ٿيليسيما

'صحت سرير جي' فورم ۾ ارسلان علي ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2016۔

  1. ارسلان علي ملڪاڻي

    ارسلان علي ملڪاڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 مارچ 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ) ٿيليسميا جا قسم (TYPES OF THALASSAEMIA ):
    (1) عام ٿيليسميا (Hetrozygote Minor Thalassaemia ):هن قسم جي ٿيليسمياگهڻي ڀاڱي موروثي يا جينياتي ٿيندي آهي. هن قسم جي ٿيليسميا کي نر ماد واري (Autosomal Thalassaemia) پڻ چئبو آهي. هن قسم جي ٿيليسميا جيتوڻيڪ -ٻار- سان سڄي عمر گڏ هلندي (Carries) آهي، پر گهٽ نقصانڪار هوندي آهي.

    (2) مهلڪ ٿيليسميا (Homozygus Major Thalassaemia ):هن قسم جي ٿيليسميا -ٻار- کي تڏهن ٿيندي آهي جڏهين خود -ٻار- جي پنهنجي رت ۾ خلل هوندو آهي. هن قسم جي ٿيليسميا تمام گهڻي مهلڪ هوندي آهي. جنهن ۾ ٻارَ پنهنجي زندگي وڃائي ويهندا آهن.


    ٿيليسميا جون علامتون (CLINICAL SYMPTOMS ):
    (1) ٻار کي رت جي گهٽتائي Anemia هوندي آهي.
    (2) ٻارَ جو منهن ڦڪو ۽ ڦلڙو ٿي ويندو آهي ۽ منهن تي آموس هوندي آهي.
    (3) ٻار جي بُک مُئل هوندي آهي.
    (4) ٻار جي جسماني -اوسر- دير سان ٿيندي آهي
    (5) ٻار جي منهن جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي، ڪيترن ٻارن جي منهن جا هڏا وڌي يا ٽيڏا ٿي ويندا آهن.
    (6) ٻار جي تِري وڌيل، سڳل هوندي آهي. ڪيترن ٻارن جي تريءَ ۾ سور هوندو آهي. جڏهن هيءَ بيماري مهلڪ بڻجي ويندي آهي ته مريض ۾ هي علامتون ظاهر ٿينديون آهن.
    (7) ٻار جي جسم جون مشڪون ڪمزور ٿي سُسي وينديون آهن. تنهنڪري ٻارَ جو جسم ڦلڙو، ٻانهون ۽ ٽنگون سنهيون ٿي وينديون آهن. ڪيترن ٻارن جون ٽنگون ڦري وينديون آهن.
    (8) ٻار کي سائي يرقان ٿي پوندو آهي
    (9) تِري پنهنجو قدرتي فعل ڇڏي ڏيندي آهي.
    (10) ٻار جي تِري وڌي وڃڻ ڪري ۽ پنهنجو قدرتي فعل نه ڪرڻ ڪري دل ۽ جيرو وڌي ويندا آهن، يا جيري جي تاندورن جي سوس جي بيماري (Liver Cirrhosis) ٿي پوندي آهي.
    (11) ٻارَ جون -بڪيون- ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن.
    (12) ٻار کي پيشاب ڳوڙهي رنگ جو ايندو آهي. جنهن ۾ تمام گهڻي پروٽين (البيومين) ايندي آهي.
    (ت) ليبارٽري ٽيسٽ (PARHOLOGICAL TEST ):هتي اسانجي ملڪ ۾ هن مرض جي تشخيص (Diagnosis) جي لاءِ ته رڳو رت جي CBC، يا Blood CP يا وري Haemotology Test ورتي ويندي آهي. پر سڌريل ملڪن ۾ ٿيليسميا جي ڄاڻ لاءِ آئمنيوٽڪ فلوڊ ٽيسٽ Amnoitic Fluid Test ورتي ويندي آهي. جنهن ۾ -ٻار- جي -اور- Placenta يا -ٻار- ۽ ائمنيوٽڪ فلوڊ جنهن ٿيلهيءَ SAC ۾ هوندا آهن ته -ان- ٿيلهيءَ مان پاڻيٺ جو نمونو وٺي اها ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي ته ٻارَ کي ٿيليسميا جي بيماري آهي يا نه؟ جي آهي ته اها ڪهڙي قسم جي آهي، عام ٿيليسميا آهي، يا مهلڪ ٿيليسمياآهي.


    مونجهاري واريون (نازڪ) حالتون (COMPLICATE CONDITIONS):
    (1) هٿرادو رت چاڙهڻ (Blood Trasfussion) ڪري رت ۾ آئرن (Iron) جو مقدار وڌي ويندو آهي. جنهن جو سبب تِريءَ جو وڌي وڃڻ (Splenomegogy) ڪري -تري- پنهنجو قدرتي فعل ڪري نه سگهڻ آهي. جڏهين رت ۾ آئرن جو مقدار وڌي ويندو آهي ته جسم جي گهڻن عضون (خاص ڪري دل، جيري ۽ بڪين) جي اوڄن (Tissues) کي ڇيهو رسندو آهي، تنهنڪري اُهي عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.

    تِري وڍي ڇڏڻ SPLENECTOMY: جڏهن -تري- گهڻن سببن جي ڪري پنهنجو قدرتي فعل درست ڪري نه سگهندي آهي ته -ان- ۾ سڄي جسم جا زهريلا ، ڪيميائي مادا ۽ جيوڙا اچي گڏ ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري -تري- وڌي ويندي آهي. جنهن کي وڍي ڪڍي ڇڏبو آهي. نتيجي طور جسم ۾ زهريلا، ڪيميائي مادا ۽ زهريلا جيوڙا گڏ ٿيڻ ڪري، جسم ۾ روڳ واريون حالتون پيدا ٿينديون آهن، جنهن جي ڪري ٻارَ جو رت زهريلو ٿي ويندو آهي.
    (2) ٻار جي رت ۾ جڏهن پروٽين جي گهٽتائي ٿيندي آهي، يا رت جي ڳاڙهن جزن ۾ پروٽين مرڳو نه هوندي ته -ان- حالت ۾ -ٻار- جي -آڪسيجن- ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو عمل درست ٿي نه سگهندو آهي، جنهن جي ڪري -ٻار- کي ساهه ۾ تنگي، سهڪ ۽ دل تي وزن ٿي پوندو آهي.
    (3) ٻار جي جسم ۾ جڏهين ٿيليسميا جي بيماري ڊيگهاري ٿي ويندي آهي ته -ان- حالت ۾ ٻارن جي هڏن جي ڀُرڻ (Osteoprosis) جو عمل ٿيندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. اسد الله لغاري

    اسد الله لغاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف بدين
    بھترين معلومات ادا ارسلان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو