خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / جمعو 15 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* مون سميت سڀ پ پ پ اڳواڻ عذير بلوچ کان مدد وٺندا هئا: قادر پٽيل (خبر)
* * پر94 ورهين جو قائم علي شاهه اڃا به انڪاري آهي، شايد حافظو ڪمزور اٿس (تبصرو)

* نواز شريف جو جهاز طبعيت خراب سبب ماسڪو لٿو: چوڌري نثار/ فيول سبب لٿو: ترجمان (خبر)
* * ايڏو تضاد؟ ڪوڙ ڳالهائيندي ڪجهه ته شرم ڪريو، جيڪڏهن اٿوَ!! (تبصرو)

* جھول پوليس 6 ورهين جي ٻار کي گرفتار ڪيو، فوٽو شايع (خبر)
* * “سنڌ پوليس اسٽيٽ” ۾ نه ته ڪو قاعدو رهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو قانون (تبصرو)

* ڪراچي آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو: آرمي سربراهه (خبر)
* * مطلب ته دهشتگرد ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائي ٿيندي، قومپرستن کي صدمو(تبصرو)

* نواز شريف علاج لاءِ لنڊن ۽ چوڌري نثار زال جي علاج لاءِ جرمني روانو(خبر)
* * ڇا ملڪ ۾ علاج ڪونهي؟ عوام جي ڏک ۾ ڪنڊا ٿيندڙ حڪمرانن جا بڇڙا افعال (تبصرو)

* حڪمران ڪرپشن لڪائڻ لاءِ عوام جو رت چوسي رهيا آهن: عمران خان (خبر)
* * جيئن آصف زرداري ڪرپشن ذريعي سنڌ جي عوام جو رت چوسي رهيو آهي (تبصرو)

* اليڪٽرانڪ ڪرائيم بل منظور، سائبر دهشتگرديءَ تي ڏنڊ ۽ قيد جون سزائون (خبر)
* * هاڻ ڪوڙن سنڌي قومپرستن کي سوشل ميڊيا تي اخلاق ۽ تميز سکڻي پوندي (تبصرو)

* پ پ پ چئني صوبن جون تنظيمون ٽوڙي ڇڏيون (خبر)
* * آصف زرداريءَ جي ڪرپشن جي ديوار ٽوڙيو ته مڃجي (تبصرو)

* ڪنڊياري جي نوجوان شادي نه ٿيڻ سبب زهر پيتو، اسپتال داخل (خبر)
* * زهر ته هر صورت ۾ کيس پيئڻو هو، پوءِ شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي صورت ۾ (تبصرو)
 
Back
Top