ڳالهائڻ ۽ بروقت لفظن جي چونڊ ايندي آهي ٻيا اُهي جيڪي ذاتي شوق سان ان جي مشق ڪندا آهن. جيئن اسان جو هڪ دوست ڊاڪٽر اظهر علي اياز پيرزادو (هن وقت لاڙ ڪاليج بدين سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ليڪچرر) اسان سان يونيورسٽي دور ۾ گڏ هوندي شوق ڪري ويٺو ته هر سيميسٽر ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلي ۾ حصو وٺبو. اُن لاءِ هُن جنون جي حد تائين تياري ڪئي. جيڪو اسان ڏٺو سو اِهو هو ته هو هڪ اڌ ڪتاب کنيو پيو پڙهندو هو ۽ رات جو لکيل تقرير اسان کي ٻُڌائيندو هو. ڪو نه هُجي ته آئيني اڳيان بيهه پيو مشق ڪندو هو. مطلب ته ان ڪم لاءِ شوق ۽ جذبو هُجڻ لازمي آهي. سندس ان شوق جي نتيجي ۾ کيس نه رُڳو تقريري مُقابلن ۾ خوب پذيرائي ملي پر اڳتي هلي انعام به کٽيائين. ان سکيا دوران جيڪو هو سکيو ان کي مختصراً پوائنٽ وائز ايئن ٿو ٻُڌائي ته

    · اوهان اهو سمجهي ڳالهايو ته جيڪو ڪُجهه اوهان چئي رهيا آهيو اِن بابت رُڳو اوهان ئي ڄاڻو ٿا. ٻُڌندڙ هاڻي ٻُڌي پوءِ ان بابت سمجهندا. اوهان موضوع کي بهتر سمجهو ٿا ۽ اوهان جو فرض آهي ته اوهان کي ٻُڌي ٻُڌندڙ به اها ڳالهه ڄاڻن.

    · ميڙ ۾ ڳالهائڻ وقت رُڳو زبان نه پر پنهنجي جسم جي حرڪتن سان به ڳالهائبو آهي جنهن کي باڊي لئگويج چيو وڃي ٿو. ان جي به هڪ اهميت آهي. جيتوڻيڪ اها گهڻي نه هُجي پر پوءِ به صفا هڪ هنڌ بيهه بنا حرڪت جي ڳالهائڻ به ڪو سُٺو تاثر ناهي هوندو. ڳالهائڻ کان اڳ پنهنجي موضوع بابت وڌ کان وڌ معلوامت حاصل ڪري پوءِ وڃو. جڏهن به ڪنهن شيءِ بابت ڳالهه ڪريو ته ان جو تصور ذهن ۾ هُجي جنهن کي مناسب لفظن جو روپ ڏيئي ٻُڌندڙ تائين پُهچايو

    · ڳالهائڻ لاءِ بيهڻ جي جيڪا جاءِ مقرر آهي ان جي اصولن ۽ حدن جو خيال رکو. ڪوشش ڪري جيڪا جاءِ مقرر آهي ان تائين ئي حرڪت ڪندي ڳالهايو. ضروري ناهي ته ڪنهن پاپ سنگر يا اسٽيج اداڪار جيان جايون بدلائيندا رهو.

    تقرير جي فن ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ عمومي طور ڏاهن جا رايا پڙهجن ٿا ته ڪُجهه ڏاها وري اهو به چون ٿا جيڪڏهن سمجهو ٿا ته اوهان ۾ ميڙ ۾ اسٽيج تي بيهي ڳالهائڻ صفا ڏُکيو آهي ۽ ماڻهو اوهان ڏانهن متوجه نه ٿا ٿين ته پوءِ ڪوشش ڪريو ميڙ کي ٿورو کلائي پاڻ ڏانهن متوجه ڪريو. کلائڻ مان مراد ضروري ناهي ته ڪو لطيفو ٻُڌايو پر هلندڙ ڳالهه جي موضُوع سان نسبت رکندڙ ڪا به اهڙي ڳالهه جيڪا کين مسڪرائڻ تي مجبور ڪري اُها بيان ڪريو. مطلب ته غير مُتعلقه ڳالهه کان بهتر آهي ته موضوع بابت ئي ڪا دلچسپ ڳالهه ڪجي. پر جي اهو به نه ٿو ٿئي ته پوءِ پاڻ بابت ئي ڪا اهڙي ڳالهه ڪجي جنهن سان کڻي پنهنجي ڪا ڪچي ٿئي پر ان ڳالهه ڪرڻ ۾ به ڪو نياپو هُجي. پنهنجي مُشاهدي جي ڳالهه ڪندس ته جيئن هڪ دفعي هن مُلڪ ۾ نامياتي ڪئمسٽري جي سڀ کان وڏي سينٽر جي ڊائريڪٽر هڪ وڏي ميڙ ۾ پروجيڪٽ لکڻ جا گُر تي ليڪچر پئي ڏنو ته ميڙ متوجه نه هو. نوٽ ڪيم ته ماڻهن جي توجه حاصل ڪرڻ لاءِ ان چيو ته ”ضروري ناهي پروجيڪٽ لکڻ لاءِ وڏي تياري، ماحول يا اکين اڳيان مواد پيو هُجي. مو ن کي هڪ شاگردياڻيءَ پاران سندس شاديءَ ۾ دعوت ڏني وئي. رواج موجب مهمان به دير آيا ته ماني به دير سان هلي. تيستائين مون وٽ ڪرڻ لاءِ ڪُجھه نه هو. اچانڪ هڪ خيال ذهن ۾ آيو ته ٽشو پيپر کڻي ان تي ان خيال بابت پوائنٽ نوٽ ڪيم. اڳتي هلي اهو پروجيڪٽ لکيم جنهن لاءِ حڪومت مون کي سٺ لک رپيا ڏنا“ ان تي هال ۾ نه رڳو ٽهڪڙا مچي ويا پر دلچسپي پڻ پئدا سڀ متوجه ٿي کيس ٻُڌڻ لڳا ۽ هو پروجيڪٽ جي سکيا تي توجه حاصل ڪري ڳالهائڻ ۽ پنهنجو پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو. ايئن ئي هڪ ٻي صلاح به آهي ته ڀلي کڻي اوهان آهستي آهستي ڳالهه وڌايو پر سدائين اهو سوچي بيهو ته اوهان اسٽيج تي نه پر ڪنهن گهرن دوستن يارن جي محفل ۾ آهيو. ڇو ته اڪثر ماڻهن سان اهو مسئلو پڻ آهي ته هو دوستن يارن يا ويجهن عزيزن هوندي ته سُٺو پيا ڳالهائيندا آهن پر جيئن ئي ڪو نئون ماڻهو ڏسن ٿا ته کين هٻڪ ٿيڻ لڳي ٿي. سُٺي مقرر ٿيڻ لاءِ اهو شرط آهي ته نئين ماڻهو اڳيان ڳالهائڻ ۾ پريشاني واري عادت ڪڍڻي پوندي. ساڳي طرح وري سڄي ميڙ ۾ ڪنهن هڪ ويجهي هُجھتي يا سُڃاڻو ماڻهو جي موجودگي به پريشان ڪندي آهي. ان کان بچڻ لاءي ضروري آهي ته ٻُڌندڙن جي ميڙ مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي ذهن تي سوار نه ڪريو ته اهو ڇا سوچيندو؟ يا ڪهڙي راءِ ڏيندو. جيئن ئي هڪ ماڻهو تي توجه ڏبي ته پنهنجي ڳالهه تان توجه هٽي ويندي ۽ گڙٻڙ شروع ٿي ويندي. ڪوشش ڪجي ته ان ماڻهو تي گهٽ کان گهٽ نظر رکجي جنهن مان اهو ڊپ هُجي ته هو يقيني تنقيد ڪندو يا هوٽنگ ڪندو.


    رُڳو ايئن به ناهي ته اسان لاءِ سُٺو مقرر ٿيڻ رُڳو انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اسان کي ڪيريئر جي راهه ۾ ڪٿي به ميڙ ۾ ڳالهائڻو پئجي سگهي ٿو پر اسان جيترو گهڻن ماڻهن وچ ۾ ڳالهائينداسين ۽ پنهنجا تجربا، پيغام يا سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان جو هڪ تعارف ٿيندو. ڳالهائڻ سان اسان ۾ اڳواڻي واري خاصيت اُڀري اچي ٿي. اسان کي جيڪو اچي ٿو اهو ٻين آڏو بيان ڪبو ته ٻُڌندڙن کي پڻ اسان بابت ڄاڻ ملندي. ڇو ته ڪُجهه به پڙهڻ سان جيڪا معلومات ملي ٿي سا ته ياد رهي ٿي پر جنهن لکيو آهي اُن بابت خصوصي دلچسپي نه هُجي ته ان جي نالي کي پڙهيو به ناهي ويندو يا وري پڙهي وساري ڇڏبو آهي پر جڏهن به ڪا ڳالهه اثرائتي نموني ٻُڌون ٿا ته ان جي ٻُڌائيندڙ کي اسان ٻُڌندڙ پڻ ڪو عرصو ياد رکون ٿا.


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. اطهر مهر

    اطهر مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مارچ 2016
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    رستم ضلع شڪارپور
    اوهان ڏاڍو سٺو تحرير ڪيو آھي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڻ کي به هميشه ماڻهن جي ميڙ ۾ ڳالهائڻ کان ڊڄ لڳندو آ ..... ۽ ڪڏهن اهو به ٿيندو آ اوچتو بنا پلاننگ جي اسٽيج تان سڏ ٿيندو آ ته هاڻي فلاڻو ڳالهائڻ ايندو .....
    پوء به سٺو ليک وڻيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو