آغا سليم جو وڇوڙو : ماءُ کاهوڙي هليا، دُکائي دُونهان! : جامي چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ماءُ کاهوڙي هليا، دُکائي دُونهان!

    جامي چانڊيو

    سنڌ ۾ سُٺيون خبرون اچڻ جي مُند ڄڻ ته موڪلائي وئي آهي. روز ڪانه ڪا خبر ڪاريهر بڻجي سنڌ جي روح ۽ وجود کي ڏنگي ٿي. سائين آغا سليم جي وڇوڙي جي خبر به اهڙي ئي هڪ ڏکوئيندڙ خبر آهي، جيڪا ڇيت بڻجي سنڌ جي هنياءُ ۾ کُپي وئي آهي. هو رڳو هڪ فرد ٿوروئي هو، جديد سنڌي ادب جو هڪ وهائو تارو، سگهارو آواز ۽ ڏاهپ جو املهه خزانو هو. جنهن جنهن ماڻهوءَ آغا سليم کي زندگيءَ ۾ پڙهيو، کانئس سِکيو ۽ ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن کان سنڌ جو هيءُ تخليقي ڏاهو انسان ڪڏهن به وسري نه سگهندو.
    هونئن ته سنڌ جي ادبي تخليقي ڪُکِ هميشه سائي رهي آهي پر 18هين، 19هين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ جو ادبي اتهاس انهن بلندين کي رسيو، جنهن جو اڳ ڪو مثال نه ٿو ملي. سياسي طرح اِهو سنڌ جي زوال جو دور ۽ ادبي طور اهو سنڌ جي عظمتن جي بلندين جو دور رهيو. انهن ٽن صدين ۾ ارڙهين صديءَ ۾ لطيف سائينءَ کي ڇڏي ڪري، ويهين صديءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ هڪ غيرمعمولي ادبي دور آيو، جيڪو ڪشنچند بيوس، عبدالڪريم گدائيءَ، ڪاڪي ڀيرومل، گربخشاڻيءَ ۽ نادر بيگ مرزا کان ٿيندو شيخ اياز ۽ سندس انيڪ همعصرن جي صورت ۾ سنڌ ۾ جديد، روشن خيال، وطن دوست ۽ ڏاهپ ڀريي ادبي دور جي هڪ نئين دنيا تخليق ڪري ويو. آغا سليم ان دور جو هڪ اهم ترين نالو ۽ حوالو آهي. شڪارپور جي ته ڪا مٽي ئي تخليقيت مان ڳوهيل آهي، جنهن ساميءَ، کيئلداس فانيءَ، شيخ اياز ۽ آغا سليم جهڙن وڏن ۽ غيرمعمولي تخليقڪارن کي جنم ڏنو.
    ويهين صديءَ ۾ اهو هڪ نسل هو، جنهن مان هڪ هڪ ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سنڌ جي تخليقي سينڌ سنوارڻ ۾ وَسان گهٽائڻ ته ڇا پر پنهنجون حياتيون علم، ادب، فن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ارپيون. سنڌ جي انهن عاشقن مان هڪ وڏو نالو آغا سليم جو هو، جنهن کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، شاهه لطيف، تصوف، بابا فريد ۽ آرٽ سان نه رڳو عشق هو پر اِها ئي هن جي زندگي هئي، اِهي موضوع ۽ محبتن جا محور سندس زندگيءَ جا روح پرور استعارا هئا. استعارا ڇا، هو انهن سان گڏ جيئندو هو، ساڻن گڏ ساهه کڻندو هو، ساڻن روح جون رهاڻيون ڪندو هو، کانئن اُتساهه وٺندو هو ۽ انهن بابت سوچڻ، تخيل ۾ رهڻ سان گڏ، کين من جي گهرائين سان محسوس ڪندو هو. هو جيئن ته بنيادي طور وحدت الوجودي هو، ان ڪري هن سنڌ، شاهه لطيف، تصوف، سنڌي ٻوليءَ ۽ بابا فريد جهڙن شاعرن سان پنهنجي روح ۽ خيال جي وحدت جو رشتو جوڙي، هن پنهنجي زندگيءَ، فن، قلم ۽ فڪر کي جيڪا معنويت بخشي، ان کيس سنڌ جو آغا سليم بڻائي ڇڏيو، جيڪو سنڌ کان ڪڏهن به وسري نه سگهندو ۽ نه ئي ڪو سندس جاءِ والاري سگهندو، جو هو پنهنجي مزاج، سوچَ، اَکِ ۽ خيال جي اُڻتِ ۾ هڪ بِنهه نرالو ۽ يگانو ماڻهو هو.
    آغا سليم جا هيٺيان حوالا سنڌي ادب جي حوالي سان کين جديد سنڌي ۾ اُها جاءِ ڏين ٿا، جيڪا سندس هم عصرن مان گهٽ اديبن جي حصي ۾ آئي. مان نئين نسل کي هن سان متعارف ڪرائڻ لاءِ هتي ڪجهه نقطا ۽ خيال ونڊڻ چاهيان ٿو.
    (1) جيتوڻيڪ آغا سليم شاعري به ڪئي پر هو بنيادي طور هڪ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو. شاعريءَ جي حوالي سان کيس وڏي پايي جو شاعري شناس شخص سڏي سگهجي ٿو. سندس ناولن ۾ “همه اوست” ۽ “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” اُهي ڪتاب آهن، جن پنهنجي دور تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ ڪيترائي نسل انهن مان اتساهه وٺندا رهيا. مون اُهي ٻئي ناول اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهيا ۽ آغا سليم جي جمالياتي ٻولي ۽ سندس گهرو تخيل اهڙا ته سحر انگيز هئا، جو ماڻهو کيس پڙهندي ڪجهه وقت لاءِ ته پنهنجي وجود کان ئي ويڳاڻو ٿي ويندو آهي. انهن ناولن ۾ هن پنهنجي قلم جي جادوءَ ۽ اثرانگيزيت جي آسمانن کي ڇُهيو. جيتوڻيڪ آغا سليم جا ادب جي ٻين شعبن ۾ به وڏا غيرمعمولي ڪم ٿيل آهن پر سندس سڃاڻپ وري به سڄي ڄمار “چنڊ جا تمنائي”، “همه اوست” ۽ “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” ئي رهيا. بعد ۾ ڪڏهن ڪڏهن هو ان تي چڙي به پوندو هو ته منهنجا ٻيا ڪم وڌيڪ معياري آهن پر آخر ماڻهو مون کي صرف انهن ناولن ۽ ڪهاڻين جي حوالي سان ئي ڇو ٿا سڃاڻن؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪي تخليقون اديبن جي سڃاڻپ ۽ سندن ذات جو حوالو بڻجي وينديون آهن، ماڻهن کان اُهي اديب وسري ويندا آهن پر کانئن اُهي تخليقون ناهن وسرنديون. هومر جي اڄ تائين ڪا خبر ناهي ته هو اصل ۾ ڪير هو پر سندس “ايليڊ” ۽ “اوڊيسي” لافاني آهن. يوناني ناٽڪ نويس اسڪائي ليس ماڻهن کي ڀل ياد نه هجي پر سندس عظيم ناٽڪ “Prometheus Bound” اڄ به جيئرو آهي. يوناني ناٽڪ نويس يوريپيڊس لاءِ ٽالسٽاءِ چيو هو ته سندس هڪ ناٽڪ “ميڊيا” سموري روسي ادب تي حاوي آهي. ورجينا وولف جو ناول “ٽو دي لائٽ هائوس”، هنرڪ ابسن جي ناٽڪ “گُڏين جو گهر”، وڪٽر هيوگو جي ناول “لي مزر ايبلس”، جنهن کي بالزاڪ ٽالسائي جي “جنگ ۽ امن” کان به وڏو ناول قرار ڏنو هو، ايمائل زوالا جي ناول “نانا”، بالزاڪ جي “پوڙهو گوريو“، گستائو فلائوبير جو “هڪ رانديگر جا خاڪا”، دوستو فسڪيءَ جو “جرم ۽ سزا”، گورڪيءَ جو “ماءُ”، سروانٽيئر جو “ڊان ڪهوٽي”، جديد يوناني ناول نويس ۽ شاعر ڪازان زاڪبز جو شاهڪار ناول “زوربا دي گريٽ” اهڙا شاهڪار آهن، جيڪي انهن اديبن جي سڃاڻپ بڻجي ويا، ايئن ئي سنڌ ۾ آغا سليم جي ادبي سڃاڻپ اهي ٻه ناول بڻيا، جيتوڻيڪ هو هڪ همه گير شخص هو.
    (2) جيتوڻيڪ لطيف سائينءَ تي انيڪ عالمن ۽ اديبن لکيو آهي ۽ سندس پرک ۽ پروڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر آغا سليم جيئن ته تصوف ۾ وڏي دلچسپي ۽ ان موضوع تي عبور رکندو هو، ان ڪري هن نه رڳو لطيف سائينءَ جو شاندار منظوم ترجمو اردوءَ ۾ ڪيو پر مٿس وحدت الوجود جي حوالي سان ۽ سندس فن جي عظيم لطافتن جي لحاظ کان پڻ لکيو. ان لحاظ کان هو لطيف جي پارکن ۾ پڻ اهم جاءِ والاري ٿو. منهنجا ان حوالي سان ساڻس سدائين اختلافي بحث پڻ ٿيندا هئا، جو مان ساڻس اهو اختلاف رکندو هئس ته لطيف کي رڳو وحدت الوجود جي اَکِ سان ڏسڻ ۽ پرکڻ وڏي زيادتي ٿيندي پر ان لاءِ آغا صاحب وٽ پنهنجا دليل هوندا هئا، جن کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه هو ۽ اسان جو اهو اختلاف محبتي رشتي جيان سدائين قائم رهيو. فڪر کانسواءِ هو لطيف جي ٻوليءَ ۽ شاعرانه جماليات جو وڏو عاشق ۽ پارکو هو. ساڻس آخري رهاڻ به ڪراچيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ان ئي موضوع تي ٿي. کيس ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن به ٻاهران مشين ذريعي ڏني ٿي وئي پر هو جڏهن لطيف تي ڳالهائي رهيو هو ته هن جو ٻهڪندڙ مُنهن ڏسڻ وٽان هو، هن جي اندر ۾ لطيف جي ڏاهپ ۽ فن سان عشق ۽ لطيف جو جمالياتي روح سندس چهري جي ريکائن مان بکي رهيو هو. آغا سليم لطيف سائينءَ تي نه رڳو لکيو، سندس مڪمل منظوم ترجمو اردوءَ ۾ ڪيو پر هن ان جو هڪ چڱو حصو انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو. لطيف سائينءَ تي لکيل هن جي ڪتابن ۾ لات جا لطيف جي، سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُرَ، انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Introduction of the poetry& Mystic thought of Shah Abdul Latif Bhitai” ۽ تازو ئي شايع ٿيل “جيڪي ڏٺو سو مون” شامل آهن. هو لطيف بابت هڪ نرالي اک، راءِ ۽ پرک رکندو هو. اهڙيءَ طرح هن سچل سرمست تي پڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب “Sachal- The Rapturous Soul” نالي ڪتاب لکيو، جيڪو تصوف جي لحاظ سان لطيف جي اُبتڙ منصور حلاج جي فڪر، مزاج ۽ روايت کان گهڻو متاثر هو.
    (3) آغا سليم هڪ دانشور ماڻهو هو، هن جو مطالعو رڳو شاعريءَ، افسانوي ادب يا ادب تائين محدود نه هو، فلسفو، تصوف، موسيقي ۽ تاريخ هن جا پسنديده موضوع هئا. هو ٺلهو جذباتيت جو حامل اديب نه هو پر هو تاريخ جو شعور رکندڙ، تاريخ جي معروضيت ۾ ويساهه رکندڙ ۽ عقليت ۽ حساسيت ۾ توازن جو قاعل هو. ان ڪري هو هر موضوع بابت پنهنجي هڪ منفرد راءِ رکندو هو، جنهن سان ڪيترن ئي موقعن تي اختلاف به ڪبو هو ۽ ساڻس وڏا بحث به ڪبا هئا پرهن جي هڪ “صاحبِ راءِ” پارکوءَ واري حيثيت ڪمال جي هئي. هن ان جي ڪڏهن پرواهه به نه ڪئي ته سندس راءِ تي زمانو ڪهڙي راءِ ڏيندو ۽ اهو ئي هڪ سچي دانشور جو ڪم ۽ فڪري وَڙُ ٿيندو آهي. ان ڪري آغا سليم جتي هڪ وڏو اديب هو، اُتي هڪ وڏو ادبي ۽ فني پارکو پڻ هو. مثال طور هن پنهنجي همعصر وڏي شاعر شيخ اياز تي پڻ ڪتاب لکيو. هو ڪيترين ڳالهين ۾ شيخ اياز سان اختلاف به ڪندو هو پر هو ساڳئي وقت سندس ادبي عظمت جو به متعرف هو، نه ته عام طور هڪ ٻئي جا همعصر عام طور هڪٻئي لاءِ ايماندارانه راءِ ڪونه ڏيندا آهن، جيئن ٽالسٽاءِ ترگنيف کي تسليم نه ڪندو هو ۽ روسو والٽيئر کي نه مڃيندو هو، يا يوناني ناٽڪ نويسن ۾ ارسٽوفينز پنهنجي هم عصر عظيم ناٽڪ نويس يوريپيڊس ۽ ڏاهي سُقراط کي نه مڃيندو هو. آغا سليم هڪ ادبي پارکوءَ سان گڏوگڏ هڪ تخليقي محقق به هو. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن تحقيق مان ثابت ڪيو ته بابا فريد نه رڳو پنجابيءَ جو پر سنڌيءَ جو به پهريون وڏو ڪلاسيڪي شاعر هو. سندس لطيف سائينءَ تي آيل آخري ڪتاب “جيڪي ڏٺو سو مون” ۾ ان جا عڪس ڏسي سگهجن ٿا. يا خاص طور تي هن جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Allexander Conquet of Sindh” ان لحاظ کان تمام اهم آهي ۽ آغا صاحب پاڻ به پنهنجي هن ڪتاب کي پنهنجن سمورن ڪتابن کان وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه مهينا اڳ مون کي ٻُڌايائين ته هو ڪلهوڙن جي دور جي حوالي سان انيڪ نوان نقطا تاريخ مان ڳولي ڪڍي آيو آهي، جن تي هو لکڻ چاهي ٿو، پر صحت ۽ زندگيءَ کيس ان جي وِٿي نه ڏني.
    (4) آغا سليم ذاتي طور به شخصيت ۾ باوقار، زندهه دل، جمالياتي ذوق رکندڙ ۽ هڪ حساس طبع انسان هو. سندس ٽهڪ زندگيءَ سان ڀرپور، سندس طنز ۽ مزاح جي حس ڪمال جي، حالتن آهر چرچي ڀوڳ ۾ جملي بازيءَ جو بادشاهه. 1994ع جي ڳالهه آهي، پي ٽي ويءَ تي مون ۽ نصير مرزا کانئس پروگرام “اڄ جو مهمان” ۾ انٽرويو ٿي ڪيو. انٽرويو جي وقفي دوران نصير کيس چيو، مون خيرپور جو سفرنامو لکيو آهي، ان تي مهاڳ توهان لکو. کِلي چيائين، “ادا هڪڙو سنڌي چڙهي ويو کجيءَ تي، پوءِ هيٺ نِهاري چيائين پنهنجو ديس آخر پنهنجو آهي.” نصير ۽ مان سندس ان حاضر جوابيءَ تي بي اختيار کِلي ڏنو. ايئن هن جا حميد سنڌيءَ، غلام نبي مغل، ظفر اُڄڻ ۽ رسول بخش پليجي سان چرچا، ڀوڳ ۽ جملي ساڻن بازي ڪمال جي هوندي هئي پر انهن ۾ محبت ۽ ظرف هوندو هو. هڪڙي ڀيري مشتاق راڄپر هن کي پليجي صاحب وٽ وٺي آيو، ڪچهري متي، اسان به هئاسون. پليجي صاحب کيس ڀوڳ ۾ چيو، “بابا تون پٺاڻ ماڻهو وڃي دغا دروڙا ڪر ۽ پِستا کپاءِ، تنهنجو ادب ۾ ڇا وڃي؟” آغا صاحب جي حاضر جوابيءَ جو ڪمال هو جو ٺهه پهه اسان کي چيائين، “بابا پليجي کي رنبو ۽ ڪهاڙو وٺي ڏيو ته بنڊ ڏاري، هن جو ادب جهڙي نفيس ڪم سان ڇا وڃي.” ۽ پوءِ فضا ۾ رڳو ٽهڪ هئا. اهڙا انيڪ واقعا ساري سگهجن ٿا پر هو دل جو زندهه دل ۽ معصوم طبع ماڻهو هو. ڳالهه وڻي يا نه منهن تي چئي ڏيندو هو پر دل ۾ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو ۽ اهڙي حُجت هو ڪندو به پنهنجي دل گهرين ماڻهن سان هو. منهنجو به ساڻس قرب ۽ دوستيءَ جو تعلق ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان هو. اِها سندس شفقت هئي جو هو اسان کي ڀائيندو هو، مان ڏيندو هو ۽ تمام گهڻو ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ چاهيندو هو. حيدرآباد جڏهن به ايندو هو، مون کي چوندو هو ته نوجوانن سان ملاءِ، مون کي انهن مان وڌيڪ اتساهه ملي ٿو.
    اها ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي جو مون کي اسان جي گڏيل دوست غلام نبي مغل فون ڪري چيو ته آغا صاحب چوي ٿو ته “جاميءَ کي پرچائي ڏي ۽ کيس چئو ته ملي وڃي.” منهنجو هن سان محبت جو رشتو هو، ساڻس ڪوبه رُسامو نه هو، اهو هن جو محبتي انداز هو. ان ئي هفتي مان ۽ سحر گل وٽس ڪراچيءَ ملڻ وياسين. بيحد خوش ٿيو. لطيف، بابا فريد، ماڌو لال شاهه حسين، ميان محمد بخش، اڄوڪي سنڌ، سنڌ جي سياسي تاريخ سميت انيڪ موضوعن تي طويل ڪچهري ٿي. هميشه جيان چرچا ڀوڳ ۽ جملي بازي به ٿي. سندس ڪتاب بحث هيٺ آيا ۽ سندس هڪ جملي مون کي هڪ لمحي لاءِ صفا سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن چيائين ته، “وڏي حسرت رهي ته توسان گڏ هندوستان جو ادبي سفر ڪريان!” اها هن جي محبت ۽ شفقت هئي. مون کيس چيو، “اهو مون لاءِ اعزاز هوندو ۽ توهان صحتياب ٿيو ته ضرور هلنداسين.” افسوس جو هو اُهو سفر پاڻ سان گڏ کڻي هليو هو. آغا سليم سنڌ جو اهو اديب هو، جنهن سان ڪڏهن به اسان کي ٽهيءَ جو فرق محسوس نه ٿيو. هڪ ڏاهو، اديب، شاعر، پارکو، محقق، سنڌ جو عاشق، ٻوليءَ جي حُسناڪين تي فدا ٿيندڙ، موسيقيءَ جي لئه مان ڳوهيل ماڻهو- ڇا ته شخص هو آغا سليم! سنڌ هن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن جي حَسين مُرڪ هڪ استعاري طور هن کي هميشه انهن دلين ۾ محفوظ ۽ زندهه رکندي، جن کيس ڏٺو، پَسيو ۽ ساڻس ادبي پنڌ ڪيو. آغا سليم سان وري ملي نه سگهبو، اهو خيال ئي جيءُ جهوري ٿو وجهي، پر ڇا ڪجي ثبات زندگيءَ ۾ سفر ۽ وڇوڙي کي آهي ۽ هو وحدت الوجودي آغا سليم وڃي لطيف ۽ بابا فريد سان گڏيو، جيڪي سدائين سندس روح ۾ رچيل رهيا. لطيف هن جهڙن لاءِ ئي چيو هو ته:

    ماءُ کاهوڙي هليا، دُکائي دونهان،
    ڇپرَ جا سُونهان، ڏوٿين ڏُٿ چتائيو. (لطيف)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو