خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / ڇنڇر 16 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ترقياتي فنڊن ۾ پنجاب کي 10 ارب روپيا ۽ سنڌ کي 79 ڪروڙ مليا (خبر)
* * پنجاب جو وزيراعظم نواز شريف زندهه آباد، پنجاب پائندهه آباد (تبصرو)

* ڪيٽي بندر رٿا کي نظرانداز ڪيو ويو آهي: قائم علي شاهه (خبر)
* * ...پر اوهان ته گذريل 8 ورهين کان ساري سنڌ کي نظرانداز ڪيو آهي (تبصرو)

* وزيراعظم نواز شريف جي هيليڪاپٽر جي مرمت تي 70 ڪروڙ خرچ (خبر)
* * پهريان اهو ٻڌايو ته نواز شريف 70 ڪروڙ ته پري 70 روپيا به لهي يا نه (تبصرو)

* دادوءَ ۾ موبائيل چور کي رعايت، خريدار لاڪپ ۾ (خبر)
* * سنڌ اندر: انڌير نگري چرٻٽ راجا (تبصرو)

* حيدرآباد ۾ 50 بيڪرين کي گدلاڻ روڪڻ جا نوٽيس جاري (خبر)
* * سياسي گدلاڻ روڪڻ لاءِ هڪڙو نوٽيس، قائم علي شاهه کي به جاري ڪريو (تبصرو)

* سيتا ۾ مقتول صحافيءَ جي ٽيجهي تي ماءُ صدمي ۾ فوت (خبر)
* * هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾ ...!! (تبصرو)

* پ پ پ بيڪ ڊور ڊپلوميسيءَ جو حصو نه ٿيندي: مولابخش چانديو (خبر)
* *....پر مولُو ڄٽ ته فرنٽ چاپلوسيءَ جو اڻ ٽُٽ حصو رهندو (تبصرو)

* نواز شريف ڏکئي وقت ۾ پ پ پ کي منٿون ڪندو آهي: قائم علي شاهه (خبر)
* * ۽ توهان پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ ڪرپٽ زرداريءَ کي پيرين پوندا آهيو(تبصرو)

*حيدرآباد ۾ گدلاڻ پکيڙيندڙ سرن جا 30 بٺا سيل ڪيا ويا (خبر)
* *...پر ڪيترن ڏينهن لاءِ؟؟ (تبصرو)

* رميش ڪمار فراڊ ذريعي شادي ڪئي، عيسائي ڇوڪري مائٽن حوالي (خبر)
* * اجھو! سنڌي قومپرست، اغوا ڪندڙ رميش جي فائدي ۾ مظاهرو ڪندا؟ تبصرو)

* سائين قائم علي شاهه جو سر سيد احمد خان سان ”يادگار فوٽو“ (خبر)
* * قائم علي شاهه سر سيد جو نه پر موهن جي دڙي جي زماني جو آهي (تبصرو)
 
Back
Top