لڳي ٿو ته حڪومت هاڻي ماڻهو جي سوچڻ تي به پابندي جي موڊ ۾ آهي....!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آزاد خاصخيلي طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2016۔

  1. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    تازوئي اسيمبلي ۾ سائبر ڪرائيم جي آڙ ۾ اسيمبلي ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪو به ماڻهو هاڻي آزادڻي نموني سوشل ميڊيا ٽوئيٽر، فيسبوڪ توڙي ٻي ڪنهن به نيٽورڪ تي پنهنجا خيال نه اوري سگهندو، ڏٺو وڃي ته بل ڪنهن حد تائين صحيح به آهي پر جنهن مقصدن لاء اهو قانون ٺاهيو پيو وڃي شل اهو پورو ثئي!! ان بل جو ٻڌندي ئي ان مان ماڻهن جي خيالن، سوچ تي پابندي جي بوء اچي رهي آهي، حڪمومتن جا پنهنجا ٽولا سڄو سڄو ڏينهن مڪمل بندوبست سان شوشل ميڊيا تي نفرت ويٺا اوڳاڇين انهن کي روڪڻ ۾ شايد ئي هي بل مددگار ثابت ٿئي!!، اقتدار جي نشي جا عادي حڪمران پنهنجون ڪرسيون بچائڻ لاء هڪڙي پاسي اليڪٽرونڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي رستا روڪ کانپوء شوشل ميڊيا ڏانهن به ميري اک سان ڏسي رهيا آهن، ان مان ته اهو صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن اهڙي ذهنيت جا حامي ٽولا ڪجھه وقت کانپوء اهڙو بل به آڻڻ ۾ ويرم نه لائيندا ته ”ماڻهو تنقيدي سوچ ڇو ٿا رکن، انهن کي اهو سوچڻ جو حق نه آهي“ اظهار جي آزادي هر فرد جو بنيادي حق آهي ان تي اهڙي قسم جو راتاهو هڻڻ وارا يقينن تنگ نظري جو شڪار آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جي اظهار جو آهو واحد فورم هو جيڪو به پابندين جي گهيري ۾ آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو