اچو ته ڳاله جي ڳاٽي کي وٺون ....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اچو ته ڳاله جي ڳاٽي کي وٺون
    ____________________
    اڄڪله بارداني جو مسئلو ،ڳوڻين جي حاصل ڪرڻ جو مسئلو ٻورٽن جي حاصل ڪرڻ جو مسئلو ايترو ته انگهايو ويو آهي جو ڪڏهن به ائين هي مسئلو نه رهيو ماضي ۾ ......
    هاڻي مسئلو ڇا آهي باردانو ڳوڻيون نه ٿيون ملن سرڪاري گدامن منجها جنهن ۾ اناج وجهي سرڪار کي زميندار هاري وڪڻڻ چاهي ٿو،ماڻهو عوام انسان سڀ پريشان گهما گهمي شور ۽ الجهائپ پئي وڌندي رهي ....ڪو احتجاج پيو ڪري ڪو گدامن تي هلان ته ڪو لڪ لڪ ۾ ڳوڻيون پنهنجن ڄاڻو سڃاڻو يا رشوت وٺي ڏين پيا عوام اهو ئي پريشان ......
    اصل مسئلو ڳوڻين جو نه آهي اصل مسئلو زميندار کان سڌو سئون اناج نه وٺڻ جي صورت آ جيڪو ڪنهن کي نظر ئي نه ٿو اچي ان بي هودگي ۾ سرڪاري فوڊ انسپيڪٽر سڌو سئون ملوث آهي جيڪو زميندار کان اناج وٺڻ جي بجاءَ هندو واڻيي بجاج واپاري کان وٺي پيو جنهن ۾ زميندار هاري کي نقصان ملي ٿو ...جي اهو هاري زميندار اناج سرڪاري گدامن تائين آڻي ٿو ته پو اخلاقن انهن انڌن ٻوڙن گونگن سرڪاري فوڊ انسپيڪٽرن کي وٺڻ گهرجي نڪي گوٿ ناٿ ڪري غريب هاري سان ويڌن ڪري ...
    سرڪاري گودامن ۽ تخمينو ڪري ڪڻڪ اناج وٺڻ کان پو سرڪاري گدام هڪ کليل آسمان ۾ سج جي تپش ۾ سڙي سڙي ڪرو مرو ٿئي پيو ۽ ڪڏهن موسمياتي اثر بارشن مينهوڳي جي ور چڙهي وڃي ٿو ،ظاهر آ پورو سال هي اناج جڏهن کلي آسمان ۾ رهندو ته حشر ته اهڙو ئي ٿيڻو آ هن بي هوده سرڪاري اداري وٽ ڪڻڪ اناج کي سانڍي رکڻ جو توجه ئي نه آهي رشوت عوض بروڪرن کي باردانا ڏيئي انهن کان مهنگي سرڪاري ريٽ تي اناج وٺي پنهنجا پيٽ بڀ ڀري سڪون سان شرابن جي گتن تي اهو حرام پيسو وري پيا ضايع ڪندا رنڊيون گهرائي پيا اهو رشوت جو پيسو خرچ ڪندا ....وڃي ڪن...... پر وري دود ته ڏسو ....جي اهو سڙيل ۽ مينهوڳي ۾ ڀڳل ان هو سرڪار کي ضايع ڏيکاري وري فلور ملز کي سستي اگه وڪڻي پوري معاشري جا ڏوهي ٿين ٿا ۽ صحت مند ماڻهن کي خراب اٽو کارائي پيا بيمار ڪندا .....الله تون معاف ڪر هي ڪهڙي معاشري جا فرد آهن جو پاڻ جهڙي انسان لاءِ پيا هانڃا سوچين .....ڪڏهن ڪڏهن اهو ساڳو سڙيل اٽو انهن جي پنهنجي گهر به اچي ٿو وڃي ۽ خود واپرائيندي پيا بيمار ٿيندا ڇو ته بازار ۾ ڪئي برانڊون آهن ، چڪيون آهن جن وٽ هي خراب اٽو اچي ٿو ۽ هو اهو عام ماڻهن کي دڪانن تي وڪرو ڪن ٿا ....ان جي صاف شفاف هجڻ جي خبر خدا کي ....؟؟؟؟؟؟
    هاڻي هي مسئلو هڪ ٻن سالن جو ته آهي ئي نه پر سڄي سنڌ گهمو توهان کي ڪو انهن جو گدام ۾ رکيل اناج نه ملندو سڀ شهر جي ٻاهران رود رستي ڪناري اناج جا ڍير لڳا پيا هوندا موسم جي رحم وڪرم تي انهن وٽ ڪا منصوبابندي نه آهي ته ڪيترو ان آهي ان لاءِ ڪيتروسانڍڻ جي گنجائش آهي اسٽوريج گنجائش ڪيپيسٽي ڪيتري آهي ......نه ته ٺاهڻ ۾ دير ڪيتري ٿي لڳي .....!!!!!!!
    وري عقل جي انڌ ڏيکاريندي ڪڏهن سينٽرل ايشيا کان پيا بيڪار ڪڻڪ گهرائيندا جڏهن ته اسان جي سنڌ ۾ پنهنجهي کائڻ کان وڌيڪ جهجهي پيداور لهي ٿي ۽ جي ٿي سگهي ته ان مان ايڪسپوڙت ڪري ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو .....ڪاري وارا ڪک....ڇا چئجي ڪنهن کي چئجي ......
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 اپريل 2016

هن صفحي کي مشهور ڪريو