” جيڪي ڏٺم، سڀ تماشو هو! “ شفيق شاڪر مصروفيتون،مشغوليون،مشقتون، محنتون،مسلسل ڊوڙ ڊڪ،نه پنهن جو ڪو هوش نه پراون جو ڪو پتو،نه آسپاس جي ڪا خبر نه آسپاس رهندڙ انسانن جو ڪو اونو،ّخبر ناهي هي ڪهڙو سفر آهي جنهن جي ڪا منزل ناهي، ڪهڙي ڊوڙ آهي جنهن جي ڪا انتها ناهي،زندگيء جي ڊوڙ! اها زندگيء جي نه پر هوس جي ڊوڙ آهي، تڪاثر( گھڻائي) جي ڊوڙ جنهن ۾ هر انسان ٻئي انسان کي چيريندو،ڦاڙيندو،ڪيرائيندو،چيڀاٽيندو ۽ لتاڙيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو.جنهن کي قرآن ڪريم هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ته “ اوهان کي گھڻائيء جي حرص برباد ڪري ڇڏيو، ايستائين جو اوهين قبرن ڀيڙا ٿيا ” تڪاثر يعني گھڻي کان گھڻو حاصل ڪرڻ جو حرص،اهڙي بيماري جيڪا هڪ دفعو لڳي وڃي ته قبر ۾ پهچائي پوء جدا ٿئي ٿي.ڇا ديندارڇا بي دين،ڇا نمازي ڇا بي نمازي،ڇا حاڪم ڇا محڪوم،بس جنهن کي لڳي وڃي ان جا احساس،جذبا،اصول،اقدار،بصارت توڙي بصيرت،سماعت، سمجھ،سوچ.عقل ۽ ادراڪ سڀ شيء جو جنازو ڪڍيو ڇڏي.جيڪر اها هوس جي نه پر زندگيء جي ڊوڙ آهي ته پوء خود زندگيء جي حقيقت ڇا آهي؟ ان سموري جدوجهد جي حاصلات ڇا آهي؟ صرف چند گز ڪفن جا ۽ ٻه گز قبر جي زمين! اها ملڪيت حاصل ڪرڻ لاء هڪٻئي کي لتاڙيو وڃي ٿو، هڪ ٻئي جون نڙيون ڪپيون وڃن ٿيون،هڪ ٻئي سان ناتا، رشتا، واسطا.تعلقات ۽ مٽيون مائٽيون ٽوڙيون وڃن ٿيون.انساني زندگين سان ايئن راند ڪئي وڃي ٿي ڄڻ مکين ۽ مڇرن کي ماربو هجي.چند سڪن جي واسطي دوائون جعلي ۽ کاڌي جون شيون ملاوت ٿيل .!. معصوم ٻارن تي به رحم نٿو کاڌو وڃي. دوڪانن تي مٿي درود پاڪ لکيل،شڪليون نوراني، هٿ ۾ تسبيح،ڏسڻ ۾ ديندار پر اندر ۾ اهو ئي هوس جو بت، دل ۾ اهو ئي تڪاثر جو مرض!خدا اسان جي حال تي رحم ڪري.حرمت رسولﷺتي جانيون قربان ڪرڻ لاء تيار پر سندن حڪمن تي عمل ڪرڻ لاء بخار!اسان جو اسلام صرف مسجد تائين محدود رهجي ويو آهي مسجد کان ٻاهر اسين هوس جا غلام آهيون.روضه رسول ﷺ تي بار بار حاضريون ڏيڻ باوجود ان رحمت للعالمين جي عظيم رحمت ۽ شفقت جو ذرو به اسان جي دلين ۾ نٿو سمائجي جيڪي پاڻ بکيا رهي ٻين جا سوال پورا ڪندا هئا.جن جي قناعت جي حالت اها جو ٽن ٽن ڏينهن تائين گھر ۾ چلهو نه ٿو ٻري جو گھر ۾ کاڌي جي ڪا شيء آهي ئي ڪانه، جيڪي ڪجھ اچي ٿو ٻين کي ورهائي ڏيئي ڇڏين ٿا.اسان جو حال اهو جوهڪ طرف نمازون،روزا،حج،عمرا ۽ تبليغون به جاري آهن ته ٻئي طرف ملاوت،ذخيرا اندوزي،ماپ ۽ تور ۾ کوٽ، رشوت، ڪوڙ،غلط بياني،دوکو،ٺڳي،حرام ڪمائي،ٻين جو حق مارڻ،پاڙيسرين سان ظلم ڪرڻ، عورتن ۽ نوڪرن سان بدسلوڪي،تڪبر،وڏائي،غرور،ڏيکاء،نمائش به اسان جي سماج جي سڃاڻپ بڻيل آهن.هي اسان ڪنهن کي دوکو ڏيئي رهيا آهيون؟ان عظيم هوس جي ڪا حد به آهي؟ ان تڪاثر جي ڊوڙ جي ڪا انتها به آهي؟ڪاش،اسان قرآن جي هنن لفظن کي زندگيء جو ڏيئو وسامڻ کان پهرين سمجھي سگھون ته “ زماني جو قسم! انسان وڏي نقصان ۾ آهي.” انسان جي مشين ٺاهڻ واري خالق خود ان مشين جون خرابيون ۽ خاميون بيان ڪري ڇڏيون ته انسان “جهولا” يعني اڻ ڄاڻ آهي،انسان “عجولا” يعني اتڪو يا جلد باز آهي،انسان “ڪفورا” يعني ناشڪرو آهي. انسان “جدولا” يعني ڦڏائي آهي. سوال ڪيو ويو ته “ آئون قناعت پسند بڻجڻ گھران ٿو،ڇا ڪيان؟” جواب مليو “ جيڪي ڪجھ ٻين وٽ آهي انهيء کان نظرون ڦيري ڇڏ ته قناعت پسند بڻجي ويندين” عرض ڪيو ويو ته “ مون ۾ خدا جو خوف ڪيئن پيدا ٿئي؟” جواب مليو“ هروقت موت کي ياد رکندو ڪر سڀني کان گھڻو پرهيزگار بڻجي ويندين.” هن نادان انسان کي ڪير سمجھائي ته ٻين سان ظلم ڪري يا ٻين جا حق ماري پئسو جمع ڪرڻ جو پڇاڻو ڪيڏو نه سخت هوندو جو تنهن جي حلال ڪمائيء ۾ به ٻين يتيمن،ڪمزورن،فقيرن ۽ لاچارن جو حق ۽ حصومقرر ڪيو ويو آهي.ماڻهو اهو چئي پنهن جي ضمير کي مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته پهرين پنهن جون فلاڻيون فلاڻيون ضرورتون پوريون ڪري وٺان پوء ٻين جي مدد ڪندس.ڪيڏي نه وڏي ڀل آهي ۽ ڪيڏي نه عظيم حماقت آهي.هوس جي ان ڊوڙ ۾ ضرورتن جو گلو صرف قبر ئي دٻائيندي آهي، موت جي بي درد ۽ سخت شڪنجي ۾ ڦاسڻ کان پهرين دنيا جي ڌرتيء تي اهڙا ماڻهو خال خال ئي ملندا جيڪي اهو چوندا هجن ته اسان پنهن جون سڀ ضرورتون پوريون ڪري ورتيون آهن.جتي ضرورتن جي حد ختم ٿيندي آهي انهيء نڪتي جو ٻيو نالو موت آهي. ڪائنات جي سردارﷺ جا اهي لفظ ڪيڏي نه سچائيء سان ڀريل آهن ته “ ابن آدم جي حرص جي پيٽ کي صرف قبر جي مٽي ئي ڀري سگھي ٿي.” تون ته اهو به نٿو سمجھين ته موت جو راڪاس هر وقت تنهن جو پيڇو ڪري رهيو آهي.هي اولاد جنهن جي سک ۽ سهوليت جي فڪر ۾ تون هر جائز ۽ ناجائز،حلال ۽ حرام جا سڀ ليڪا لتاڙي انهن جي لاء مال ۽ دولت جا ڍير ڪٺا ڪرڻ ۾ پاڳل بڻيل آهين،اهو ئي اولاد تنهن جي مشقت سان گڏ ڪيل ملڪيت تي عيش عشرتون ڪرڻ باوجود حساب جي ڏينهن تنهن جو دشمن بڻجي تنهن جي خلاف شاهديون ڏيندو.تنهن جي مرڻ کان پوء تنهن جي قبر تي چار قل به نه پڙهندو.هيء ڪهڙي ڊوڙ آهي جنهن مان توکي صرف اهو سرڻو آهي جيڪو تو کائي ختم ڪيو يا جيڪي تو پهري پراڻو ڪري ڇڏيو يا تو مسڪين،فقيرن ۽ محتاجن ۾ خدا ڪارڻ ورهائي پنهن جي آخرت جي بينڪ ۾ ذخيرو ڪري ورتو،باقي ٻيو جيڪي به بچيو انهيء تي تنهن جو ڪهڙو حق ۽ ڪهڙو اختيار!اهڙي ڊوڙ جنهن جي ابتدا حرص ۽ حسد جي باھ ۽ جنهن جي انتها حسرت، افسوس، پشيماني۽ پڇتاء کان سواء ٻيو ڪجھ به نه آهي.انهيء کان اڳ جو هر خواهش خاڪ ٿي وڃي،هر اميد تي پاڻي ڦري وڃي،هر خواب ٽٽي وکري وڃي،هر آس نراس ۾ بدلجي وڃي، هر منظر رڃ ثابت ٿئي، انهيء کان اڳ جو موت جو لوهي هٿ گلو دٻائي وٺي ۽ انهيء کان اڳ جو پنهن جا پراوا ۽ آشنا بيگانا بڻجي وڃن،انهيء کان اڳ جو زندگيء جي پوري حاصلات ريت جي ذرن جيئن هٿن مان ترڪي وڃي،انهيء کان اڳ جو زندگيء جي ڪيلينڊر جو ڪانٽو بيهي رهي،انهيء کان اڳ جو تنهن جي سڀ وحشت،دهشت،حشمت،شان ۽ شوڪت،دولت ۽ شهرت جا خيالي بت ڀڄي ڀورا ٿي وڃن، پنهن جو پاڻ سان حقيقي همدردري اها آهي ته ان حرص ۽ هوس جي جنون کان ٻاهر اچ.جيڪر ڪنهن ضرورت مند کي ڪجھ ڏيڻو آهي ته اڄ ئي ڏيئي وٺ، ضرورتمند صرف اهي ناهن جيڪي سوال ڪن ٿا پر حاجتمند اهي به آهن جن کي سندن ضمير ڪنهن کان سوال ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.ڪجھ پنهن جي عشرتگاھ مان ٻاهر نڪري آسپاس نظر ڊوڙائيندين ته توکي خدا جي اها مخلوق ملي ويندي جن جي گھرن جا چلها غربت جي راڪاس اجھائي ڇڏيا آهن.جن جون آسون ڏينهن ۾ خبر ناهي ڪيترا ڀيرا مرن ٿيون ۽ ڪيترا دفعا جيئن ٿيون.پنهن جي لاء خريد ڪيل ڪپڙن جي هزارين وڳن مان ڪجھ وڳن تي انهن پٺيء اگھاڙن جو به حق آهي،تنهن جي ڪتن جي لاء تيار ٿيل قيمن جي ڀيٽ ۾ دال روٽيء تي بکن کان سڙندڙ ڪجھ انسانن جو به استحقاق آهي.اهو اڄ ئي ڪري وٺ جو سڀاڻي تي شايد تنهن جو اختيار نه هجي!ٰ انهيء کان اڳ جو اهو ڄاڻين وٺين ته “ جيڪي ڏٺم سڀ تماشو هو،جيڪي ٻڌم سڀ فسانو هو”
الله پاڪ توهانکي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب فرمائي ، حقيقت تي مبني سهڻي تحرير، سدا سلامت هجو ، مرڪندا رهو
الاهي ڪرم ڪر اسان تي قراري، آهيون اصل کان ڏکيا ۽ ڏوهاري غمن گوندرن جي خزان ڪئي خرابي،هاڻي آڻ ڪا سک سندي نوبهاري.