• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا جا جهڳڙا ڇاجي رنجش.....

ڇاجا جهڳڙا ڇاجي رنجش ....
_____________
ڇاجا جهڳڙا ڇاجي رنجش نينهن کان پو ياري ۾
ناتا نڀايون نينهن جا ڇا رکيو آ خواري ۾
ريس رسڻ جي ڇڏ مٺا آءُ ته پرچون پاڻ
ميلا محبت جا ڪيون وهواند ٿي پو واري ۾
توسان قربن جون ڪهاڻيو روح سان رمزن رهاڻيون
ڪين وسري ٿيون سگهن بره هن ڀاري ۾
سڀ ساعتون سانڍي رکينم جيءَ سان جڪڙيل آهن
جي ڪيان ٿو مان جدا پو موت جي هان ماري ۾
تنهنجو مون ڀر ۾ ويهڻ کل خوشي ٻهڪي پوڻ
تنهن کي ساري ساه ٿو بره جي بيماري ۾
رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top