• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انسان ۾ رت جي دوري جو سرشتو

انسان ۾ رت جي دوري جو سرشتو: -انسان- جي رت جي دوري جو سرشتو دل ۽ رت جي نالين تي مشتمل آهي.
دل (Heart ):
مشڪن جو هڪ عضوو آهي، جيڪو رت کي جسم جي مختلف حصن ڏانهن ڌڪي ٿو يعني پمپ ڪري ٿو. هيءَ هڪ سخت پردي ۾ ويڙهيل ٿئي ٿي، جنهن کي دل جي ڳوٿري (پيريڪارڊيم) چئبو آهي. دل جا چار خانا ٿين ٿا: مٿين ٻن خانن کي ڪَنوتيون (Auricles) ۽ هيٺين ٻن خانن کي ’وينوتيون‘ (Ventricles) چئبو آهي. دل جو ساڄو ۽ کاٻو -پاسو-، پوريءَ طرح هڪٻئي کان جدا ٿين ٿا، -جن- ۾ ترتيبوار خراب ۽ سٺو رت هوندو آهي.
رت جو دورو:
خون، دل جي وينٽريڪل (Ventricle) مان نڪري پلمونري شريانن (Pulmonary artery) مان ٿيندو ڦڦڙن ۾ وڃي ٿو. هتي -آڪسيجن- جذب ڪري ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ خارج ڪري ٿو. اهو خون واپس پلمونري شريانن جي وسيلي کٻي اوريڪل (Auricle) ۾ اچي وڃي ٿو. کٻي پاسي وارو اوريڪل صاف خون کٻي وينٽريڪل ۾ پمپ ڪندو آهي. هتان صاف خون شريان ڪبير (Aorta) ۾ پهچي ٿو. شريان: ڪبير اسان جي جسم ۾ سڀ کان وڏي شريان آهي جيڪا اڳيان هلي ننڍين شريانن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي.
 
Back
Top