• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت فورم جي ستين سالگرهه جي موقعي تي سڀني کي واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2cmq3di.jpg

انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت جي ستين سالگرهه جي موقعي تي فورم جي انتظاميه، ميمبرن، لکندڙن، پڙهندڙ دوستن ۽ سمورن سنڌين کي واڌايون.
____

سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي انٽرنيٽ فورم سنڌ سلامت جي سالگرهه جي مناسبت سان

محمد سليمان وساڻ


ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هليmsnگروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.

اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.

اهڙي وقت ۾ سنڌ جي نوجوان ۽ سرگرم دوستن جي هڪ گروپ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺي لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو جنهن سموري سنڌ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي. رشيد سمون جي اڳواڻي ۾ مڪي مان نثار احمد ابڙي، عراق مان علي ظفر، ٽنڊي محمد خان مان نثار احمد ناز، دادوءَ مان عامر ضياء چارڻ، شڪارپور مان وحيد ڦلپوٽي، ڄامشوري مان اسد حسيني ميرجت سان گڏ ڪجهه ٻين دوستن هن فورم کي اڳتي آڻڻ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي محمد سليمان وساڻ، ڊاڪٽر عبد الحفيظ لغاري، ڊاڪٽر ممتاز قريشي، فاروق سومري، سجاد چنا ۽ غبيد الله ٿهيم ۽ ٻيا ڪيترا دوست هن ساٿ ۾ شامل ٿيندا ويا. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تي گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ سلامت جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب اظهار جي آزادي آهي، اوهان پنهنجا احساس سنڌ سلامت ذريعي دنيا جي سڀني سنڌين تائين آسانيء سان پهچائي سگهو ٿا. سنڌ سلامت تي روزانو سڄي دنيا مان هزارين شاگرد، صحافي، استاد ۽ عام ماڻهو ڀيرو ڀرين ٿا.

سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.اسلامي سيڪشن، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون، سنڌي شخصيتون، سنڌي ادب، مقالا، ڪهاڻيون، سنڌي شاعري، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري، صحت بابت تحريرون، سنڌ سلامت روزگار، انگريزي سکڻ جو سيڪشن، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو، ڊرائيورز، گيمز، سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو، موبائل جي دنيا جي معلومات، آئي ٽي بابت تازيون خبرون، قانوني صلاح مشورا، دلچسپ خبرون، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي، کِل ڀوڳ ۽ ٻيا لاتعداد موضوع شامل آهن.

سنڌ سلامت پنهنجي ڇهن سالن جي سفر ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه آهي سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان بغير سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي. سنڌ سلامت جي ٻي وڏي ڪاميابي آهي قرآن شريف جي سنڌي سرچ انجڻ، جنهن ذريعي ڪنهن به سنڌي لفظ جي ڳولها ڪري سگهبي ته اهو قرآن پاڪ ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا دفعا ۽ ڪهڙين آيتن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ سلامت جي ٽين اهم ڪاميابي آهي پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جنهن ۾ ڪمپيوٽر، سافٽويئرس ۽ انٽرنيٽ بابت پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ۽ حل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي سنڌي شخصيتن تي انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن جيڪو سنڌي شخصيتن جي نالي سان آهي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر هن وقت سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو آنلائين خزانو آهي جنهن ۾ 800 کان مٿي ڪتاب موجود آهن. سنڌ سلامت هن ئي سال پي ڊي ايف سان گڏ ٽيڪسٽ ورجن ۾ به ڪتاب گهر شروع ڪري رهي آهي. سنڌ سلامت ٽيم جي هميشه اها اهم ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڏانهن مائل ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم فيسبوڪ ۽ ٻين سماجي ميڊيا جي ذريعن تي هميشه پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهي آهي. سنڌ سلامت فونٽ سرور، سنڌ سلامت سنڌي بلاگ سکيا، سنڌ سلامت جا مختلف ايڊز آن ۽ ايڪسٽينشنز انٽرنيٽ هلائيندڙ دوستن لاءِ هر پل آسانيون پيدا ڪري رهيا آهن. گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ترجمي جي حوالي سان سڀ کان وڏي مهم سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هلي ۽ اڄ تائين ڪيئي دوست ترجمي جي ڪم ۾ مصروف آهن. سنڌ سلامت پاران شاهه لطيف بلاگر ذريعي هر روز هڪ بيت معنا ۽ سمجهاڻيءَ سان سوشل ميڊيا تي پيش ڪيو وڃي ٿو. سنڌ سلامت تاريخ جي دريءَ ذريعي هر روز جي نامور شخصيتن جي سالگرهن، ورسين ۽ اهم واقعن کي سهيڙيو پيو وڃي.

سچ اهو آهي ته سنڌ سلامت هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي واحد نمائنده ويب سائيٽ آهي جتي ڪيترن ئي موضوع تي هزارين لکڻيون موجود آهن.
 
s1ri9j.jpg


معظم بلوچ ڪشمور تي ايف ايم جو ناميارو ڪمپيئر آهي. پاڻ مبارڪون ڏيندي لکن ٿا:

سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم سنڌ سلامت جي سالگرهه جي موقعي تي سڄي سٿ کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون. سنڌ سلامت نه صرف مونکي پڙهڻ لاء ڪتاب ۽ مواد ڏنو پر ان سان گڏ سٺا دوستن به ڏنا ٿس. دوست به اهڙا جن کي اکين سان ڏٺو به ڪونهي صرف قلمي رابطو آهي، بنا ڏٺي دوست اهڙي مانائتي موٽ ڏين ٿا جيڪر ملياسين ته پوء اهو منظرالاء جي ڪهڙو هوندو. دعا آهي ته هي فورم وڌيڪ اڳتي منزلون ماڻين ۽ ٻولي جي جاکوڙيندڙن کي به پنهنجي نالي جيان سلامت رکي.
 
سائين مظفر منگي پاران فيسبوڪ تي موڪليل اظهار:

سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، واڌاري، اشاعت ۽ ڦهلاءَ جو وڏي ۾ وڏو ادارو ۽ نيٽ ورڪ
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
جنهن پنهنجي قيام کان اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب، تاريخ، سياست، سياحت، تهذيب، تمدن، ثقافت، جاگرافيءَ کان علاوه سمورن موضوعن تي هزارين مضمونن ۽ ڪتابن کي عوام آڏو پڌرو ڪيو آهي، جيڪي ڪتاب لنڪس ذريعي نه رڳو پڙهي سگهجن ٿا پر ڊائون لوڊ به ڪري سگهجن ٿا.
سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن بابت مڪمل ڊيٽا، سندن ورسيون ۽ سالگرهون ملهايون وڃن ٿيون. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن شاھ لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ ان کان علاوه جديد شاعرن بابت ڊيٽا. شاعري شيئر ڪئي وڃي ٿي. شاھ عبد الطيف ڀٽائيءَ جي پيغام فڪر ۽ شاعريءَ کي سنڌ، هند ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلائڻ جو عظيم، تاريخي ۽ شاندار ڪم به هن اداري جي محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي.
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سنڌين جو پنهنجو اهڙو ادارو آهي جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. اڄ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سالگره جو جنم ڏينهن آهي هن خوشي ۽ مسرت جي موقعي تي آئون سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام اداري جي سائين محمد سليمان وساڻ صاحب، سائين رشيد سمون صاحب ۽ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيندڙ سڀني اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي دل جي گهراين سان ارپيان ٿو لکين دعائون نيڪ تمننائون ۽ جنم واڌايون.
 
پياري امر فياض لکيو آهي:

سنڌ سلامت... پنهنجي نالي ۾ ئي دعا سانڍيون، سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ، ادب، لوڪ ڏاهپ کي آرائينءَ جيان گل جھوليءَ ۾ رکي ورهائي رهي آهي. بي انتها جفاڪش دوستن جو ٽولو، محبتي ماڻهن جو محور ۽ ڏاهن سان ريت نڀائڻ جو وچن ڪيو هي دوست سچ ۾ املهه ماڻڪ آهن.
پياري سليمان وساڻ، رشيد سمي، عبيدالله ٿهيم، عامر ضيا، گل حسن لاکي، سان گڏ سڀني دوستن کي مان دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي سالگره تي واڌايون ڏئي معذرت به ڪيان ٿو ته منهنجا محسن دوستو.. مون وٽ اهي لفظ ناهن، جن سان منهنجي واڌائيءَ جو حق ادا ٿي سگھي.
بس ڪي ڀاڪر، بس ڪي خلوص ڀريا هي پتڪڙا لفظ. سدا سلامت رهو دوستو. آمين
 
Back
Top