• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيد ساقي سهڻو سرور

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
سيد ساقي سهڻو سرور ،عشق جا اسرار ڏيکاري ٿو.
محبت ۾ مشتاقن ، طهورا جام پياري ٿو.

لقب ختم الرسل جنهن جو، آھي محمد ڀي احمد ڀي،
آھي اڙين آڌار اهل يثرب ،سوالين سنڀاري ٿو.

آھن سهڻا هزارين پر ، ناهي مٽ ڪو شاه بطحي ٰ جو،
قلب جنهن جا ڪنا ڪوجها، ڌوئي حضرت اُجاري ٿو.

جي هڪ سان هڪ ٿيڻ چاهين ، ٿي خاڪ پاءِ اهل يثرب جو،
نگاه ناز سان سُھڻو وطن وحدت ڏيکاري ٿو.

نه ڪر خوف ڪو خطرو اي عزيزا تون محشر جو،
وٺ دامن شاهِ طيبه جو، ٻڏل ٻيڙا اڪاري ٿو.


عبدالعزيز لغاري
 
Back
Top