ڀٽائي جي پيغام سان دنيا ۾ امن ۽ محبت وارو ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو: دانشور ۽ محقق

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀٽائي جي پيغام سان دنيا ۾ امن ۽ محبت وارو ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو: دانشور ۽ محقق



    [​IMG]


    شاهه لطيف جو فلسفو انقلاب جي واٽ آهي: عبدالواحد آريسر​


    عمرڪوٽ (ڊ ر) جسقم چيئرمين عبدالواحد آريسر چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، فڪر ۽ فلسفو تمام عالم انسان ۽ سنڌي قوم لاءِ اتساهه ۽ انقلاب جي واٽ آهي. ڪالهه جسقم پاران ملهايل لطيف ڏهاڙي واري تقريب کي خطاب ڪندي آريسر چيو ته نئين نسل کي گهرجي ته سهڻي لطيف جي عوام دوستي ۽ وطن دوستي جي پيغام کي پاڻ پروڙي سنڌ جي جهر جهنگ تائين ڦهلائين. انهيءَ ۾ ئي سنڌي قوم ۽ سنڌ امڙ جي وجود ۽ بقا جي ڀلائي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي عتيق ڪنڀار ۽ صالح آريسر چيو ته لطيف سنڌين توڙي دنيا جي مظلوم قومن لاءِ سچ، سونهن ۽ ساڀيان جي علامت آهي. هوڏانهن سنڌ حڪومت پاران شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪرڻ باوجود عمرڪوٽ جي خانگي اسڪول پاران لطيف ڏينهن تي موڪل نه ڪرڻ خلاف ڪالهه پ ٽ الف، سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. پ ٽ الف پاران سخي محمد سومرو جي اڳواڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران خطائي ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

    ڀٽائي امن پسندن لاءِ مشعل راهه آهي: جلال شاهه​


    ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو نالو سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي، جنهن جو پيغام دنيا جي امن پسند ۽ انسان دوست ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙو پريس بيان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي آفيس سيڪريٽري اسد ڀٽو پارٽي سيڪريٽريٽ حيدر منزل مان جاري ڪندي ڪيو ۽ سيد جلال محمود وڌيڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري اسان کي پيار، محبت، امن، ڀائيچارو، پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿو. جنهن جي پيغام تي عمل ڪرڻ سان اسان خوشحالي جي طرف وڌنداسين ۽ اها هن وقت جي تقاضا آهي ته نوجوان نسل شاهه عبدللطيف ڀٽائي رح جي پيغام تي عمل ڪن.

    شاهه لطيف سنڌ جو فڪري ۽ انقلابي اڳواڻ آهي: اديب​


    ڏيپلو (ن ع آ) ڏيپلي ۾ لطيف ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپلو پاران پريس ڪلب ڏيپلو ۾ سنڌي ٻولي ۽ لطيف جي موضوع تي مذاڪرو ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ ناليواري اديب شاعر هارون هار ڳالهائيندي چيو ته لطيف سنڌ جو فڪري ۽ انقلابي اڳواڻ آهي. ان اسان جي ڌرتي ۽ ملڪ جي ڏکن، سورن کي نروار ڪيو ۽ سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪيو. لطيف سائين سنڌ جي نئين سر تعمير ڪئي. لطيف ماڻهن کي ڪٽرپڻي، جنونيت ۽ مذهبي انتهاپسندي کان ٻاهر ڪڍي حقيقي منزل جا گس ڏيکاريا. شاهه سائين ماڻهن ۾ حب الوطني ۽ دوستي جو شعور جاڳايو. لطيف جي ڏهاڙي تي مذاڪري ۾ مسعود ڏيپلائي، راجا رفيق قمبراڻي، حنيف بجير، روشن ضمير، مان سنگهه سوڍو، رمضان جوڻيجو، پرمانند، ڍولو مجيد ۽ ٻين به لطيف تي روشني وڌي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀٽائي جي پيغام سان دنيا ۾ امن ۽ محبت وارو ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو: دانشور ۽ محق

    ادا ممتاز سائين! اصل ۾ اهو فلسفو سڀ کان پهريان سنڌ جي سائينءَ جي ايم سيد پيش ڪيو هو، بلڪه آءُ ته ايئن چوندس ته جي ايم سيد جو سڄو فلسفو ان ئي فڪر تي ٻڌل آهي ۔۔۔ سائينءَ کي جيتري حد تائين مون سمجهيو آهي ته؛
    1۔ سنڌ کي آزادي هر حال ۾ حاصل ڪرڻي آهي۔
    2۔ سنڌ جي آزادي هڪ ڏاڪو آهي اصل منزل طرف وڌڻ جو۔
    3۔ سنڌ جي منزل آهي لطيف جي عدم تشدد ۽ امن جي پيغام کي دنيا ۾ ڦهلائڻ ۽ ان پيغام ذريعي، اقوام عالم ۾ سنڌ جو مان مٿاهون ڪرڻو آهي۔

    ڀائڙا، بيشڪ سنڌ جو سرتاج مفڪر لطيف رح، سنڌين وٽ هڪ اهڙو سرمايو آهي، هڪ اهڙو مقصد آهي جنهن سان اسين پنهنجي سنڌ جو مان ۽ ڳاٽ اوچو ڪري سگهونٿا۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀٽائي جي پيغام سان دنيا ۾ امن ۽ محبت وارو ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو: دانشور ۽ محق

    سائين مٿين ڳالهين تي جيڪر پاڻ وارا قوم پرست عمل ڪن ها ته سنڌ سموري ساڻن گڏ هجي ها ۽ هينئر تائين سنڌ جي تقدير بدليل هجي ها
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڀٽائي جي پيغام سان دنيا ۾ امن ۽ محبت وارو ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو: دانشور ۽ محق

    سائين تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان مهرباني
     
  5. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين شال خوش رهو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو