جن ماڻهن سڄي عمر حيواني زندگي گذاري هجي ۽ سواءِ کائڻ پيئڻ جي ٻيو ڪوئي شغل ۽ مقصد زندگي نه رکيو هجي. کوهه جي انڌي ڏيڏر وانگر سڄي عمر هن مادي دنيا ۾ گذاري هجي. کين لامحدود وسيع روحاني دنيا جي ڪهڙي خبر آهي. اي طالب سعادت مند! جي توکي هميشه جي زندگي گهربل آهي ۽ تنهنجي قسمت ۾ الله تعاليٰ جي معرفت، قرب، مشاهدو ۽ وصال ۽ ديدار آهي ته الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول ٿي وڃ. ۽ ڪنهن استاد ڪامل کان اهو ضروري ۽ دقيق علم سک ته جيئن تون دنيا ۾ زندگي جي مقصد کي حاصل ڪري وٺين ۽ پنهنجي اصل منزل کي پهچي وڃين. ۽ ان دارِ نعيم ۾ ابدي حيات ماڻي اهڙن درجات ۽ باطني لذتن سان بهراور ٿي وڃين. جيڪي نه ڪڏهن اکين ڏٺيون آهن ۽ نه ڪنن ٻڌيون آهن ۽ نه ڪنهن جي دل تي ڪڏهن انهن جو خيال ۽ قياس گذريو آهي. ياد رهي ته تصور اسم الله ذات کان بغير نه دل زندهه ٿيندي آهي ۽ نه باطني رستو کلندو آهي ۽ نه الله تعاليٰ جو قرب، مشاهدو، وصال ۽ ديدار حاصل ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ ڪوئي شخص سڄي عمر سخت مجاهدا ۽ رياضتون ڪندو وتي، ۽ هميشه قائم الليل ۽ صائم الدهر رهي. ڇو ته ظاهري بدني اعمال ۽ اطاعت و بندگي سان فقط نفس جو تزڪيو ته ٿي ويندو آهي. پر دل ساڳئي اونڌاهي ۽ مرده رهندي آهي. اهڙي ريت عبد کي معبود تائين ۽ مخلوق کي خالق تائين پهچڻ جو واسطو ۽ ذريعو ۽ الله تعاليٰ جي معرفت، قرب ۽ وصال جي ڪنجي فقط ذڪر آهي. ۽ سڀني ذڪرن منجهان اسم الله ذات جو ذڪر جامع ترين ۽ افضل ترين ذڪر آهي. ۽ تصور جو طريقو ذڪر جي سڀني طريقن کان افضل، اعليٰ، اڪمل، سهنجو ۽ پر امن طريقو آهي، يعني اسم الله جي نقش کي تفڪر جي آڱر سان خيال ۽ تصور جي ذريعي تحرير ۽ مرقوم ڪرڻ ۽ ذڪر جي مقامن منجهان بهترين مقام ذڪر اک آهي، جنهن سان ديدار ۽ مشاهدي جو رستو کلندو آهي. ۽ سڀني عبادتن ۽ اطاعتن، رياضتن، ۽ ڪل احڪام ۽ ارڪان، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت ۽ تمام سلوڪ ۽ تصوف جي مطلب ومقصد الله تعاليٰ جي رويت، لقاء ۽ ديدار آهي. ٻي ڪائي نعمت، درجو ۽ مرتبو ديدار جي مرتبي کان افضل ۽ اعليٰ نه آهي، ان لاءِ طالب کي گهرجي ته اسم الله ذات جو شغل اختيار ڪري ۽ ڪنهن باطني استاد ۽ ڪامل مرشد کان تصور اسم الله ذات جي ذريعي علم ديدار پڙهي. دين ۽ دنيا جا سڀ مرتبا ۽ دنيا و آخرت جا ڪل ظاهري و باطني خزانا علم ديدار ۾ حاصل ٿي ويندا آهن.”مَنۡ لَّـہُ الۡمَوۡلٰي فَـلَـہُ الۡـکُـلُّ“ جڏهن طالب تصور اسم الله ذات جو شغل شروع ڪندو آهي ته شيطان ان جي راهه بند ڪندو آهي ۽ قسم قسم جي وسوسن ۽ خطرن جي ذريعي طالب جي دل ۾ اهو خيال وجهندو آهي ته هي تصور جو ڪم ٺهڻ وارو نه آهي. ۽ اسم الله ذات دل تي ڄمڻ وارو نه آهي.، اهڙي طرح هن شغل ۾ لڳل رهڻ وقت جو زيان آهي. ان کان ته بهتر آهي ته ڪجهه ورد وظائف، نفل نوافل ۽ تلاوت وغيره جو شغل اختيار ڪري ورتو وڃي. ڇو ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ثواب ته ٿيندو ۽ جڏهن طالب ظاهر عمل عبادت و اطاعت ۾ مشغول ٿيندو آهي، ۽ ڏينهن رات حجري ۾ عبادت، ذڪر، تلاوت، نفل، نوافل پاس انفاس ۽ حبس دم ۾ لڳي ويندو آهي ته شيطان سندس دل جي حجري تي جيڪو ذڪر جو اصلي ۽ حقيقي محل آهي قبضو ڄمائي وٺندو آهي. اهڙي طرح ان جي زبان ۽ ٻيا عضوا وغيره ته ذڪر اذڪار ۽ عبادت ۾ لڳل رهندا آهن پر دل پنهنجي نفساني خيالات، دنيوي خطرات ۽ شيطاني شهوات ۾ در در ڀٽڪندي آهي. ۽ ان ۾ ذڪر جو ڪجهه اثر ٿيڻ ناهي ڏيندو. دل پریشاں و مصلّی در نماز، ایں نمازے کے پذیر و بے نیاز۔ ترجمو: نمازي نماز پڙهي رهيو آهي ۽ سندس دل پريشان آهي. اها بي نياز ذات هن قسم جي نماز کي ڇو ۽ ڪيئن قبول فرمائي. ۽ پڻ کيس شيطان ماڻهن جي نظرن ۾ مشهور و معروف ڪري ڇڏيندو آهي ته فلاڻو شخص وڏو ديندار ۽ عابد شب زندهه دار آهي. ۽ خلق جي رجوعات تي مفتون ڪري سندس ڪمائي کي برباد ڪندو آهي ۽ وڏائي ۽ انانيت جي ڇري سان کيس ذبح ۽ هلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي. هو دل ۾ سمجهندو آهي ته مون ايتري عبادت ڪري ورتي آهي ۽ گهاڻي جي ڏاند وانگر هلندي هلندي خيال ڪندو آهي ته مون وڏي منزل پار ڪري ورتي آهي پر جڏهن اکيون کوليندو آهي ته اتي جو اتي رهندو آهي. جڏهن ڪوئي شخص ظاهري اطاعت، ذڪر فڪر، ۽ عبادت ۾ مشغول هوندو آهي ۽ خناس سندس دل کي قابو ڪري وٺندو آهي ته شيطان گڏ بيٺو کلي رهيو هوندو آهي. ۽ خوش ٿيندو آهي. رباعي اے فسق و فجور کار ہر روزۂ مامے خند و روزگار مے گرید عمر دے پر ز شراب کاسئہ و کوزۂ مابر طاعت و نماز و روزۂ ما ترجمو: باوجود جو نيڪو ڪارن جي شڪل ۽ صورت ۽ ظاهري نيڪ عمل جي فسق ۽ فجور جو خيال اسان جو مشغلو آهي. ۽ اسان جي دل جو پيالو ۽ ڪونئرو محبتِ دنيا جي شراب سان ڀريل آهي. سو اسان جي هن اطاعت نماز ۽ روزي تي زمانو کلِي رهيو آهي ۽ عمر روئي رهي آهي. بس طالب کي گهرجي ته تصور اسم الله ذات جي شغل کي جاري رکي. توڙي اسم الله ذات شروع ۾ دل تي قائم نه به ٿئي. ڇو ته نئين طالب کي اها غلط فهمي هوندي آهي ته تصور اسم الله ذات جو مطلب هي آهي ته اسم الله ذات جو نقش دل تي قائم ٿي وڃي. ۽ هميشه اسم الله ذات متجلي رهي ته جيئن جنهن وقت دل ڏانهن متوجه ۽ ملتفت ٿئي، اسم الله ذات نقش ۽ مرقوم نظر اچي. يعني ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته اسم الله ذات ان جي قيد ۾ اچي وڃي. پر اها وڏي ڳري غلطي آهي. انهي سبب اڪثر طالب هن مبارڪ شغل کي ترڪ ڪري ڇڏيندا آهن. ياد رهي ته اسم ذات غير مخلوق آهي ۽ انسان ۽ سندس خيال ۽ تصور مخلوق آهي. غير مخلوق شيءَ مخلوق جي قيد ۾ نٿي اچي سگهي. بلڪه معاملو ان جي ابتڙ هوندو آهي. يعني طالب جي دل ۽ دماغ ۽ حواس ۽ سڀ عضوا، تصور سان اسم الله ذات جي قيد ۾ اچي ويندا آهن. انسان جڏهن جسم کي اسم الله جي تصور ۾ غرق ڪندو آهي ته جسم اسم جي اندر گم ٿي ويندو آهي. جيئن ته اسم الله ذات پاڪ ۽ حق آهي. ان واسطي صاحب تصور جي جسم جون سڀ ناپاڪيون غل، غفلت، غلاظتون ۽ ڪل ڪدورتون، ظلمتون، بيهودگيون اسم الله ذات جي نور سان دفع ۽ دور ٿي وينديون آهن. اهڙي طرح بار بار مشق تصور اسم الله ذات سان طالب اسم الله ذات جي اصلي حقيقي دروازي تي جيڪو آفتاب مثل انسان جي وجود ۾ مخفي ۽ لڪل بطور امانت موجود آهي، وڃي پهچندو آهي. ان وقت الله تعاليٰ پنهنجي فضل و ڪرم سان طالب کي اسم الله ذات حقيقي جي بحرانوار ۾ جذب ڪري وٺندو آهي. اگر مرشد ڪامل، رفيق، رهبر گڏ شامل آهي ته ان وقت طالب پخته وجود صاحب استعداد کي هڪ ئي توجه سان الله تعاليٰ سان گڏ واصل ڪري ڇڏيندو آهي. يا دائمي حضوري حضرت سرور ڪائنات ﷺ ۾ داخل ڪري ڇڏيندو آهي. پر شروعات ۾ طالب اسم الله ذات کي پنهنجي قيد ۾ آڻڻ ۽ ان کي جلدي پنهنجي دل جي صفحي تي نقش ۽ لکيل ڏسڻ جي آرزو ۽ حوس نه ڪري. جيستائين اسم الله ذات جي تصور سان طالب جو نفس ۽ نفسانيت فنا نه ٿئي. ۽ سندس ان ناسوتي بيضي جي اندر اسم الله ذات جي گرمي ۽ مرشد ڪامل جي توجه سان لطيفه قلب جو غير مخلوق مرغِ لاهوتي منهن نه ڪڍي. اسم الله ذات دل تي نقش ۽ قائم ۽ متجلي ڏسڻ جي خيال ۽ حوس کي هر گز دل ۾ نه آڻي ۽ پنهنجو ڪم ڏينهن رات وڏي زور شور سان جاري رکي ۽ پڻ مراقبي مڪا شفي، طير سير علوي، ڪشف ڪرامات يا ٻين روحاني نظارن ۽ باطني تماشن ۽ ڪرشمن جي خيال ۾ ٻارن وانگر نه پيو رهي. بلڪه همٿ ۽ ثابت قدمي سان هر وقت اسم الله ذات جي نقش کي دل ۽ دماغ ۾ اهڙي ريت ڄمائي جو آفتاب اسم الله ذات جي گرمي ۽ نور سان طالب جي وجود مان غفلت نفساني، ظلمت شيطاني ۽ ڪدورت خيالات دنياءِ پريشاني هٽي، دور ۽ ڪافور ٿي وڃي. جنهن وقت تصور اسم الله ذات صاحب تصور جي وجود ۾ اثر ڪرڻ لڳندو آهي ته پهريان پهريان طالب جي اندر هڪ قسم جي گرمي پيدا ٿي ويندي آهي. جنهن سان طالب کي ائين معلوم ٿيندو آهي، ڄڻ تپ لازمي جي گرمي ۽ تپش جسم ۾ پيدا ٿي وئي آهي. رات جو کيس ننڊ ناهي ايندي. خصوصاً کاٻي پاسي تي ليٽڻ سان کيس سور محسوس ٿيندو آهي. اهڙي حالت ۾ طالب کي گهٻرائڻ نه گهرجي. بلڪه اهي ابدي سرمدي صحت ڪلي جا آثار آهن. اهڙي وقت ۾ طالب جي دل ۾ ترڪ توڪل جا خيالات پيدا ٿيندا آهن. ماڻهن کان وحشت پيدا ٿيندي آهي. اهو خيال ايندو آهي گهرٻار ڇڏي زال کي طلاق ڏئي جهنگ ڏانهن نڪري وڃي ۽ گودڙي پهري فقير بڻجي وڃي. پر خبردار هرگز اهڙو ڪم نه ڪري جيستائين کيس باطن ۾ صحيح طور تي يا کيس مرشد ڪامل جي طرفان اهڙي ڳالهين جو اذن ۽ امر نه ٿئي. بلڪه فقراءِ محمدي ﷺ جو طريقو ۽ طرز اهو آهي ته ماڻهن ۾ مليل جليل رهي ۽ پنهنجي راز کي لڪيل رکي ۽ گمنامي کي پنهنجو طريقو بڻائي رکي. هرگز پنهنجو پاڻ کي ظاهر ۽ مشهور ٿيڻ نه ڏي. ڇو ته ڪجهه وقت طالب جي دل ۾ فقط عارضي ۽ تقليدي طور تي ڪجهه ٿوڙي عرصي لاءِ ترڪ توڪل ۽ گهر ٻار ڇڏڻ جو خيال پيدا ٿيندو آهي. جڏهن زال کي طلاق ڏئي ۽ ٻار ٻچا ۽ گهر ٻار ڇڏي جھنگ ڏانهن نڪري ويندو آهي ۽ گودڙي پائي فقير تارڪ الدنيا ٿي ويندو آهي. جيئن ته اهڙي قسم جي ڪچي خيال جلد بازي، تقليدي، رسمي، نئين طالب جو باطني رستو به ناهي کلندو. بلڪه شروع ۾ بطور آزمائش سخت ٺوڪرون کائيندو آهي. ۽ جڏهن کيس بک اڃ ۽ رستي ۾ طرح طرح جون تڪليفون پيش اينديون آهن ته سندس عارضي تقليدي ترڪ توڪل جو نشو ٿوري عرصي ۾ اڏامي ويندو آهي. ان وقت سندس نفس کي پشيماني لاحق ٿيندي آهي. پر جيئن ته ماڻهن ۾ فقير تارڪ الدنيا مشهور ٿي ويندو آهي. ان لاءِ واپس کيس ماڻهن ۾ شامل ٿيڻ ۽ دنيوي ڪم ڪرڻ ۾ شرم ايندو آهي. تنهن ڪري هو هڪ سخت ڪشمڪش ۽ ٻڏتر ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. هو ڌوٻي جي ڪتي وانگر نه گهر جو رهندو آهي نه گهاٽ جو. اهڙي رنج ۽ رجعت جي حالت کان الله تعاليٰ امان ڏي. ان لاءِ نئين طالب کي پنهنجي خام خيال سان زال، ٻارن ٻچن کي ڇڏي جهنگ ڏانهن هرگز نه نڪرڻ گهرجي. ڪنهن ڇا سٺو چيو آهي. ابــيـات اک شخص چلا گھر سے نکل کر سوئے صحراسمجھازن و فرزند ہی ہیں مانع دیدارصحرا میں سمندر میں اسے ڈھونڈ رہا تھاکھو گیا خود آپ مگر اس کو نا پایامایوسی سے دل ٹوٹ گیا پاؤں کی مانندبے چارے پہ جس وقت گھٹا موت کی چھائی مولا کی طلب میں زن و فرزند کو چھوڑاہے منزل مقصود میں حائل یہی دیوارہر بحر میں ہربر میں اسے ڈھونڈ رہا تھاسب کھو کے بھی بیچارے کو کچھ ہاتھ نہ آیاڈھلتی رہی عمر اس کی یونہی چھاؤں کی ماننداس وقت کسی کی یہ صدا کانوں میں آئی اے طالب حق! حق تو تیرے گھر مین مکین تھا جس جا سے تو نکلا تھا ارے میں تو وہیں تھا (مير حسنؔ) تنهن ڪري طالب کي پنهنجي حالت هرگز پنهنجي وهم ۽ خيال سان نه بدلڻ گهرجي. بلڪه کيس انتظار ڪرڻ گهرجي، ايستائين جو الله تعاليٰ پاڻ سندس لاءِ حالات موافق ۽ واقعات سازگار ڪري بدلائي ڇڏي. بس طالب کي گهرجي ته اسم الله ذات جي گرمي سان جڏهن اهڙي حالت پيدا ٿي وڃي ۽ وحشت ترڪ وتوڪل جا خيالات ظاهر ٿي وڃن ته اسم محمد ﷺ جي تصور يا درود شريف جي ڪثرت سان هن جلاليت ۽ گرمي کي ٿڌو ۽ ختم ڪري. ڇو ته اسم محمد ﷺ جمالي اسم آهي. هن جي ٿڌاڻ ۽ جماليت سان طالب جي وجود ۾ صبر، تحمل، ۽ وسيع حوصلو پيدا ٿي ويندو آهي. ۽ اسم الله ذات جي جلالي ۽ ڳري وزن کي هر طرح برداشت ڪري وٺندو آهي. ۽ بي حوصلو، بي صبر ۽ بي قرار ناهي ٿيندو. ڪجهه وقت تصور اسم الله ذات جي گرمي جي غلبي سان ظاهري عبادت ۾ ڪوتاهي پيدا ٿي ويندي آهي. ۽ ظاهري نوافل ۽ زباني ذڪر ۽ بدني شغلن ۾ سستي واقع ٿي ويندي آهي. ۽ انهن جي اهميت ۽ وقعت طالب جي نظر ۾ ايتري قدر ڪري پوندي آهي جو هو فرض نماز کي به ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي. سو طالب کي گهرجي ته اهڙي حالت کان بچيل رهي. ۽ هرگز فرض نماز ۽ ظاهري شريعت جي پابندي مان ٻاهر نه نڪري. اهو به شيطان جو هڪ وڏو داءُ ۽ ڌوڪو آهي. ايستائين جو ڪجهه ماڻهن کي تصور جي شروعات ۾ خواب ۽ مراقبي جي اندر شيطان وڏا عمده تماشا ۽ باطني نظارا ڏيکاريندو آهي. ۽ جڏهن هو ظاهري عبادت ۽ فرض نماز ڏانهن رجوع ڪندو آهي ته انهن باطني شيطاني تماشن ۾ ڪمي ۽ ڪوتاهي نظر اچڻ لڳندي آهي. تنهنڪري طالب خام خيال شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي فرض نماز ۽ شريعت جي پابندي ڇڏي ڏيندو آهي. اهڙي طرح هو هميشه لاءِ طريقي جو مردود ۽ مرتد ٿي ويندو آهي. هزارين طالبن کي اهڙي قسم جي گمراهين ۽ رجعتن ۾ ڏٺو ويو آهي. جيڪو هڪ ڀيرو انهن طريقت جي ڪُنن ۾ غرق ٿي ويندو آهي. پوءِ سڄي عمر ساحل نجات جو منهن ناهي ڏسي سگهندو. دریں ورطہ کشتی فرو شد ہزار، کہ پیدا نہ شد تختہء بر کنار۔ (سعديؔ) ترجمو: هن ڪُن ۾ ڪيتريون ئي ٻيڙيون ٻڏي ويون جن جو هڪ تختو به ڪناري تائين نه لڳو. ڪجھه ڀيرا ائين ٿيندو آهي ته طالب جڏهن تصور اسم الله ذات ڪندو آهي ته ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنهن شڪنجي ۾ سڀ عضوا ٻڌجي رهيا آهن يا گهاڻي ۾ پيڙيو وڃي رهيو آهي. ۽ تصور جي شغل سان وجود کي سخت ملال ۽ ٿڪ معلوم ٿيندو آهي. بدن گهايل ۽ ساڻو ٿي ويندو آهي. جي اهڙي حالت پيش اچي ته طالب کي ظاهري عبادت ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح ظاهر باطن ٻنهي طرح طالب ڪنهن ريت نفس کي الله جي ذڪر کان فارغ نه رکي، ڇو ته نفس جي مخالفت ذڪر الله آهي. ڪڏهن نون طالبن کي هن قسم جا خيالات ۽ وهم ترڪ توڪل ۽ فقيري ڏانهن وٺي ويندا آهن. ته جڏهن مان فقر ۾ قدم رکندس ته مون کي ظاهري دنيا جي دولت جي پرواهه نه رهندي، ڇو ته مان ان طرف قدم رکندئي خدا جو مقرب ۽ ولي بڻجي ويندس. مون کي غيب کان روزي ملندي. جن ۽ فرشتا منهنجي تابع فرمان ٿي ويندا. ۽ جيڪو ڪجهه انهن کان گهرندس، مون کي آڻي ڏئي ويندا. منهنجي اُجرت مقرر ٿي ويندي. يا منهنجو غيبي هٿ جاري ٿي ويندو. يا مون کي زمين جي هيٺ خزانا ۽ دفينا نظر اچڻ لڳي ويندا. يا ڪيميا اڪسير جا نسخا حاصل ٿي ويندا. يا سنگ پارس ملي ويندو. مطلب اهڙي قسم جا هزارين فضول وهم ۽ خيالات طالب جي دل ۾ پيدا ٿيندا آهن. شيطان اهڙي قسم جا خالي سبز باغ ڏيکاري ڏيکاري طالب کي ظاهري ڪسب ڪمائي ۽ روزگار ڇڏائي فقير بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪجهه خام خيال طالب نوڪرين کان استعيفا ڏئي ڇڏيندا آهن. ڪجهه پنهنجون جائدادون وڪڻي لٽرائي ڇڏيندا آهن. اهڙي طالبن جي نيت جيئن ته خالص ناهي هوندي. ان لاءِ جڏهن ڪجهه وقت وري انهن شين منجهان کين ڪجهه حاصل ناهي ٿيندو ته رُلي پِني شرمندو ٿي واپس ايندا آهن. ۽ سڄي عمر افسوس ۽ ندامت جي سبب حسرت جا هٿ مليندا رهندا آهن. اهڙا خام خيال طالب جڏهن ناقص دڪاندار ڪوڙن پيرن جي هٿ چڙهندا آهن ته اهي هن قسم جا سبز باغ ڏيکاري ۽ ڪوڙا واعدا ڏياري کين لٽيندا رهندا آهن ۽ پنهنجي خدمت ۾ لڳائي رکندا آهن ۽ اڄ ڪلهه جي ڪوڙن واعدن ۾ سندن قيمتي عمر ضايع ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن. ڪجهه طالب جڏهن انهن دڪاندار مڪار پيرن کي واعدو پورو ڪرڻ لاءِ بار بار تنگ ڪندا آهن ته ڪوڙا پير اهڙن طالبن کي چلن، خلوتن ۽ مجاهدن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح اڪثر طالب ته انهن چلن ۾ پاڳل ٿي ويندا آهن. ڪجھه بيمار ٿي ويندا آهن. ۽ ڪجهه بي فائدي ٽڪر هڻي هڻي ڪنهن طرف منهن ڪري ويندا آهن. ۽ ايئن پير صاحب انهن کان جان ڇڏائي وٺندا آهن. سو طالب کي انهن ڪچن خيالن ۽ بيهوده چريائپ کان بچڻ گهرجي. مشق تصور اسم الله ذات ذڪر جي تمام طريقن کان بهتر افضل، سولو ۽ پر امن طريقو آهي. موت جي وقت انسان جي زبان خشڪ ٿي ويندي آهي. ۽ باقي سڀ عضوا ۽ حواس ڪم کان رهجي ويندا آهن. ان وقت ذڪر لاءِ انسان وٽ صرف تصور ۽ تفڪر جو اوزار باقي رهجي ويندو آهي. جي زندگي ۾ طالب تصور ۽ تفڪر سان اسم الله ذات جي مشق ڪئي آهي ۽ اسم الله ذات کي پنهنجي اندر قائم ڪيو آهي ۽ پنهنجي وجود کي اسم الله ذات ۾ طئي ۽ دل کي اسم الله ذات سان زندهه ڪيو آهي. ته موت جي آخري نازڪ وقت ۾ کيس پنهنجي هن مبارڪ شغل جي قدر ۽ قيمت معلوم ٿي ويندي. جڏهن تصور اسم الله ذات جي باطني بجلي سان هن جا سڀ باطني لطائف ۽ گوشت کل، تمام عضوا ۽ جسم جا سڀ وار ذڪر سان جاري ٿي ويندا. ۽ جوش و خروش ۾ اچي الله الله پڪارڻ لڳي ويندا ۽ سڄو جسم باجي وانگر ذڪر الله سان وڄڻ لڳي ويندو ۽ جسم جي هر رڳ ۽ ريشي سان باجن جي تارن وانگر ذڪر الله جا باطني نغما ٻڌڻ ۾ ايندا. اهڙي ماڻهو جو خاتمو بالخير ٿي ويندو آهي. ڇو ته موت جي وقت شيطان اهڙي ماڻهو جي ويجهو ناهي ڀٽڪي سگهندو. صاحب تصور اسم الله ذات کي جنهن وقت منڪر نڪير قبر ۾ سوال و جواب لاءِ جاڳائي اٿارينداآهن. جنهن وقت صاحب تصور قبر ۾ اٿندو آهي ته سندس مٿي، سندس سيني ۽ سندس ٻنهي ترين تي اسم الله ذات نوري اکرن سان لکيل سج وانگر شعلا ۽ تجلا هڻندو آهي. ۽ ڪراماً ڪاتبين اهو ڏسي حيرت ۾ اچي ويندا آهن ۽ ادب سان هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. ۽ چوندا آهن ته ”يَا عَبۡدَاللهِ نَمۡ کَـنَوۡ مَـةِ الۡعَرُوۡسِ جَـزَاکَ اللهُ فِي الدَّارَيۡنِ خَيۡرًا“ (مشڪوات) يعني ”اي خدا جا ٻانها تون سمهي رهه جهڙي طرح ڪنوار سمهندي آهي. الله تعاليٰ توکي جزاءِ خير ڏي.“ توکي سوال ۽ جواب جي حاجت ناهي رهي. تنهنجو وجود مسعود پاڻ گواهي ڏئي رهيو آهي. آفرين تنهنجي همٿ تي ۽ شاباس تنهنجي ڪمائي تي. تنهنجا هٿ پير ۽ سڀ عضوا صبغـﺒ الله يعني اسم الله ذات جي رنگ سان رنڱيل آهن. اسان کي توکان سوال ڪرڻ ۾ شرم محسوس ٿئي ٿو. هاڻي تون پنهنجي خاوند ۽ الله تعاليٰ جي ديدار ۽ وصل جي انتظار ۾ ڪنوار جهڙي ننڊ سمهي رهه. بیٹھ جاؤں میں انہیں چھاپ کے یوں حشر کے دن لوگ دیکھیں تو کہیں وعدہ وفا ہوتا ہے انسان جو عنصري جسو غار وانگر آهي ۽ نفس و شيطان مار يعني نانگ وانگر هن ۾ گهريل آهن. ظاهري بدن ۽ جسماني عضوا ۽ انگن سان عبادت، ذڪر فڪر ڪرڻ ڄڻ نانگ جي غار تي ڏنڊا ۽ لٺيون هلائڻ آهي. جنهن سان غار جي اندر نفس ۽ شيطان کي ڪوئي ايذا ناهي پهچندو. بلڪه کيس آگاهي تائين ناهي هوندي. پر تصور اسم الله ذات ڄڻ غار جي اندر ٽهڪندڙ پاڻي يا اٻرندڙ تيل جي ڌار ۽ لهر داخل ڪرڻ آهي. جنهن سان نفس ۽ شيطان سڙي رک ٿي ويندا آهن. اگر جان و مال خرچ ڪرڻ ۽ ورهين جي محنت ۽ مشقت کان پوءِ به هيءَ دولت هٿ لڳي وڃي ته هن کي نهايت سستو ۽ سهانگو سودو سمجهڻ گهرجي. پس از سی ۳۰ سال ایں معنی محقق شد بخاقانی، کہ یک دم با خدا بودن بہ از ملک سلیماں۔ (خاقانيؔ) ترجمو: خاقاني کي ٽيهن سالن کان بعد هن حقيقت جو علم ٿيو ته هڪ دم باخدا رهڻ سليمان جي ملڪ کان به بهتر آهي. هن مبارڪ ۽ عزيز شغل کان روڪڻ ۽ باز رکڻ لاءِ شيطان هزارين لکين بکيڙا ۽ طرح طرح جا مڪر ۽ حيلا پيش ڪندو آهي. ڪڏهن چوندو آهي ته مرشد ڪامل جي توجه جي بغير اسم الله ذات قائم ٿيڻ جو ناهي. ان لاءِ ڪا ظاهري بدني عبادت ڪرڻ گهرجي. پر ياد رهي ته مرشد ڪامل ان طالب کي توجه ڪندو آهي جنهن جي وجود جو ظرف پختو، همت مضبوط ۽ استعداد وسيع هجي. سو اهي ڳالهيون سواءِ تصور اسم الله ذات جي حاصل ناهن ٿينديون. تصور اسم الله ذات طالب کي الله تعاليٰ جي فضل ۽ مرشد جي فيض جي قابل بڻائي ڇڏيندو آهي. ۽ تصور اسم الله ذات جي ذريعي طالب مرشد جي باطني دروازي تي پهچي ويندو آهي. ۽ مرشد کي ان تي مهربان ڪري ڇڏيندو آهي. پر نفس ۽ شيطان هر حيلي سان طالب کي هن مبارڪ شغل کان باز رکندا آهن. ڇو ته نفس جي لاءِ تصور اسم الله ذات قاتل زهر وانگر آهي. ان سان جلدي نفس نامراد مري ويندو آهي. جنهن وقت صاحب تصور اسم الله ذات شغل تصور اختيار ڪندو آهي ته شيطان جي گهر کي ڄڻ باهه لڳي ويندي آهي ۽ شيطان الانس والجن ۾ هڪ ڪهرام مچي ويندو آهي. جنود ابليس جا فوجي اٽالا مقابلي جي لاءِ موڪليا ويندا آهن. جيڪي کيس ڪنهن طرح هن شغل کان باز رکندا آهن. ايستائين جو جڏهن صاحب تصور لڳاتار مقامات طئي ڪندو الله تعاليٰ جي قرب ۾ داخل ٿيڻ وارو هوندو آهي. ته خود به نفس خبيث مقابلي لاءِ اچي موجود ٿيندو آهي. سو اي طالب سعادت مند! حوصلو وسيع ۽ همت بلند رک. پنهنجي سڄي عمر هن مبارڪ شغل ۾ وقف ڪري ڇڏ. ڪنهن ريت هن پاڪ شغل کي هڪ لمحي لاءِ به ترڪ نه ڪر. انشاالله تمام جلد تون هن ٻنهي جهانن جي خزانن جي ڪنجي ۽ مفتاح ڪنز ڪونين حاصل ڪري وٺندين. نئون صاحب تصور جيئن ته مشق وجوديه جي وقت نهايت ٻڏتر ۾ هوندو آهي. ته تصور اسم الله دل ۽ دماغ ۽ وجود جي ٻين عضون تي ڪئين ڪيو وڃي. ۽ ڪهڙي ريت ۽ ڪيئن اسم الله ذات جي نقش کي پنهنجي اندر لکي. ڇا پنهنجو پاڻ کي هڪ الڳ انسان جي شڪل ۾ پنهنجي آڏو آڻي بيهاريو وڃي ۽ خيال ۽ فڪر سان ان جي دل ۽ دماغ ۽ سيني ۽ ٻين عضون تي اسم الله ذات جي نقش کي مرقوم ڪري يا ٻي شخص کي پنهنجي عضون تي لکڻ وارو خيال ڪري يا خود پنهنجي وجود تي ڪيئن ۽ ڪهڙي طرف کان اسم الله تحرير ۽ نقش ڪري. اهي ڳالهيون جيئن ته نهايت ضروري آهن ۽ ڪتابن ۾ نه ٿيون ملن. ان لاءِ اسان پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي ڪجهه اهم ۽ سولا طريقا بيان ڪريون ٿا. اگر صاحب مشق ۽ صاحب تصور انهن تي عمل ڪيو ته کين اسم الله ذات جي نقش ۽ مرقوم ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ملندي. ۽ تمام جلدي هن مبارڪ شغل ۾ ڪامياب ٿي ويندو. تصور اسم الله ذات جي متعلق هي نهايت سچي، مفيد ۽ قيمتي معلومات آهي. اسان هديهءِ ناظرين ڪيون ٿا. اها ڊگهي عرصي ۽ ورهين جي جانفشاني ۽ جفاڪشي کان بعد حاصل ڪئي وئي آهي. صاحب تصور اسم الله ذات کي گهرجي ته وضو ڪري پاڪ ڪپڙا پائي ڪنهن پاڪ جڳهه ۾ پالٿي ماري ويهي ۽ دل کي تمام غير خيالات يعني دنيوي تفڪرات نفساني واهمات کان خالي ۽ فارغ ڪري وٺي ۽ ظاهري شيطاني وسوسن ۽ نفساني خطرن جو رستو بند ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٿان هيٺ ڏنل حصار ڪري يعني تفصيلوار هيٺين ڪلامن کي پڙهي پاڻ مٿان دم ڪري. الحمد شريف، آيـت الڪرسي، چار قل يعني قُلۡ یٰۤاَيُّهَاالۡکَافِرُوۡنَ، قُلۡ هُوَاللّٰهُ اَحَدٌ، قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ الۡـفَلَقِ ۽ قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ. هر هڪ سورت کي ٽي ٽي ڀيرا پڙهي. ان کان بعد درود شريف، استغفار. آيت: سَلَامٌ قَوۡلاً مِّنۡ رَّبِ الرَّحِيۡمٍ. آيت: وَاللّٰهُ الۡمُسۡتَعَانُ عَلٰي مَاتَـصِفُوۡن. ڪلمو تمجيد يعني: ”سُبۡحَانَ اللهِ وَالۡحَمۡدُلِلّٰهِ وَلَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللّٰهُ وَاللّٰهُ اَکۡبَرُ وَلَاحَوُلَ وَلَاقُوَّةَ اِلَّابِاللّٰهِ الۡعَلِي الۡعَظِيۡم.“ ڪلمو توحيد: ” لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللّٰهُ وَحۡدَہٗ لَاشَرِيۡکَ لَـہٗ لَہُ الۡمُلۡکُ وَلَـہُ الۡحَمۡدُ يُحۡيِيۡ وَيُمِيۡتُ وَهُوَ عَلٰي کُلِّ شَيءٍ قَدِيۡر.“ ۽ ڪلمو طيب: ” لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللّٰهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوۡلُ اللهِ صَلَّي اللّٰهُ عَـلَـيۡـہِ وَسَلَّمۡ.“ هر هڪ ٽي ڀيرا پڙهي سيني تي دم ڪري ۽ ٻنهي هٿن جي ترين تي دم ڪري سڄي بدن تي هٿ ڦيري. ان کان بعد اکيون بند ڪري الله تعاليٰ جي مشاهدي ۽ مجلس حضرت سرور ڪائنات ﷺ ۽ مجلس انبياء و اوليا ۽ ياد موت ۽ ياد آخرت و قبر ۽ حشر نشر وغيره تفڪرات کي دل ۾ جاگزين ڪري. ۽ اسم الله ذات کي مٿي ۽ دل تي اسم محمد ﷺ کي تفڪر جي شهادت واري آڱر سان خيال جي ذريعي پنهنجي سيني تي بار بار لکڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اگر ڪنهن جو نفس سرڪش هجي ۽ معصيت کان باز نه اچي ته اسم الله ذات کي تصور سان دُن واري مقام تي مرقوم ۽ تحرير ڪري. صاحب تصور پنهنجي شهادت واري آڱر کي قلم سمجهي ۽ پنهنجي سامهون آفتاب کي بدرجي مس ڪپڙي جي خيال ڪري ۽ پنهنجي آڱر کي آفتاب جي مس ڪپڙي ۾ وجهي پنهنجي مٿي تي اسم الله ذات اهڙي طرح لکي جو سر کي هڪ وڏو فانوس ۽ لالٽين خيال ڪري ۽ ان جي اندر ويهي پنهنجي سامهون واري شيشي جي رخ تي اسم الله ذات لکي. هن سان جلالي جذب پيدا ٿيندو ۽ اسم محمد ﷺ کي ڊگهو ڪري سيني تي لکي. اهڙي طرح جو اسم محمد ﷺ جا ٻئي ميم پستانن تي اچي وڃن ۽ اکر دال دل تي اچي وڃي. هن سان جمالي جذب حاصل ٿيندو. ۽ اسم محمد ﷺ کي سفيد ماهتابي رنگ سان لکي يا انهن ٻنهي مذڪوره مٿين مقامن يعني مٿي ۽ سيني تي اگر اسم الله ذات ۽ اسم محمد سرور ڪائنات ﷺ نئين سر لکڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿئي ته اسم الله ذات شهادت واري آڱر وانگر ٿلها ۽ خوشخط سرخ آفتابي رنگ جي اکرن ۾ لکيل پنهنجي مٿي يا دل تي لکيل خيال ڪري ۽ پاڻ ان کي پنهنجي شهادت جي آڱر سان ٽريس ڪندو وڃي. يعني آڱر ان تي قلم وانگر پنهنجي خيال ۽ تصور ۾ ڦيريندو وڃي ۽ اهڙي طرح اسم محمد ﷺ کي پنهنجي سيني تي ماهتابي سفيد رنگ سان لکيل خيال ڪري. ۽ ان جي مٿان شهادت جي آڱر ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪري. ڪن کي هن ٻين صورت ۾ سولائي ٿيندي آهي. ۽ گڏ ئي دل مان پاس انفاس جاري رکي. يعني جڏهن ساهه اندر وڃي ته گڏ دل ۾ لفظ الله چوي. ۽ جڏهن ساهه ٻاهر نڪري ته دل ۾ خيال سان لفظ هو چوي. ۽ جڏهن اسم محمد ﷺ جي مشق ڪري ته ساهه اندر وڃڻ وقت محمد رسول الله چوي ۽ ساهه ٻاهر اچڻ وقت صلي الله عليه وسلم خيال سان دل ۾ چوي. هن ريت بار بار مشق ڪرڻ سان اسم الله ذات ۽ اسم محمد ﷺ سرور ڪائنات طالب جي اندر متجلي ٿي ويندو. ۽ اگر طالب شيخ ڪامل رکي ٿو ته هئين خيال ڪري ته منهنجي سر ۽ سيني ۽ دل جي اندر شيخ ويٺو اسم الله ذات ۽ اسم حضرت سرور ڪائنات ﷺ لکي رهيو آهي. هن سان اڃان به وڌيڪ سولائي ٿيندي آهي. ۽ گڏو گڏ پاس انفاس به جاري رکي. اهڙي طرح طالب تمام جلدي ڪامياب ٿي ويندو آهي. جنهن وقت طالب جي تصور ۽ تفڪر ۽ مرشد ڪامل جي توجه ۽ تصرف ۽ طالب جي ڪوشش ۽ مرشد جي ڪشش اسم الله ذات ۽ اسم حضرت سرور ڪائنات ﷺ تي مرڪوز ۽ متحد ٿي وينديون آهن ته ان مان يا ته نور ۽ برق جلال پيدا ٿي ڪري طالب کي باطن ۾ غرق ۽ بي خود ڪري ڇڏيندي آهي. ان وقت باطني وارڌاتون ياد ناهن رهنديون ۽ جي کيس جذب جمالي جي بجلي ڇڪي ورتو آهي ته کيس باطني وارڌاتون خواب يا مراقبي ۾ ياد رهنديون آهن. ان وقت مجلس انبياء و اولياء ۽ ذڪر اذڪار کلي ويندا آهن. ۽ طالب مجلس محمدي ﷺ ۾ يا مجلس انبياء و اولياء ۾ حاضر ٿي ويندو آهي. يا ذڪر نفسي، قلبي، روحي، سري وغيره جاري ٿي ويندا آهن. يا الله تعاليٰ جون ذاتي، صفاتي ۽ افعالي تجليات صاحب تصور تي وارد ٿي وينديون آهن. يا طالب کي طير سير مقامات علوي ۽ سفلي حاصل ٿي ويندا آهن. اگر نقش اسم الله ذات ۽ اسم حضرت سرور ڪائنات ﷺ شيطاني وسوسن جي هجوم ۽ نفساني ظلمات جي ڪثرت جي سبب دل تي قائم نه ٿين ته طالب کي گهرجي ته مشق وجوديه شروع ڪري ته جيئن سڄو وجود اسم الله ذات سان منقش ٿي پاڪ ۽ مزڪي ٿي وڃي ۽ حضور سرور ڪائنات ﷺ ۽ مشاهده حق ذات جي قابل ٿي وڃي. اِسۡمُ اللّٰهِ شَيءٌ طَاهِرٌ لَاَ يَـسۡتَـقِـرُّ اِلَّا بِمَکَانٍ طَاهِرٍ ؕ اسم الله پاڪ شيءِ آهي. اهو پاڪ جڳهه ۾ قيام ۽ استقرار پڪڙيندو آهي. شغل تصور اسم الله ذات لاءِ وقت جو تعين نه آهي جنهن وقت چاهيو ڪري سگهجي ٿو پر سڀ کان بهتر وقت صبح صادق کان وٺي سج اڀرڻ يا چاشت تائين جو آهي. (نقش اسم الله ذات ۽ اسم حضرت سرور ڪائنات ﷺ اڳئين صفحي تي لکيل آهي.) صاحب تصور کي گهرجي ته دماغ ۾ نقش اسم الله ذات تصور ۽ تفڪر سان لکندي وقت دماغ کي هڪ چورس فانوس يا لالٽين وانگر خيال ڪري ته ڄڻ هن جا چارئي طرف ۽ مٿي جا شيشا ظلمت جي ڪاري دونهين سان آلوده آهن. ۽ صاحب تصور اندر ويهي سامهون واري شيشي تي شهادت جي آڱر سان نقش اسم الله ذات ايئن ٺاهي رهيو آهي ته هن جي آنڱر جي لکت سان ڪاراڻ پري ٿيندي وڃي رهي آهي. ۽ اسم الله ذات جي تحرير سان ٻاهرين روشني لاءِ رستو ۽ سوراخ ٺهندو وڃي رهيو آهي. ۽ اسم الله ذات روشن ۽ نمايان ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح اهائي لکت ساڄي، کاٻي، پويان ۽ مٿي واري شيشي تي ڪري. اهڙي طرح دماغ نور اسم الله ذات سان منور ٿي ويندو آهي. ياد رهي ته نئين طالب کي اکين ۾ تصور اسم الله ذات مشق ڪرڻ وقت حيراني ٿيندي آهي، ته اکين ۾ اسم الله ذات ڪيئن لکجي. ان جو طريقو هي آهي ته پنهنجي اکين کي عينڪ جي ٻن گول شيشن وانگر خيال ڪري اندر جي طرف کان انهن تي اسم الله ذات نقش ۽ مرقوم ڪري ۽ اهڙي طرح بدن جي هر عضوي ۽ هر خاني تي اندر جي طرف کان اسم الله ذات فڪر ۽ خيال جي قلم سان تحرير ڪري. پڻ ياد رهي ته دماغ ۾ اسم الله ذات لکڻ جا پنج مقام آهن. ۽ مٿي تي ۽ ٻنهي اکين تي ۽ ٻنهي ڪنن تي ۽ هڪ نڪ تي ۽ هڪ زبان تي اسم الله ذات تصور سان لکي ۽ دل تي اسم الله ذات لکڻ جو هي طريقو آهي ته دل کي ليمپ جي چمني وانگر کاٻي پاسي تي لڙڪيل خيال ڪري ۽ ان جي سطح تي اسم الله ذات ۽ اسم حضرت سرور ڪائنات ﷺ خيال ۽ فڪر سان تحرير ڪري جيئن مزڪوره مٿين نقشي ۾ مرقوم آهي ۽ ڪي هن طرح دل تي تصور اسم الله ذات مرقوم ۽تحرير ڪندا آهن جو دل جي موٽي ڇيڙي تي چمني وانگر گول سوراخ کي گول دائرو خيال ڪري ان ۾ اسم الله مرقوم ڪندا آهن يعني دل صوبري کي هڪ گلاب جي اڌ ٽڙيل گل وانگر تصور ڪري هن جي گول ڪشادي منهن جي دائري ۾ اسم الله ذات مرقوم ڪندا آهن. جڏهن اسم الله ذات دل تي مرقوم ٿي ويندو آهي ته دل جو لطيفو گل گلاب وانگر ٽڙي پوندو آهي. جنهن سان ست نوري لطيفا ستن نوري پتين وانگر سرخ رنگ معطر و معنبر دل جي چوڌاري ظاهر ٿي ويندا آهن. ۽ هر لطيفو نورِ اسم الله ذات جي ستن ذاتي صفتن جي انوار سان جڳمڳائي اٿندو آهي. حضرت فقير نورمحمد سروري قادري رحمته الله عليه جي مشھور ڪتاب عرفان جي سنڌي ترجمي تان ورتل لطيفي لات پيج تان کنيل