امر جليل ۽ سنڌ، سنڌي ٻولي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    امر جليل جي سپورٽ ۾ محترم ابراهيم ڪنڀر جو موقف ۽ اسان جو جواب
    _________________________________________

    سائين ابراهيم صاحب نهايت محترم پر هن جي سوچ ۽ دليل ئي اسان جي موقف جي تائيد ڪن ٿا هن جو چوڻ ته اهڙو امر جليل ڪهڙو ڪم ڪيو آ جو ان کي نا پسنديده شخصيت چيو پيو وڃي ......ها محترم هن سنڌي ٻولي سنڌيت سان ويساه گهاتي ڪئي آهي هن جو پنهنجي ٻولي کان لنوائڻ ۽ اڙدو ۾ ڳالهائڻ سو به هڪ سنڌي چينل تي ڪنهن به لحاظ کان سنڌ جي فائدي ۾ نه آهي ۽ هڪ موقعي پرستي آهي جيئن اڪثر اسان جا اديب دوست ڪندا آيا آهن .
    ۽ هن ماڻهو سنڌين تي چٿرون ڪري خلق کلائي آهي ۽ اهو به اوهان جي دليل ڏنل حوالن کان متاثر آهي ۽ انهن انگريزن جو پيروڪار ثابت ٿيو آهي جنهن ۾ هن سنڌ جي ٿورو آسودي سنڌي جي بيک ڪڍي ڇڏي آهي جڏهن به بلوچ ِا ڪنهن ٻي قوم ايتري تائين جو هو ظالم پنجاب وٽ به هڪ ڪري سوچ آهي پنهنجي قوم لاءِ ....ڇو ته بلوچ يا پنجابي يا ڪو پٺاڻ ڪنهن به پنهنجي پيسي واري آسودي فرد جي مخالفت ۾ ڪجه نه آهي لکيو ۽ ۽ بلڪ بلوچ ته سردارن کي پنهنجي جدوجهد ۾ شامل حال رکيو آهي .....
    هتي هن همراه ۽ ڪجه ٻيا اسان جا دوست مارڪس ،لينن مائوزي کان متاثر ٿي هتان جي تهذيب تمدن جي اسريل سرشتي کي ڪاپاري ڌڪ هنيون آهي جنهن ۾ هنن ۽ هن اڙدو آبادي وارن کي ۽ ٻين غير سنڌين کي هتان جو پيسي واري سگه وارو ماڻهو اک ۾ ڪٽر لڳو ۽ اندرون ئي اندر هن سگهاري طبقي جي پويان پئجي ويا جيڪو اندازن 1هڪ سيڪڙو به نه آهي هنن کان سنڌي جو آسودو هجڻ برداشت نه ٿو ٿي ۽ ان انگريز جنهن سان سنڌي حر مجاهد ۽ ٻيا کوڙ سنڌي هڪ صدي تائين جهيڙي ۾ رهيا تنهن جي موقف کي سچ ڪري پنهنجي سچي سوچ ۾ ڏار وڌا ...
    هي جيڪي ابراهيم صاحب ليکڪ لکيا آهن جن سنڌي ماڻهن تي چٿرون ڪيون آهن سي اهي سڀ انگريز آهن جن کي سنڌي ماڻهن ٽوٽا چٻايا ...جن مجبور ٿي سنڌي دهشتگرد جهڙو ڪتاب به لکي ويا .......آزادي جي گوريلا ويڙه وڙهندڙ اهي دودا دلير هنن کي دهشت گرد لڳا جنهن جا صڦحا لڳ ڀڳ هزار تعداد تي مشتمل هوندا ....
    هي ليکڪ آرچر ،آربرٽن جيمز ،ايل ارلچ ،ڊبليو پوٽنگس ،،،،،هي سڀ جا سڀ انگريز هيا جن کي هتتان جي دلير سنڌين سنگينن سان گرزن سان گم ڪري ڇڏيو هيو ....
    ٿورو تاريخ کي ورجائي پو پنهنجي هونش حواس کي قائم رکي سوچو ته ڪجه سمجه ايندي ته بابلا هيڏو عرصو سنڌين حملا ڪندڙن کي پو اهي تاتاري،يا منگول يا ارغون يا انگريز يا انگريزن جا پيروڪار هن وقت به سنڌي ماڻهو کي محڪوم رکيو آهي وڏن وڏن طلسمي نارن سان جن ۾ ته 1947 ۾ هونش ئي نه هيو ته هي ٿي ڇا رهيو آ ...هيڏي لڏپلاڻ جو سبب ته هاڻي ڪمزور ٿي چڪو آ ۽ هت صرف سنڌي وڏيري جاگيردار ،سرمائيدار ،۽ ڪمزور پوزيشن تي ڪم ڪندڙ لالچي سنڌي آفيسر شروع کان ئي بزدل موقعي پرست هڪ جهڙو رهيو آهي جنهن ۾ هي وڏيرو نه پر سڀ ڪردار ملوث آهن ۽ هي پڻ اديب به ساڳي موقعي پرستي ڪندي سنڌ جي لاءِ لاڀ حاصل نه رهيو آهي اجايو رومانوي داستان جن جو به اثر سنڌي قوم ۽ سنڌيت تي ناگوار گذريو کي اجاگر ڪري رهي سهي ڪثر ڪڍي ....
    مونکي ته ڀائو ابراهيم ڪنڀر جي سوچ تي حيرانگي ٿي ٿي ته مثال جيڪي هن ڏنا آهن سي سڀ انگريز ليکن جا جيڪي وجود ۾ هن سنڌ سنڌيت جا ويري رهيا جن سنڌ کي پهريون نقصان سنڌ کي بمبي سان انتظامي حوالي ڪرڻ ۽ ان وچ ۾ هتي غير سنڌي پٺاڻ ۽ پنجابي کي آباد ڪري جاگيرون ڏيڻ ۽ ان کان پو هي ملڪ کي هن طرح جوڙائڻ جنهن ۾ به ابادي جي لڏپلاڻ شامل نه هئي ...
    سمجه جي ڳاله ته اسان تاريخ پڙهون ۽ پنهنجن سوره ڪردارن جي واکاڻ ڪري همث جو جهان جوڙيون نه ڪي ڪمزور پهلو کي اڀاري سنڌي قوم کي مشڪل ۽ نفسياتي سست روي ۾ ساڙيون .....
    هي امر جليل رسول بخش پليجو ۽ ان جهڙي سوچ ۽ موقف رکڻ وارا هن سنڌي قوم جا ازلي دشمن آهن ...ها منڇون ٿا ته امر سنڌي ڪتاب لکيا ڪهاڻيون گهڙيون ...پر انهن جي پڙهڻ کان پو ذهن ڇا ٿو ٺهي ۽ موقف ڪهڙو بيهي ٿو ...ڇا پنهنجو پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ طرف نه ٿو وڃي هڪ دفعو سڪون سان سوچي ڏسو پو اسان جي موقف جي مخالفت ڪريو ........... اميد ته ڳاله سمجه ۾ اچي وئي هوندي

    فقط

    سنڌي عوام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان پنهنجي ڳالهه لکو .... اوهان جو موقف سڄي سنڌي قوم جو موقف ناهي.
    اسان ۾ سچ ٻڌڻ جي همت ناهي رهي ۽ ٺلها نعرا هڻي پيا خوش ٿيون ... ڪاش اسان پنهنجي ڏاهن کي سمجهي سگهون
     
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين....ڪڏهن ڪڏهن ڏاها به پٽڙيءَ تا لهي ويندا آهن ـ هونئن ته کوڙ مثال آهن پر هتي رڳو هڪڙو مثال ڏيان ٿو: ڪنهن سنڌي ٽي وي چينل تي تقرير ڪندڙ اڪيلو ويٺل هجي، ٽي وي چينل ڏسڻ وارا به سو سيڪڙو سنڌي هجن ۽ پر پوءِ به لاڳيتي اردوءَ ۾ تقرير ڪجي ته ان کي ڇا چئبو؟ انهيءَ سلسلي ۾، مون تفصيلي پوسٽنگ ڪجهه وقت اڳ ڪئي هئي ـ مهرباني ڪري ٿڌي دل سان سوچي، پوءِ ئي جواب ڏجو ـ

    امر جليل جي باري ۾ منهنجو ڪالم روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ اڄ 21 اپريل 2016 تي ڇپيو آهي جيڪو سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي به رکيل آهي، جيڪڏهن موقعو مليوَ ته پڙهجو ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو