• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امر جليل پاڻ به زندگيءَ کان مايوس آهي ۽ ساري سنڌي قوم کي مايوس ڏسڻ چاهي ٿو!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
امر جليل گھڻي وقت کان ڀٽڪيل ڀٽڪيل ڳالهيون ڪندو رهيو آهي ـ اڳوڻي امر جليل ۽ هاڻوڪي امر جليل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ـ سنڌي قوم جي هيڻائين جي سڀ ڪو نشاندهي ڪري ٿو پر ڪو دڳ به ڏسي ۽ اهو ڪم دانشورن ۽ ليکڪن جو آهي ته ڏکئي وقت ۾ قوم کي ڇوٽڪاري جو دڳ ڏسين ـ

امر جليل گھڻي وقت کان سنڌين ۾ مايوسي پکيڙيندو رهيو آهي ـ لڳي ٿو هو پنهنجي زندگيءَ کان مايوس ٿي چڪو آهي ـ ٿورو وقت اڳ، سندس ڪتابن جي پبلشر، ڪاوش مخزن ۾ اڌ صفحي جو آرٽيڪل لکيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين ته امر جليل مايوسيءَ ڪارڻ آپگھات ڪرڻ چاهي ٿو ـ
اهو درست آهي ته امر جليل سدائين سنڌين تي ٽوڪون ڪندو رهي ٿو پر مثبت تنقيد نه پر ساڳي وقت هو وساري ويهي ٿو ته هو پاڻ به سنڌي آهي ـ سنڌين کي هر وقت لوئڻ جو مقصد اهو ٿيو ته هو پاڻ کي به سنڌي هئڻ سبب گهٽ سمجھي ٿو، ڀلي اها ڳالهه پنهنجي لاءِ، هو زبان سان مڃي يا نه مڃي ـ
 
ڪڇان ته ڪافر جي ماٺ رهان ته مشرڪ پر سائين جي اڃ جي تقرير سان سنڌين جي دل آزاري ضرور ٿي آهي ...پر چوندا آهين ته جتي ٻاه ٻري اها جاء سڙي ...جي بنا سمجهي ڪري اسان کي در گزر ڪرڻ گهرجي ...
 
سورتي اڻ سورتي سان سليو سور
هن جو بنجهر ئي نه ڀريو هو وڃي پئي وهلور
پرايائين پور اڳي کان به اڳرو

پوئيـــــــــــن ســــــــــــال جــــــــون جولاء جي مهــــــيني ۾ جن ڏينهن ۾ ڪان جي اک پئي نڪرندي آهي ته مان ڪراچي مان دادو ويو هئس ۽ دادو ۾ ڪجهه دوستن ۽ عزيزن سان ملاقات ٿئي ۽ گرمي جو ذڪر ڪيم، ته ان چيو ته جيسيتائين بجلي ناهي تيسيتائين ته گرمي آهي باقي پوء اسان اي سي ۾ ويٺا هوندا آهيون،، مون کين کان پڇيو ته پوء بجلي جو بل گهڻو اچي ، ان تي جواب مليو ته مهيني جا 3000 رپيا ڏيندا آهيون، ۽ ٻه ٻه اي سيون هلايو ويٺا آهيون، الله جو شڪر آ، هت بجلي وارا اسان جو تمام گهڻو خيال ڪندا آهن، مون انهن مان هڪ دوست کي چيو ته ڀاء هي ته چوري آهي، ان تي جواب مليو ته چوري ڇاجي آهي، اسان ته پنهنجا 3000 هزار مهيني جا ڏيون ٿا نه.....۽ ماشـــــــــاءالله ســــان هتان جــــــــــا واـــــپڊا ۾ ڪــــــم ڪنــــدڙ مــــــــلازم به تمـــــــام گهـــــــڻا خــــوش اٿئـــــــي ۽ انــــهن جــــي روزي ۾ به برڪــــت آهي، ۽ الله جو ڏنـــــو گــــهر ۾ ســـڀ ڪــــجهه آهيـــــن،مون انهن کان پڇيو ته سڪون به ان تي جواب مليو ته ڀاء اها ته خبر انهن کي ۽ اهيو حال صرف اسان جي دادو جو نه آهي پر سڃي سنڌ جو اهيو حال آهي، اهيا ته سوچ آهي اسان جي ماڻهن جي پوء ڏوهه صرف امر جليل ويچاري تي ته ، امر جلييل سنڌي قوم تي تنقيد پيو ڪري،
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اهو نه ڏسجي ته تنقيد ڪير پيو ڪري پر اهو ڏسجي ته جن عيبن ۽ اوڻاين جو ذڪر هو ڪري پيو،انهن اوڻاين مان ڪا اسان ۾ واقعي موجود ته ڪانهي! اصل ۾ اسان مجموعي طور تي هڪ جذباتي ۽ غيرمعتدل قوم آهيون پر ان حقيقيت تي به غور ڪرڻ بدران اسان جيڪو صرف ان خاميء جو ذڪر ڪري ٿو،ان جو به حشر ڪريو ڇڏيون.انتهاپسندي اها به آهي ته ٻئي جي تنقيد برداشت نه ڪجي.امرجليل صاحب قابل احترام آهن، سندن ڪيترين ئي سوچن ۽ نظرين سان اسان جو سخت اختلاف به آهي پر هن جيڪي اسان جون بحيثيت قوم خاميون بيان ڪيون آهن انهن تي اجايو جذباتي ٿيڻ بدران ٿڌي دماغ سان سوچڻ به گهرجي،پنهن جوجائزو به وٺڻ گهرجي ۽ پنهن جو احتساب به ڪرڻ گهرجي.اڳيون ماڻهو ڪهڙي به سوچ جو هجي پر اسان جو ته سڄڻ ئي ٿيو جو بنان فيء جي اسان کي پنهن جي ڪمزورين طرف ڏيان ڇڪائي رهيو آهي.باقي مذهب جي باري ۾ امر جليل صاحب جا جيڪي خيال آهن انهن سان اسان بلڪل ئي متفق ناهيون.
 
ڀاء شاڪر صاحب مان توهان جي ڳالهه سان اتفـــــــــــــــــاق ڪريان ٿو.

مون ڪجه عرصو پهرين " ڪرپشن جي قومي ڪوڙه ۾ ورتل سماج" جي عنوان سان اخبار ۾ مضمون لکيو جيڪو سنڌسلامت تي به موجود آهي.پر انهيء مضمون تي دوستن ذاتي طور تي جيڪو ردعمل ظاهر ڪيو سو اهو ته مون سڄي سماج کي بدديانت چيو آهي ۽ ماڻهن ۾ مايوسي پکيڙي آهي.سندن مطلب ان کان سواء ٻيو ڪهڙو وٺجي ته جيڪر اسان مان ڪو بيمار هجي ۽ ٻيو ڪو هن کي سندس بيماري ٻڌائي علاج جي صلاح ڏئي ته ان تي صرف ان ڪري چڙجي ته هن مريض کي ايئن ڇو نه چيو ته تون بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهين.جڏهن اسان سماج يا قوم جي ڳاله ڪيون ٿا ته ان ۾ اسان پاڻ به ته شامل آهيون.اسان جي ڪجه ڏڏن قوم کي نشي جون ٽڪيون کارائي ته بيماريء جي ان حال تي پهچايو آهي.اسان ۾ جيڪي خوبيون آهن سي ته آهن اهي اسان کان ڪو کسي ته نه ويندو پر معاشرا صرف خوبين تي ئي زنده نه رهندا آهن،اصل ته خاميون هونديون آهن جيڪي سمورن خوبين جو اثر زائل ڪري سماج يا قوم کي اڏوهيء وانگر کوکلو ڪري ڇڏينديون آهن .ڪو چڙي يا منهن گهنجائي پر حقيقيت اها آهي ته اسان هڪ اڏوهيء کاڌل سماج آهيون.جنهن جو احساس اڃا تائين اسان کي پاڻ ته نه ٿي سگهيو آهي پر جيڪو اسان کي ان طرف توجه ڏيارڻ جي غلطي ڪري ٿو ان لاء ميڊيا توڙي ذاتي سنگت ۾ باه ٻريو وڃي.
 
امر جليل گھڻي وقت کان ڀٽڪيل ڀٽڪيل ڳالهيون ڪندو رهيو آهي ـ اڳوڻي امر جليل ۽ هاڻوڪي امر جليل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ـ سنڌي قوم جي هيڻائين جي سڀ ڪو نشاندهي ڪري ٿو پر ڪو دڳ به ڏسي ۽ اهو ڪم دانشورن ۽ ليکڪن جو آهي ته ڏکئي وقت ۾ قوم کي ڇوٽڪاري جو دڳ ڏسين ـ

امر جليل گھڻي وقت کان سنڌين ۾ مايوسي پکيڙيندو رهيو آهي ـ لڳي ٿو هو پنهنجي زندگيءَ کان مايوس ٿي چڪو آهي ـ ٿورو وقت اڳ، سندس ڪتابن جي پبلشر، ڪاوش مخزن ۾ اڌ صفحي جو آرٽيڪل لکيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين ته امر جليل مايوسيءَ ڪارڻ آپگھات ڪرڻ چاهي ٿو ـ
اهو درست آهي ته امر جليل سدائين سنڌين تي ٽوڪون ڪندو رهي ٿو پر مثبت تنقيد نه پر ساڳي وقت هو وساري ويهي ٿو ته هو پاڻ به سنڌي آهي ـ سنڌين کي هر وقت لوئڻ جو مقصد اهو ٿيو ته هو پاڻ کي به سنڌي هئڻ سبب گهٽ سمجھي ٿو، ڀلي اها ڳالهه پنهنجي لاءِ، هو زبان سان مڃي يا نه مڃي ـ
ايئن به ت ٿي سگهي ٿو ته هدوستاني ايجنسي را وٽ وڪامجي ويو هجي
 
Back
Top